سيد نور شاھہ (گائڪ): ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ڪافين ڳائڻ ۾ مقبوليت ماڻيندڙ، سيد نور شاھہ ضلعي قمبر جو رهاڪو هو. هٽڙيءَ جي شاعر ۽ ڳائيندڙ غلام شاھہ جو پٽ هو، جوانيءَ ۾ ٽنڊي الهيار ۾ اچي رهيو. ان کانپوءِ ٽنڊي غلام عليءَ ۾ مير محمد بخش وٽ رهيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين، اُتر ۾ ان وقت ڪافين ڳائڻ جي انداز موجب هُو يڪتاري ۾ ’ڪلواڙي‘ جي تار تي مٿي چوٽ واري آواز ۾ ڳائيندو هو. سيد نور شاھہ جو آواز تمام مٿي هو، پر ان کان وڌيڪ ڪلواڙي کي يڪتاري ۾ نهايت چٽو، مٺو ۽ سھڻو ڪيائين، جو نور شاھہ ڪلواڙو سڏجڻ لڳو. آچر فقير، نور شاھہ جو استاد هو، پر سيد جي ادب وچان ٻالڪو سڏائيندو هو ۽ ساڻس گڏ ڳائيندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب نور شاھہ جهڙي ’ڀيروي‘ اڄ تائين ڪنهن نہ ڳائي، مصرع سان موافق ڏوهيڙا ڏئي پوءِ مصرع کڻندو هو. ڀٽائي، سچل، غلام شاھہ ۽ ٻين گهڻن شاعرن جا ڪلام ياد هئس. نور شاھہ جي مشھور ٻالڪن ۾: محمد رازو خاصخيلي، ٽنڊي غلام علي جو ڇاڱو شيدي، مهرو مڱڻهار، منگهن ڀٽو، تيرٿ سوٽهڙ، بنگل شورو، فضل محمد لُنڊ، ياقوت شيدي، جمو ’چريو‘ ميراڻي، مجنو ٻالو، بچو شيدي وغيرہ شامل آهن.