سيد نور شاھہ

سيد نور شاھہ: سيد نور علي ولد سيد نظام الدين شاھہ 1921ع ڌاري ڳوٺ جروار ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. پيدائش کان اڳ هڪ درويش سندس والد سان مليو ۽ کيس چيائين تہ هن علائقي ۾ هڪ اهڙو گل پيدا ٿيندو، جيڪو ساري علائقي کي معطر ڪري ڇڏيندو، جنهن بعد سيد نظام الدين جي گهر ۾ هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن تي نور علي شاھہ نالو رکيو ويو. سندس والد کي ڪهڙي خبر تہ سندس ئي گهر ۾ پيدا ٿيل ننڍڙو نور وڏو ٿي علائقي جو نور بڻجي ويندو ۽ بزرگ جي ڪيل اڳڪٿي پوري ٿيندي!
سيد نور علي شاھہ سمجهہ ڀريو ٿيو تہ کيس مدرسي ۾ ويهاريو ويو، جتان هن پنھنجي والد کان قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي. ڏهن سالن جي عمر کان پوءِ سيد نور علي شاھہ درگاھہ مولوي عبدالغفور همايون شريف اچي مولانا ميان عبدالباقيءَ کان علم حاصل ڪرڻ لڳو. اٺن سالن بعد ديني علم مڪمل ڪري دستاربند ٿيو ۽ پنھنجي ئي مرشد ۽ استاد جي حڪم تي جيڪب آباد واري مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو، اتي ڪافي وقت ديني علم ڏنائين. 1947ع ۾ پنھنجي اصلي مسجد پير بخاريءَ جو پيش امام ٿيو. ان وقت اها مسجد ڪچين سرن سان ٺهيل هوندي هئي. سيد نور علي شاھہ هن مسجد کي پڪو ڪرايو ۽ ان جي وسعت ڪرائي، اعلى پيماني تي تعمير ڪرايائين. علائقي جي مخير زميندارن سيد بھرام خان کوسي ۽ مير مدد خان کوسي جي مدد سان شھر جي مرڪز ۾ موجود هن اهم مسجد جو ڪم 23 جنوري 1950ع تي سنڌ جي گورنر نواب شيخ دين محمد هٿان سنگِ بنياد رکڻ سان شروع ٿيو ۽ 28 جنوري 1951ع تي الحاج خواجہ ناظم الدين گورنر جنرل پاڪستان هٿان افتتاح سان مڪمل ٿيو. سيد نور علي شاھہ مسجد جي ڀرسان خالي پيل جاءِ تي هڪ مدرسو تعمير ڪرايو. پاڻ ان جو سربراھہ ۽ مسجد جو پيش امام رهيو. هن پنھنجي عمر جا تقريباً 55 سال ديني خدمت ۾ گذاريا. سيد نور علي شاھہ جي خدمتن کي ڪير بہ وساري نٿو سگهي. هن ٻهراڙين ۾ قرآني تعليم ڏيڻ لاءِ ڳوٺن ۾ مدرسا ۽ مسجدون تعمير ڪرايون. نور علي شاھہ کي مذهبي معاملن ۾ ملڪو حاصل هو.
هن بزرگ 14 جون 1994ع تي وفات ڪئي. کيس درگاھہ پير بخاريءَ (جيڪو سندس پڙڏاڏو آهي) ڀرسان دفن ڪيو ويو.


لفظ سيد نور شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو