سيد گل حسن شاهه مجذوب

سيد گل حسن شاهه مجذوب

سيد گل حسن شاھہ مجذوب

سيد گل حسن شاھہ ’مجذوب‘: نامياري شاعر ۽ صحافي سيد گل حسن شاھہ ولد سيد قمر الدين شاھہ جو جنم 1910ع ڌاري عمرڪوٽ ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ۽ ديني تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. هن کي اردو، گرمکي، فارسي، عربي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين تي عبور حاصل هو، قيام پاڪستان کان اڳ جي اخبار ’زندگيءَ‘ جو ايڊيٽر رهيو، ان وقت عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر بہ هو. هن ادب ۾ لکڻ جي شروعات 1924ع کان ڪئي. سنڌي شاعرن ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، مصري شاھہ (نصرپور)، اردو ۾ بھادر شاھہ ظفر، اقبال ۽ غالب کان متاثر هو. سندس شمار ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، فيض بخشاپوري، غلام محمد گرامي ۽ ٻين همعصر شاعرن ۾ ٿئي ٿو.
هن 11 نومبر 1988ع تي وفات ڪئي. کيس ٽن پٽن ۽ ڇھن نياڻين جو اولاد آهي. سندس وڏو پٽ سيد رياض الحسن، ايڇ. ايس. ٽي، سيد قمر الحسن ايڊووڪيٽ ۽ سيد ضياء الحسن شاھہ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پروفيسر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو