سيد گل محمد شاهه لڪياري

سيد گل محمد شاهه لڪياري

سيد گل محمد شاھہ لڪياري

سيد گل محمد شاھہ لڪياري: سيد گل محمد شاھہ ولد سيد حاجي ولي محمد شاھہ لڪياري 25 جون 1917ع تي سيوهن ۾ پيدا ٿيو. والد صاحب جي وفات کانپوءِ لعل شھباز جي درگاھہ جو خدمتگار ۽ سجادہ نشين ٿيو. جيئن تہ سندس طبيعت بہ نرالي هوندي هئي، هر رنگ ۾ پورو هوندو هو. هن جي ظاهري طرح آمدني گهٽ ۽ خرچ تمام وڏا هوندا هئا. مهمان نوازي ۽ سخاوت ۾ مشھور هو. ڏڪر يا پيداوار گهٽ ٿيڻ ڪري هارين کي قرض ۽ ٻج وغيرہ معاف ڪري ڇڏيندو هو. سيد گل محمد شاھہ سياست ۾ بہ قدم رکيو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو ۽ ميونسپالٽي سيوهڻ جو صدر ۽ چيئرمئن پڻ ٿيو. 1960ع تائين پاڻ درگاھہ جو سجادہ نشين هو، ان بعد درگاھہ اوقاف کاتي جي سنڀال هيٺ آئي. شخصي طور وڏي دٻدٻي وارو شخص هو، جو انگريزن جي دور جا اسٽيشن ماستر گاڏي اسٽيشن تي بيهاري ڇڏيندا هئا ۽ جيستائين سيد گل محمد شاھہ گاڏيءَ ۾ سوار نہ ٿئي يا لھي اجازت نہ ڏئي، تيستائين گاڏي بيٺي هوندي هئي ۽ گارڊ جهنڊي نہ ڏيکاريندا هئا. حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي، سيد صادق علي شاھہ سبزواري، سيد موٽيل شاھہ سبزواري، سيد مراد علي شاھہ، پير صالح محمد شاھہ، رئيس علڻ خان لغاري، ملڪ سڪندر، رئيس پيرل خان شھاڻي ۽ سيٺ غلام حيدر ٻرڙو سندس گهاٽا دوست ۽ همعصر هئا. سندس مهمان خاني تي سدائين محفلون متيون پيون هونديون هيون. سيٺ قبول محمد لوهار سهتي سان سندس وڏو قرب هو ۽ ان وٽ وڃي ڪچهري ڪندو هو.
سيد گل محمد شاھہ لڪياريءَ 7 نومبر 1967ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، کيس سيوهڻ ۾ پنھنجي والد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. کيس 3 پٽن سيد محمد مراد شاھہ، سيد محمد صادق عرف حاجن شاھہ ۽ سيد بخش شاھہ سميت پنجن نياڻين جو اولاد هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.06.25  عيسوي

سيد گل محمد شاهه ولد سيد حاجي ولي محمد شاهه لڪياري 25 جون 1917ع تي سيوهن ۾ پيدا ٿيو.


1967.11.07  عيسوي

سيد گل محمد شاهه لڪياريءَ 7 نومبر 1967ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي، کيس سيوهڻ ۾ پنهنجي والد جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻانڀڻ
سعيد احمد اعواڻ
پير محمد اسماعيل جان سرهندي
حمزہ علوي
شاهنواز خان فيروزجنگ خطاب
خواجہ خورشيد انور
رئيس محمد اسحاق خان گبول
سليم سرهندي
شاھہ حسن
بڪيرائي مراد علي شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون