سيد ﷲ ڏنو شاھہ

سيد ڏنو شاھہ: ڏنو شاھہ'>سيد ڏنو شاھہ ولد سيد حيات علي شاھہ 24 ربيع الاول 1281ھہ/ 27 آگسٽ 1863ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم سکر مان حاصل ڪئي، پاڻ عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين جو بہ وڏو ڄاڻو هو، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ ملازمت جو سمورو عرصو نهايت ايمانداري، محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پورو ڪيائين، سون جي تعداد ۾ شاگردن کي تعليم ڏنائين، نهايت ئي خوش خلق ۽ خوش پوشاڪ شخص هو.
سيدالله ڏنو شاھہ ملازمت جي مشغوليءَ سان گڏ ڪتابن جو مطالعو پڻ ڪندو هو ۽ هڪ ذاتي لائبرري بہ قائم ڪيائين، جنهن ۾ ڇپيل ڪتابن سان گهڏ ناياب قلمي نسخا پڻ محفوظ هئا. تصنيف ۽ تاليف جو بہ ڪم ڪيائين. سندس تصنيف ٿيل ڪتابن مان: (1) سنڌ جي تاريخ،
(2) عليعه ابن ابي طالبعه جي سوانح حيات، (3) شجره موسوي سادات،
(4) شجره ڪلان، (5) اولاد سيد عبدالباقي پوراني- ڇپيل آهن.


لفظ سيد ﷲ ڏنو شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1863.08.17  عيسوي

سيد الله ڏنو شاهه ولد سيد حيات علي شاهه 24 ربيع الاول 1281هه/ 27 آگسٽ 1863ع تي سکر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عباسي پنجل
جوليان پال اسانج
خليفو غلام قادر
جلباڻي احمد علي خان
چوچڪ بيگم
عثمان مري حاجي
برڪت علي ڀٽ
خورشيد شبانه نقوي ڊاڪٽر
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي
عبدالمجيد جمالي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون