
سيد گوهر علي شاهه، صوفي
سيد گوهر علي شاھہ، صوفي: سيد گوهر علي شاھہ ولد سيد امير علي شاھہ 1816ع ڌاري درگاھہ نانگي شاھہ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. اڃا 5 سالن جو هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. قرآن ڪريم جي تعليم کانپوءِ پرائمريءَ جي تعليم حاصل ڪيائين، کيس فارسيءَ تي عبور حاصل هو. لکڻ پڙهڻ ۽ سفر جو کيس تمام گهڻو شوق هو. هن ملڪ کانسواءِ هندستان ۾ بہ اوليائن جي آستانن تي حاضريون ڏئي مشاهدا ڪيا. هميشہ سچل ۽ ساميءَ جا رسالا پاڻ سان گڏ رکندو هو.
سيد گوهر علي شاھہ صوفي، روايتي پيرن جي ابتڙ ڏن، پڳر ۽ ٽوڻي ڦيڻي جي هميشہ خلاف هو. سندس شخصيت جي سڃاڻپ ’عارف بالله‘ سان گڏ هيڪڙائيءَ جو حق بيان ڪندڙ آدرشي، عارفاڻي ۽ صوفياڻي شاعر واري هئي. سندس نقطهء نظر جو مرڪز ’پاڻ وڃائي پاڻ سڃاڻڻ‘ هو. وحدت الوجود جو درس سندس شاعريءَ جي هر سُر ۽ هر سٽ ۾ نظر اچي ٿو. سندس رسالو ’گوهر شاھہ جو گيان‘ (2004) ڇپيل آهي.
سيد علي گوهر شاھہ 74 ورهين جي ڄمار ۾، فبروري 1890ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ، ڪاريجا (3) ۾ آهي.