
سيد نور محمد شاهه
سيد نور محمد شاھہ: سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سيد نور محمد ولد سيد مراد علي شاھہ پهرين جنوري 1911ع تي ضلعي نوابشاھہ ۾ ڄائو. هي سيد، مٽياري ساداتن جي ’ميان پوٽي‘ قبيلي مان هو. هن ابتدائي تعليم ڀريا جي سنڌي اسڪول مان حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ 1927ع کان 1933ع تائين ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. 1937ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ بعد نوشهري تعلقي مان پير قربان عليءَ جي مقابلي ۾ چونڊن ۾ بيٺو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. هي خانبهادر ايوب کهڙي سان تعلقات هئڻ سبب وزارت جو طرفدار ٿيو ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1938ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ نوابشاھہ جي اسڪول بورڊ جو چيئرمئن چونڊيو ويو. 1945ع ۾ نوابشاھہ ۾ زميندار بئنڪ قائم ٿي تہ هي ان جو چيئرمئن چونڊيو ويو. ورهاڱي کانپوءِ 1949ع ۾ يوسف هارون جي وزارت ۾ خوراڪ، زراعت ۽ ڪوآپريشن جو وزير ٿي رهيو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون نئين سر چونڊون ٿيون تہ هي وري مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو ۽ پيرزادي عبدالستار جي وزارت وقت وزير رهيو. سيد نور محمد شاھہ 1956ع تي سيد خيرشاھہ گروپ مان مغربي پاڪستان جي اسيمبليءَ تي ميمبر چونڊجي آيو ۽ ڪجهہ وقت ريپبليڪن پارٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. ان وقت هن کي فقيريءَ جي لھس لڳي وئي ۽ پوءِ باقي زندگي انهيءَ فقيراڻي رنگ ۾ گذارڻ لڳو.
سيد نور محمد شاھہ سياسي طرح نظرياتي بنيادن تي تحريڪن ۾ رهي، ڪم ڪرڻ جو عادي هو. هن ذاتي دوستن ۽ مقامي ماڻهن جي مصلحتن سان ملڪ جي سياست ۾ حصو ورتو.
جي. ايم. سيد لکي ٿو ته، ”سيد نور محمد شاھہ سياست ۾ ’آئي تہ روزي، ٽري تہ بلا‘ طور پئي ڪم ڪيو. پاڻ طبيعت ۾ ڪم آزار، يارويس، رلڻو ملڻو شخص رهيو. پاڻ ڪجهہ وقت هالن نون جي هڪ ڪوري بزرگ جي صحبت ۾ پڻ رهيو، جنهن کانپوءِ هن شاھہ عبداللطيف تي ڪي جايون ٺهرايون ۽ خير خيرات جا ڪم پڻ ڪيا.“
1911.01.01 عيسوي
سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سيد نور محمد ولد سيد مراد علي شاهه پهرين جنوري 1911ع تي ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو.