سيد ولايت شاھہ: سيد ولايت شاھہ جو شمار تيرهين صدي هجريءَ جي بزرگن ۾ ٿئي ٿو. سندس تعلق بخاري ساداتن سان آهي. ولايت شاھہ ۽ واصل شاھہ ٻئي پاڻ ۾سڳا ڀائر هئا. سيد ولايت شاھہ نقشبندي طريقي جو بزرگ هو. کيس خواجہ صفي ﷲ سرهندي حديدويءَ کان فيض حاصل ٿيو هو. کيس مرشد طرفان خلافت جو خرقو عطا ٿيل هو ۽ مرشد کيس شڪارپور ۾ پنهنجو مختيار بڻائي ويهاريو. سيد ولايت شاھہ جي مزار، جماڻي هال شڪارپور جي اوڀر طرف ميراڻي عيدگاھہ ۾ واقع آهي.