سيد يار محمد شاهه

سيد يار محمد شاهه

سيد يار محمد شاھہ

سيد يار محمد شاھہ (اداڪار ): نامور اداڪار، ڊراما نگار ۽ هدايتڪار سيد يار محمد شاھہ ولد سيد مهدي شاھہ جيئنده پوٽا گهراڻي ۾، 22 نومبر 1947ع تي ضلعي ۾ مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم .اي ۽ پوليٽيڪل سائنس جي ڊگري ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي.تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪلارڪ طور نوڪري ڪيائين، تنهن کانپوءِ وڪالت شروع ڪيائين. هن نوجوانيءَ کان ئي اسٽيج پروگرامن ذريعي اداڪاريءَ جي ميدان ۾ پير رکيو ۽ ڪلچرل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌائين، جنهن جي پليٽفارم تان ڪافي اسٽيج پروگرام ٿيا، جن ۾: ٺڳيءَ جو ٺاھہ، اچ تہ خبر پوي، واھہ سائين واھہ، ڏکايل دليون، شادي تعدي،آذان ۽ آھہ- جھڙا ڊراما ڪافي مقبول ويا. سيد يار محمد شاھہ اسٽيج ڊرامن کانپوءِ ٽي .ويءَ تي پروگرام ڪيا ،جن ۾ مشھور مزاحيہ سنڌي پروگرام ’چهچٽو ‘۽ ’رس چس ‘ اداڪاريءَ جي حوالي سان سنڌ تي سطح تي سندس شھرت جا باعث بڻيا .انهن پروگرامن جا اڪثر خاڪا بہ سيد يار محمد شاھہ جا لکيل هوندا هئا .پي .ٽي .وي تي ڪيترا سنڌي ۽ اردو ڊراما بہ ڪيائين ،جن ۾ دل جي دنيا ،شڪست ،جنگل ،برزخ ،ڪاروان ،انتها ،لبيڪ ،انگاري شامل آهن .يار محمد شاھہ اداڪار طور سڄي ملڪ ۾ ڪافي شھرت رکي ٿو .کيس سندس فني خدمتن جي مڃتا طور پي .ٽي .وي اوارڊ ڏنو ويو .ان کانسواءِ هن سنڌي ٽي.وي چينلن: ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي وغيرہ تي بہ ڪيترا پروگرام ڪيا .اسٽيج ۽ ٽي .ويءَ کانسواءِ فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو، جن ۾ ’سب ڪي باپ‘ نالي فلم ۾ محسن خان ،معين اختر ۽ انيتا ايوب سان گڏ ولن جو مک ڪردار ادا ڪيائين .ان کانسواءِ هن ڌاڙيل محب شيديءَ تي فلم ٺاهي. اردو فلم ’عقابون ڪي نشيمن ‘۽ سنڌي فلمن ’علي گوهر ‘،’پرو چانڊيو ‘۽ ’سھڻا سائين ‘۾ بہ پنھنجي فن جو بھترين مظاهرو ڪيو. سيد يار محمد شاھہ، پاڪستان فلم پروڊيوسرز ائسوسيئيشن جو ٻہ ڀيرا مرڪزي صدر بہ چونڊيو ويو .هڪ ڀيرو 1997-1998ع ۾، ٻيو ڀيرو 2000-2001ع ۾،کيس ان تنظيم جو پهريون سنڌي صدر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هيءَ تنظيم پاڪستان سطح تي قائم آهي. ادبي حوالي سان بہ سيد يار محمد شاھہ ڪافي مشھور آهي. هن لکڻ جي شروعات ’آفتاب ‘ اخبار ۾ ’واھہ سائين واھہ‘ جي سري هيٺ ڪالم لکڻ سان ڪئي. ان کانسواءِ ’برساتاخبار ۾ ’چيڪ پوسٽ ‘ نالي سان سلسليوار ڪالم لکيا، جيڪي ڪافي مقبول ٿيا. سندس هڪ ڊرامو ’قاتل ڪير‘ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ سندس ڪهاڻيون ڇپيون آهن .سھڻي رسالي جو مستقل ليکڪ رهيو آهي.ڪاوش اخبار ۾ ’گلڻ جا گفتا‘ نالي ڪالم لکيائين.اخبارن ۾ هاڻي بہ سندس ڪالم ڇپجندا رهن ٿا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1)’سنڌي فلمن جو تاريخي سفر ‘، (2) ’جهونو جوڳي ‘ ۽ (3) ’گلڻ جا گفتا ‘ پڌرا ٿي چڪا آهن.


لفظ سيد يار محمد شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو