سير واھہ/ ساروھہ (وهڪرو): سنڌ جي تاريخ جي اڀياس مان خبر پوي ٿي تہ شھدادڪوٽ واري جوءِ، آڳاٽن ايامن کان وٺي سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جو مرڪز پئي رهي آهي. ’ساروھہ‘ نالي هڪ قدرتي دريائي ڦاٽ يا وهڪرو، ڌرتيءَ جي هن ٽڪر مٿان اتر کان ڏکڻ طرف وهندو هو. تاريخي ماخذن توڙي عوامي روايتن مطابق هيءُ وهڪرو، ساڱرو/سار واھہ/سر واھہ ۽ سير واھہ جي نالي سان مشھور آهي. تاريخن ۾ ان کي سانگهرو درياھہ پڻ ڪوٺيو ويو آهي. هن وقت انهيءَ نالي سان قنبر-شھدادڪوٽ ضلجي جي قنبر ڪاڇي ۾ ’ساروھہ‘ نالي هڪ ڍنڍ بہ موجود آهي
هيءُ وهڪرو، بکر کان 100 ميل اُتر ۾ ڪنڌڪوٽ ڀرسان درياھہ جي مکيہ وهڪري کان ڇڄي موجودہ جيڪب آباد، شڪارپور، قنبر-شھدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن مان وهندو اٽڪل 180 ميل لتاڙي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان وهڪري جي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ ٻي ڪا بہ واھہ ڪا نہ هوندي هئي. تنهنڪري مٿين سمورن علائقن جا هيٺاهان پٽ، پوٺا ۽ ترايون ٻوڙي ڇڏيندو هو. توڙي جو موسم خشڪ هوندي هئي تہ بہ هيءُ پاسو ٻئي ملڪ کان ڪٽيل رهندو هو. درياھہ جي اٿل کان سواءِ منجهس بولان، لهڙي، ناڙي ۽ مولھہ نئين جو رائو پڻ اچي شامل ٿي ويندو هو. پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ان وهڪري کي ’اولهندو نارو‘ سڏي ٿو ۽ اهو وهڪرو هو 3000 ق.م جو ڄاڻائي ٿو. جيڪب آباد ضلعي ۾ گهوندڪ ڍورو (ڪشمور) ۽ سارهوند ڍنڍ (ڳرهي خيرو)، شڪارپور ضلعي ۾ ڍونگ بلاڪ (خانپور) ۽ قنبر-شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ربيع ڍنڍ (شھدادڪوٽ)، سير ڍنڍ (شھدادڪوٽ)، ڊرگهہ ڍنڍ (قنبر)، لنگهہ ڍنڍ (قنبر)، آتڻ ڍنڍ (قنبر)، ساروھہ ڍنڍ (قنبر)، حمل ڍنڍ (وارھہ) ۽ دادو ضلعي ۾ منڇر ڍنڍ هن قديم وهڪري جون يادگار آهن. ڳوٺ لانگهو (ميرو خان) تہ خود درياھہ جي لنگهہ جي پڪي ثابتي ڏئي ٿو.
هن وهڪري جي ٻنهي ڪنڌين سان گهاٽن ٻيلن، ڍنڍن، ڍورن ۽ ڇرن سان گڏ ماڻهن جون ڪيئي وسنديون پڻ هيون. هتان جي ايراضيءَ جا ماڻهو پنھنجي اُپايل اَن ۽ چوپائي مال مان پيٽ قوت ڪندا هئا. سندن علائقو پوکيءَ راهيءَ ا۾ ريان کيان هو ۽ جهنگلي جيوت توڙي مڇيءَ ماس جو بہ دن هو. انهن جو ملڪ گهڻو ڪري اهو ئي ’پراسياڻ‘ هو جنهن کي چندر گپت موريا جي هندي دربار جو يوناني سفير ’ميها سٿنيز‘، سنڌو نديءَ جو ڦٽل هڪ وڏو پيٽ سڏي ٿو.
اسان کي ڪيترين ئي صدين گذري وڃڻ کانپوءِ 16 صديءَ عيسويءَ ۾ مس مس وڃي ساروھہ جو ڏس پتو ملي ٿو. ان زماني ۾ هن درياهي ڦاٽ کي چانڊڪي پرڳڻي جا ماڻهو ساروھہ مان سيرواھہ نالي سان سڏڻ لڳا هئا. مٿئين ’سيرواھہ‘ جي لفظ (سير) متعلق ٽاڊ بہ پنهنجين لکڻين ۾ وضاحت ڪئي آهي. ان لفظ سان مشابهت رکندڙ هڪ ٻيو لفظ بہ آهي ’سر‘. هو ٻڌائي ٿو تہ سير لوڻ جاسن آهن يا پاڻيءَ جا اهي تلاءَ، جن ۾ برسات جي رُت ۾ ڀٽن تان پاڻي لھي اچي ترائيءَ ۾ گڏ ٿيندو هجي، جن کي هٿرادو بند ڏئي روڪي سگهبو آهي. جيئن نارائڻ سر يا ڪوٽيسر وغيرہ. جڏهن تہ ’واھہ‘ لفظ جي هندي ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي وهڻ، سرڪ ۽ هلڻ وغيرہ.
شهنشاھہ اڪبر پاران مقرر ڪيل بکر جو گورنر امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن جا سير واھہ بابت احوال وڌيڪ ڌيان لهڻن. نواب صاحب سن 1600ع ۾ پنھنجي پٽ سيد مير بزرگ جي اصلاح لاءِ ’تاريخ معصومي‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو جيڪو سنڌ جي تاريخ جي بنيادي ڪتابن مان هڪ آهي. نواب صاحب ان ۾ ’سيوي جا عجائبات‘ جي عنوان هيٺ لکي ٿو تہ: ”جيڪو واهڙ سيويءَ هيٺان لنگهي ٿو انهيءَ جو لنگهہ، گندرف جي پاڻيءَ مٿان معلوم ٿو ٿئي، تنهنڪري جيڪو بہ اهو پاڻي پيئندو آهي سو بيمار ٿيندو آهي ۽ اتي جي رهاڪن کانسواءِ جيڪي هريل آهن. ٻيا گهڻا انهيءَ بيماريءَ ۾ مري ويندا آهن. جيئن تہ سلطان محمود خان هر سال حفاظت ۽ چوڪيداريءَ لاءِ نوان ماڻهو موڪليندو هو. اهي ڪن ٿورن کان سواءِ اڪثر مري ويندا هئا. اڪبر بادشاھہ جي زماني ۾ اُٿل آئي، جا انهن گندرف جي چشمن کي وهائي ويئي يا ڍڪي ڇڏيائين. بهرحال هن وقت اها بيماري گهڻي گهٽ آهي. اهو پاڻي پنجاھہ ڪوهن جو مفاصلو طئي ڪري وڃيو، سر واھہ جي سرزمين تي گڏ ٿئي ٿو، ۽ اُتي پوک جي ڪم ٿو اچي ۽ جيڪو حصو پوک کان بچت ٿو ٿئي، سو سيوهڻ جي نزديڪيءَ واري منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿو. انهيءَ جي ڪناري تي پڻ ڊگها ۽ سنها نانگ گهڻا ٿين ٿا ۽ هن نانگ جو ڏنگيل ڪو ورلي بچندو آهي. اتي جا ماڻهو زالون خواھہ مرد نانگن جي آزار کان بچڻ لاءِ لاک جي ڪپڙي جون ڊگهيون ۽ ويڪريون شلوارون پهريندا آهن. انهيءَ زمين ۾ پوک کي پاڻي نہ ڏنو هئائون. تنهن تي جڏهن گهوڙو هلايوسين تہ وک وک تي نانگ نظر آيو. هوا سخت گرم هئي، تنهڪري پاڻيءَ جي ويجهو لھڻ ٿي چاهيوسين پر سپن جي ڊپ کان پري وڃي برپٽ تي لٿاسون. ٻيو تہ سيويءَ جي برپٽ ۾ قلعا ۽ آباديون هيون جيڪي ويران ٿي ويون آهن ۽ هاڻي انهيءَ سرزمين تي جهولو لڳندو آهي.“
يوسف ميرڪ ابن ابو القاسم نمڪين 1634ع ۾ مير معصوم بکريءَ کان ستت پوءِ سيرواھہ جو ذڪر ڪري ٿو. اهڙو ذڪر سندس تصنيف ’تاريخ مظهر شاھجھاني‘ ۾ پڙهي سگهجي ٿو. سيرواھہ بابت ’تاريخ معصومي‘ تان کنيل سندس بيان معلوم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ سندس بيان ۽ مير معصوم جي لکڻيءَ ۾ هڪجهڙائي موجود آهي.
يوسف ميرڪ لکي ٿو تہ: ”اهو پاڻي پنجاھہ ميلن کانپوءِ سرواھہ (سيرواھہ) جي سرزمين ۾ وڃي پوي ٿو، جيڪو پوکي راهيءَ جي ڪم اچي ٿو. وڌيڪ پاڻي منڇر ڍنڍ ڏانهن وڃي ٿو.“ يوسف ميرڪ کانسواءِ سن 1773ع ۾ سنڌ جي مشھور عالم ۽ تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽويءَ بہ درياھہ جي هن اوائلي وهڪري جو ذڪر پنھنجي تصنيف ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڪيو آهي. هو چوي ٿو تہ: ”سيرواھہ جنهن کي ’سرواھہ‘ چون ٿا، کيتيءَ جي ڪم اچي ٿو ۽ بچتو پاڻي منڇر جي ڍنڍ ۾ سيوستان جي ويجهو آهي، وڃي پوي ٿو. اڳئين وقت ۾ پاڻيءَ جي ڪناري تي پڻ مٿئين قسم جا گهڻا نانگ رهندا هئا، جن جو ڏنگيل ڪو ورلي بچندو هو. تنهن ڪري اتي جا ماڻهو سٿڻيون ڪشاديون ۽ ڊگهيون پهريندا هئا.“
مير علي شير کان پوءِ اي. ڊبليو. هيوز 1876ع ۾، ميجر راورٽي 1892ع ۾، ايڇ. ٽي. سورلي 1940ع ۾، ۽ لئمبرڪ 1964ع ۽ 1984ع ۾ اهي پرڏيهي ليکڪ ۽ تاريخدان آهن، جن جي لکڻين ۾ ٿورو گهڻو سيرواھہ واري هن آڳاٽي وهڪري جو نالو ملي ٿو.
سيرواھہ ۽ ان جي اوسي پاسي واري تر ۾ الڳ الڳ ذاتيون وسيل هيون. تاريخ جي ماخذن ۾ انهن ڪڙمن، قبيلن مان هيٺيون ذاتيون مليون آهن: بڙدي، مگسي، لاشاري، ڪٽومڙ، ابڙا، ديناري، لاکير، بڪيجا، داردشت، رند، ڊومبڪي، سانگي، سميجا، چانڊيا، ماڇي ۽ سيلرا وغيرہ. شھدادڪوٽ ويجهو سنڌ ۽ بلوچستان واري دنگ وٽ وسندڙ سيلرن جي ذات ۾ هڪ باڙو تہ اڄ تائين ’سير واهي‘ جي نالي سان مشھور آهي.
قنبر- شھدادڪوٽ ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ موجودہ ضلعي جي سرزمين ۾ ان زماني ۾ سنڌو درياھہ کانسواءِ هيٺيان وهڪرا ۽ ڦاٽ موجود هئا. گهاڙ واھہ، اولهندو نارو، ڪنڌڪوٽ وهڪرو، وارھہ وهڪرو ۽ شھدادڪوٽ وهڪرو وغيره، سنڌ جو هاڻوڪو وهڪرو 243 سال اڳ سن 1759-1758ع ڌاري وجود ۾ آيو ۽ پنھنجي اصلي وهڪري کان فقط ڪجهہ ميل ساڄي ۽ کاٻي پاسي بدليو آهي. سنہ 1869ع ۾ برطانوي سرڪار ان جي ٻنـهـي ڪـنارن کان پـنجـن مـيـلن (8 ڪلوميٽرن) جي وٿيءَ تي بند ٻڌائڻ شروع ڪيا، نہ تہ ان کان اڳ جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قنبر-شھدادڪوٽ ضلعن جي حدن تائين ٻوڏ جي صورتحال هوندي هئي. اهڙي وارتا ماڻهن 1942ع واري وڏيءَ ٻوڏ ۾ چڱيءَ طرح ڏٺي هئي، جنهن ۾ ٽن ضلعن جا اٽڪل 17 تعلقا ٻڏي ويا هئا.
ڀانئجي ٿو تہ ساروھہ/ سيرواھہ وارو ڄاڻايل ڦاٽ 1869ع واري زماني کان وٺي سُڪي ٺوٺ ٿي ويو. ان جي باوجود ان جي پيٽ ۾ برساتي ندين ۽ نئين جو پاڻي گڏ ٿيندو رهيو.
هن قديم درياهي وهڪري جي آخري پڄاڻي ان وقت ٿي، جڏهن 1932ع ۾ سکر وارن واهن جو نظام (سکر بئراج) عمل ۾ آيو. اهڙيءَ طرح درياھہ جي هن قديم ۽ تاريخي وهڪري ۾ اوچتي ڦيري سان وڏي تباهي ۽ بربادي ٿي ۽ جنهنڪري ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿيڻ لڳي. قدرتي آبپاشيءَ جو سرشتو، زراعت، رسنديون، ڳوٺ، شهر، اچ وڃ جا رستا، وڻ ۽ ٻوٽا تباھہ ۽ برباد ٿي ويا.
ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ قبو سعيد خان، ميروخان، سجاول جوڻيجو، قمبر ۽ وارھہ تعلقن واري ايراضين ۾ ساروھہ/سيرواھہ واري درياهي وهڪري جو سڪل پيٽ اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ان جي ٻنهي ڪنڌين سان سنڌ جي گم ٿيل تاريخ جون ڪيتريون ڪڙيون ڳولي سگهجن ٿيون.
سنڌ جو ناميارو اديب، جاگرافيدان ۽ محقق ايم. ايڇ. پنهور پنھنجي هڪ مقالي ’ سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمہ تي تحقيق ۽ اشاعت‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو تہ: ”پٿر جي اوزارن جو نئون دور ڪتل هيوڪ (ترڪي) ۾ 6000 ق.م ۾ شروع ٿيو ۽ عرب ۽ مصر جي درياهي ميدانن ۾ اهو 4500 ق.م ڌاري شروع ٿيو. پٿر جي اوزارن جو اهو نئون دور بولان درياھہ جي شاخن سان گڏ سنڌ جي هيٺائين ميدان (ڳڙهي خيرو، شهدادڪوٽ، حمل ڍنڍ ۽ گاج درياھہ) کان منڇر تائين پکڙيو هوندو. اتان وري اهو کيرٿر جبل جي هيٺئين حصي يا دادو ضلعي جي ڪوهستان، ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن ڏانهن وڌيو هوندو جتي سنڌو سڀيتا جي اوائلي وسندين جا آثار جھڙوڪ: واهي پانڌي، علي مراد، گورانڊي، غازي شاھہ، ڊمب بٺي، ارباب جو ٿاڻو، شاھہ جو ڪوٽڙيو، عثمان بُٺي، جهانگري، گهارو ٻيڙو، ڪرچاٽ، تؤنگ، ڍل، ڳوٺ حسن علي، نل بزار ۽ اورنگي بستيون آهن.“
رڳو شھدادڪوٽ تعلقي واري حوالي سان هڪ ڳالھہ جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي تہ ساروھہ واري وهڪري جي ٻنهي ساڄي ۽ کاٻي ڪپرن سان هيل تائين قديم دور جا اٽڪل 41 کن ننڍا وڏا ماڳ ڦٽوڙ لڀجي چڪا آهن. انهن مان ليمون جوڻيجو (سون ٿرڙو)، غفور شاھہ، ڌڱ، انگهہ، گلاب شاھہ جو دڙو، بگو دڙو، شاھہ پور دڙو، ڪڙڪ ٿرڙي، لاهوري ڪوٽ، سنڌو، نومڙين وارو دڙو، وڪئي جي ماڙي ۽ ميهڙ جو دڙو خاص اهميت وارا ماڳ آهن. ميرو خان، قمبر ۽ وارھہ تعلقن ۾ اهڙن آڳاٽن اهڃاڻن جو تہ ڪو انت ئي ڪونهي.
جتان جتان ساروھہ پنهنجو وهڪرو مٽايو يا ڇڏي ويو، اُتي ڪيتريون ڍنڍون، ڍوريون ۽ ترايون نروار ٿي پيون. شھدادڪوٽ تعلقي ۾ ميان شاھہ وسائي ۽ پتوجا شاخ جي وچ واري ڀاڱي ۾ سنڌوءَ جي انهيءَ ڦٽل پيٽ کي اڄ بہ واچي سگهجي ٿو. ان وهڪري کي هتان جا مقامي ماڻهو ’سير‘ جي نالي سان سڏيندا آهن، جڏهن تہ شھدادڪوٽ شھر جي ڏکڻ اولھہ طرف ميروخان تعلقي جي حدن ۾ اهو وهڪرو ’لانگهو‘ بہ ڪري سڏبو آهي. تعلقي شھدادڪوٽ ۾ ڊٺل پراڻن شهرن ۽ کنڊرن کي ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ علائقو ڍنڍن، ڍورن ۽ درياھہ جي پراڻن وهڪري وارن ليڪن سان ڀريو پيو آهي ۽ اڄ تائين بہ انهن ۾ پاڻي ڀريو پيو هوندو آهي.
ساروھہ/سيرواھہ جي پراڻي پيٽ ۾ نہ رڳو پکي ۽ مڇي موجود رهي ٿي، پر ان ۾ نانگ، ڪميون، ڳوهون، جهنگلي سيهڙ، مِرون، بگهڙ، گدڙ، جهنگلي ٻلا، نور، لومڙيون ۽ لُڌڙا بہ جام ملن ٿا. ميداني پکين ۾ وري ڪارڙا تتر، جابلو ڳيرا، پاريهر، ڳٽو، اڇڙا تتر، پٽ ڳيريون، باز ۽ تلور وغيرہ بہ جام آهن. 1994ع تائين هتي هرڻيون بہ ڏٺيون ويون آهن.