سيد ويڌل شاھہ موسوي

سيد ويڌل شاھہ موسوي: سيد ويڌل شاھہ ولد مريد علي شاھہ 22 جمادي الثاني 1289ھہ/ 27 آگسٽ 1872ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. سندس حسب نسب ميرڪ بايزيد الحسيني پورانيءَ سان ملي ٿو. سيد ويڌل شاھہ عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جي تعليم آخوند ميان عبدالله کان حاصل ڪئي. سيد ويڌل شاھہ ۽ سندس والد کي روهڙيءَ ۾ وڏي عزت ۽ احترام جي نگاھہ سان ڏٺو ويندو هو. انهيءَ ڏس ۾ صوفي سبحان بخش سجادہ نشين درگاھہ بيدل- ڪتاب ’پنج گنج‘ ۾ لکي ٿو ”جڏهن فقير محمد محسن بيڪس 1298ھہ ۾ رحلت فرمائي، تڏهن دستور موجب ٽئين ڏينهن وعظ واري مسجد ۾ بيڪس جي دسـتار فقير غلام لطيف کي ٻڌائي وئي، سيد ويڌل شاھہ ان وقت مسجد ۾ موجود هو.“
سيد ويڌل شاھہ جي والد سيد مريد علي شاھہ 19 شعبان المعظم 1298ھہ مطابق 18 جولاءِ 1881ع تي وفات ڪئي ۽ ان وقت سيد ويڌل شاھہ جي عمر اٽڪل ڏھہ ورهيہ هئي ۽ فقير غلام لطيف، جنهن کي بيڪس سائين جي پڳ ٻڌرائي پئي وئي، ٽن ورهين جو ٻار هو. سيد ويڌل شاھہ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ پرائمري استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. شاھہ صاحب 1891ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان ٽيون سال پاس ڪيو. پاڻ ميونسپل ورنيڪيولر اسڪول روهڙيءَ جو هيڊماستر ٿي رهيو. تعليم کاتي ۾ ترقي ڪندي ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي تان پينشن تي لٿو. هن تعليم کاتي ۾ اٽڪل ٽيھہ سال نوڪري ڪري پنھنجي باقي حياتي روهڙي شھر ۾ آرام ۽ سڪون سان گذاري ديوان مولچند ٺٽومل ’مسڪين‘ سيد ويڌل شاھہ جي باري ۾ لکي ٿو تہ: ”مسلمانن ۾ ميان ويڌل شاھہ موسوي اسان جو ماستر هو. سندس ايامڪاريءَ ۾ پڙهائي اهڙي هوندي هئي، جو اڄ بہ اسان کي ڪم اچي رهي آهي. انصاف پسند اهڙو هو، جو هن جي اڳيان غريب شاهوڪار هڪ هوندو هو. آهستي آهستي ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽري تي وڃي پهتو. سندس رهڻي ڪهڻي بلڪل سادي هئي. سندس در تان فقير هندو چاهي مسلمان خالي نہ موٽندو هو. 1917ع ۾ سکر ۾ ’انجمن حيدري‘ قائم ٿي. سيد ويڌل شاھہ انجمن جي بانيڪارن مان هو. 1925-26ع ۾ انجمن جو صدر ٿي رهيو. هن انجمن طرفان ڪيترا علمي ۽ مذهبي ڪتاب شايع ٿيا، جن جي اشاعت ۾ سندس وڏو هٿ هو. ان کانسواءِ پاڻ 1927ع ۾ ايران، عراق ۽ شام ملڪن جي مقدس مقامات جي زيارتن لاءِ وڃي ’زوار‘ ٿي آيو. کيس 1929ع ۾ ان وقت جي دستور مطابق سکر ضلعي جي ڪليڪٽر جي درٻار ۾ خاص ڪرسي حاصل ٿي. 1932ع ۾ ميونسپالٽي ۽ تعلقي لوڪلبورڊ جو ميمبر بہ ٿي رهيو. سيد ويڌل شاھہ تصنيف ۽ تاليف سان گڏ صحافت جي ميدان ۾ بہ پاڻ موکيو. روهڙي شھر مان ’صراطِ مستقيم‘ جي نالي سان سنڌي زبان ۾ هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو هئائين، جنهن جو پاڻ ايڊيٽر بہ ٿي رهيو. اُن ۾ وقت جي وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا مذهبي، تاريخي ۽ معلوماتي مضمون ۽ شعر ڇپجندا رهندا هئا. اُن رسالي ۾ خود شاھہ صاحب جا پنهنجا بہ ڪيترائي مضمون شايع ٿيا. سيد ويڌل شاھہ هن رسالي جي ذريعي سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هي رسالو امر پرنٽنگ پريس سکر مان ڇپجي روهڙي مان پڌرو ڪيو ويندو هو. شروع ۾ رسالي جو ايڊيٽر ٽنڊي آغا جو نامور عالم ميرزا مدد علي بيگ مدد هو، 1927ع جي آخر ۾ بند ٿي ويو. سندس ڪيترائي معلوماتي تاريخي مذهبي مضمون لکيل آهن.
سيد ويڌل شاھہ 74 ورهين جي ڄمار ۾ 14 رمضان المبارڪ 1365ھہ مطابق 12 آگسٽ 1946ع تي وفات ڪئي، کيس سکر پراڻي ۾ اباڻي قبرستان ويڌل شاھہ جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ سيد ويڌل شاھہ موسويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1872.08.27  عيسوي

سيد ويڌل شاهه ولد مريد علي شاهه 22 جمادي الثاني 1289هه/ 27 آگسٽ 1872ع تي روهڙيءَ ۾ جنم ورتو.


1946.08.12  عيسوي

سيد ويڌل شاهه 74 ورهين جي ڄمار ۾ 14 رمضان المبارڪ 1365هه مطابق 12 آگسٽ 1946ع تي وفات ڪئي، کيس سکر پراڻي ۾ اباڻي قبرستان ويڌل شاهه جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ فيصل
خليفو حاجي عبدالله
استاد ڪرم حسين
پير جهنڊو
پلي عبدالخالق عبد
ذهين شاھہ تاجي
پير ميان غلام مجدد
عبدالله خطاط
پلي محمد صديق
چنا محمد منير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون