سيراج جي ٽڪري: پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ پنھنجي ڪتاب ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ ۾ سيراج جي ٽڪريءَ جو احوال هن ريت لکي ٿو ته، ”ڪوٽڏيجيءَ جي قلعي کان چئن ميلن جي مفاصلي تي اڀن شاھہ جي سامهون سيراج جي ٽڪري آهي. اُتي جي ڌنارن مال چاريندي ٺڪر جون ڪجهہ شيون لڌيون، جيڪي ڪافي آڳاٽي زماني جون هيون، انهن ڌنارن اهي شيون ان وقت جي خيرپور رياست جي حڪمران خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر کي ڏنيون، جن کي ڏسي مير علي نواز خان ان سيراج جي ٽڪريءَ جي کوٽائيءَ جو ڪم 1935ع ۾ پنھنجي نگرانيءَ ۾ شروع ڪرايو هو، پر ان وقت آثار قديمہ ۾ مهارت رکندڙ عملي جي ڪميءَ سبب اهو ڪم ڪنهن نتيجي نڪرڻ کان سواءِ بند ٿي ويو.“