سير ڍنڍ-2: هيءَ ڍنڍ شھدادڪوٽ شھر کان اولھہ طرف 9 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ محمد بخش کوسي جي ڏکڻ پاسي ۾ موجود آهي. ان جي ايراضي اندازن چئن سو ايڪڙن کان بہ سرس ٿئي ٿي. اها سياري ۾ سھڻي لڳندي آهي. ويتر وڙ وڙ جا پکي ۽ ٻي جهنگلي جيوت ان جي سونهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيندي آهي. هتي مڇي بہ جام ماري وڃي ٿي. هن ڍنڍ تان جن پکين جو شڪار ڪيو ويندو آهي، تن ۾ نيرڳ، ڊگوش، ٻولاهي، ڦاراهو، ڳهڻو، بڊو، ٽيٽو، ڇاڙو، منگهہ، هنج، سامونڊي ڪرڙو، ٿري نيرڳ، کڙڳ، ڏوئڙ، ڪانئرو، پيئڻ پکي ۽ ٻيا شامل آهن.