سيرت نگاري

سيرت نگاري: ’سيرت‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ تہ عادت، گڻ، طريقو، طرز زندگي يا سوانح عمري آهي، پر عام طور تي هي لفظ ڪنهن شخصيت جي ذاتي ڪردار، حالات زندگي ۽ سوانح حيات لاءِ بہ استعمال ٿيندو آهي. اصطلاح ۾ سيرت مان مراد بالخصوص تعالى جي آخري نبي حضرت محمد صلي عليہ وسلم جي سوانح حيات، سندن اخلاق، ڪردار جي بيان جو مجموعو آهي. سيرت الرسول صلي عليہ وسلم جي تذڪري، بيان، تدوين، تـحـقـيق ۽ ترجمي جي شروعات پهرين صديءَ کان ٿي. حضرت بن الزبير (26-93ھہ/ 646-711ع) ۽ حضرت ابان بن عثمان غنيرضه (30-105ھہ/ 640-723ع) ابتدائي سيرت نگار هئا. ان کانسواءِ حضرت عروة جي مجموعي مغازي رسول صلي عليہ وسلم کي اهم ترين ماخذ جي حيثيت حاصل آهي. دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ سيرت النبي صلي عليہ وسلم جو ذڪر وسيع پيماني تي ٿيل آهي ۽ ايترا تہ ڪتاب ۽ رسالا لکيا ويا آهن، جو انهن جو ڳاڻيٽو ۽ شمار ممڪن نہ آهي. عالمي ادب، تاريخ جي ليکڪن ۽ سيرت نگارن رسول اڪرم صلي عليہ وسلم جي سيرت طيبہ کي ايتري تہ جامعيت ۽ تفصيل سان بيان ڪيو آهي، جو پاڻ سڳورن صلي عليہ وسلم جي زندگيءَ جو ڪردار ۽ جهلڪ پوري شان ۽ مرتبي سان محفوظ ڪئي وئي آهي.
ڪيترن سيرت نويسن تہ پنهنجيون زندگيون سيرت طيبہ جي تدوين ۽ بيان لاءِ وقف ڪري ڇڏيون ۽ اُهي پنھنجي پويان ايترو تہ علمي سرمايو ڇڏي ويا آهن، جو هر دؤر جو انسان پنھنجي دلچسپي مطابق سيرت مان استفادو ڪري پنھنجي زندگيءَ کي خوب سيرت بڻائي سگهي ٿو. مسلمانن کانسواءِ غير مسلم عالمن ۽ محققن بہ پنھنجي دلچسپي، علم ۽ ظرف مطابق سيرت النبي صلي عليہ وسلم کي بيان ڪري پنهنجن مثبت ۽ منفي جذبن ۽ ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ جو بہ سيرت پاڪ سان تعلق اوترو ئي قديم ۽ گهاٽو رهيو آهي، جيترو سنڌ ۾ اسلام جو پهچڻ ۽ تبليغ جي نتيجي ۾ سنڌ واسين جو ايمان جي دولت سان مالا مال ٿيڻ آهي. سنڌي نثر ۽ نظم ۾ سيرت جو مضمون صدين کان مڪتبن ۽ درسگاهن ۾ پڙهيو ۽ پڙهايو ويو آهي. لوڪ ادب ۾ پڻ سيرت النبي صلي عليہ وسلم کي خاص اهميت ۽ امتيازي حيثيت حاصل رهي آهي. سنڌي لوڪ ادب ۽ شاعريءَ جون ڪيتريون ئي صنفون رسول صلي عليہ وسلم جي شان مدح ۽سيرت لاءِ وقف ٿيل آهن. مولود شريف، نعت، مدح، منقبت، مناقبا، مناجات، معجزو، ٽيھہ اکريون وغيرہ شاعريءَ جون اهي صنفون آهن، جن ۾ سيرت النبي بيان ڪئي وڃي ٿي. هتان جي عالمن، ديني علوم ۽ سيرت جي علم کان منور ٿي نہ صرف اهل سنڌ کي فيض رسايو آهي، بلڪ عربستان ۽ ٻين ملڪن تائين وڃي قرآن، حديث، تفسير، سيرت جي علم کان روشناس ڪرايو آهي.
ٻيءَ صدي هجريءَ جي ابتدائي سيرت نگارن ۾ هڪ سنڌي عالم، محدث ۽ استاد ابو معشر نجيع المدني سنڌيءَ جو احوال ملي ٿو، جنهن سيرت نبوي صلي عليہ وسلم متعلق هڪ مستند ڪتاب ’مغازي الرسول‘ لکيو. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي د‍ؤر کان وٺي، اڄ تائين سيرت نبي صلي عليہ وسلم تي ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جديد سنڌي پريس جي ايجاد کانپوءِ جتي ڪتابي دنيا ۾ تيزي آئي آهي، اُتي سيرت جي ڪتابن جي اشاعت جو بہ طويل سلسلو شروع ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻهو پڻ دلچسپي وٺي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سيرت جي تاليف، تصنيف ۽ ترجمي جي سلسلي ۾ مسلمانن سان گڏوگڏ سنڌ جي هندن بہ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو شمار سنڌي سيرت نگارن ۽ مترجمن جي فهرست ۾ ڪرايو آهي، جيڪو سيرت نويسيءَ جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ روشن باب آهي. ڪيترن غير مسلم مفڪرن ۽ ليکڪن جا سيرت بابت رايا، مضمون ۽ ڪتاب بہ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي چڪا آهن. ان حوالي سان لالچند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ جو نالو ساراھہ جوڳو آهي.
سنڌيءَ ۾ سيرت النبيءَ تي ڇپيل ڪتاب تہ ڪافي گهڻا آهن، پر مشھور قديم ڪتابن جا نالا هي آهن: (1) قوت العاشقين‘ (از مخدوم هاشم ٺٽوي: 1715ع)، (2) محمد رسول عرف حضرت محمد جي حياتيءَ جو احوال‘ (لالچندر امرڏنو مل: 1911ع)، (3) اسلام جو پيغمبر (هوتچند ڏيئل مل جڳتياڻي: 1931ع)، (4) مير محمد عربي (امر لعل وسڻ مل هنڱوراڻي: 1947ع)، (5) پيغمبر اسلام (ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
(6) سيرة الرسول (ممتاز علي طيباڻي: 1935ع)، (7) سيرت رسول صلعم (مولوي نثار احمد (1938ع)، (8) رسول پاڪ (غلام محمد شاهواڻي: 1940ع)، (9) حيات النبي (حڪيم فتح محمد سيوهاڻي: 1914ع)،
(10) سيرت النبي (مولوي فضل احمد غزنوي: ٻہ جلد: 1944ع،
(11) سيرت محمدي (محمد عثمان ڏيپلائي: 1947ع).


لفظ سيرت نگاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو