سيراني خواجہ محڪم الدين

سيراني، خواجہ محڪم الدين: خواجہ محڪم الدين سيراني 1137ھہ/ 1725ع پاڪ پتن کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع ڳوٺ محب عليءَ ۾ کرل قبيلي ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو محمد عبدالله هو. روحاني فيض پنھنجي سئوٽ خواجہ عبدالخالق کان ورتائين، جيڪو خواجہ اويس قرنيءَ جي اويسي سلسلي جو هو. ٻارهن سالن جي عمر ۾ ابتدائي ديني تعليم حاصل ڪري پنھنجي مرشد سان گڏ دهليءَ روانو ٿيو، جتي پنھنجي تعليم مڪمل ڪيائين. ذڪر ۽ فڪر جي لحاظ کان پاڻ سلسله قادريه حنفيہ جو مشتاق هو. سڄي زندگي اڪيلو رهيو ۽ شادي نہ ڪيائين. سدائين سير ۽ سفر ۾ رهندو هو ۽ مرشد جي حڪم جي تعميل ڪندي ڪٿي بہ هڪ رات کان وڌيڪ نہ ٽڪيو، ان ڪري کيس ’سيراني‘ ۽ ’صاحب السير‘ سڏجي ٿو. دنياوي شين کان پري رهڻ ڪري کيس ’سلطان التارڪين‘ بہ چيو ويندو آهي.
سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سندس مجلسن ۾ سماع ٿيندو هو. سنڌ ۾ درگاھہ مڪان شريف (تعلقي ٽنڊي الهيار) جي بزرگ مخدوم عبدالحميد ٻوچڙائيءَ جي خدمت ۾ ڪجهہ عرصو رهيو ۽ هڪ ڪرڙ جي وڻ هيٺان هڪ جهوپڙي ٺاهي ذڪر فڪر ۾ رهيو. ان جهوپڙيءَ واري هنڌ کي اڃا تائين ’خانقاھہ‘ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو پنجاب ۾ سندس درگاھہ واري علائقي جو پڻ نالو آهي. ڪاٺياواڙ ۾ ڌوراجي بندر وٽ 6 ربيع الثاني 1197ھہ/1782ع تي حافظ ڪوڪي نالي شخص کيس زهر ڏئي شھيد ڪيو. سندس عمر 60 سال هئي. ڌوراجي ۾ سندس شهادت جي جاءِ تي بہ سندس درگاھہ قائم آهي. مزار خانقاه ضلعي بھاولپور ۾، سمه سٽه کان اوڀر طرف ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي، جتي سندس عاليشان مقبرو ۽ درگاھہ ٺهيل آهي، جتي هر سال 5 ربيع الثاني تي عرس ٿيندو آهي. موجودہ گادي نشين ميان صلاح الدين اويسي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو