سير دل (قلمي ڪتاب): هي ڪتاب مير عظيم الدين ٺٽوي، ٽالپري دور جي عظيم الشان شاعر ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي درٻار جي ’ملڪ الشعراء‘ جو لکيل آهي. هيءَ مثنوي مير عظيم الدين 1206هه/ 1791ع ۾ لکي مڪمل ڪئي، جنهن تي مير غلام علي مائل (جيڪو سندس سؤٽ هو) هڪ طويل قطعه تاريخ چئي، جنهن جو هڪ شعر هت ڏجي ٿو:
عجب سير دل نام نسخه بزيب
1206 هه
زالهام غيب آمد، اين خوش صدا
مير عظيم الدين هي مثنوي عشق بابت چئي آهي. مثنويءَ ۾ توحيد کانپوءِ عشق جي ماهيت بيان ڪئي وئي آهي ۽ ان کانپوءِ محبوب جي سراپا، جنهن ۾ مٿي جي وارن کان وٺي پيرن جي نَنهن تائين جي تعريف شاعريءَ ۾ ڪئي وئي آهي. مثنويءَ جو عروضي وزن ’مفاعيلن مفاعيلن فعولن‘ آهي. مثنوي ’سيرِ دل‘ ۾ ڪل 316 شعر آهن.
هن مثنويءَ جا ٻه نسخا دستياب آهن. هڪ نسخو پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتبخاني ۾ ۽ ٻيو ٽالپرن جي شاهي ڪتبخاني ۾ آهي. هي مثنوي اڃا تائين شايع نه ٿي آهي ۽ قلمي صورت ۾ موجود آهي.