سيسي تتر
سيسي تتر (پکي): هيءُ تتر جو هڪ قسم آهي. انگريزيءَ ۾ هن کي See- See Partridge ۽ اردوءَ ۾ ’سيسي تتر‘ چئبو آهي. هن خوبصورت پکيءَ جو سائنسي نالو Ammoperdix griseogularis آهي. هن پکيءَ جو تعلق Phasianidae خاندان جي ذيلي ڪٽنب Perdicinae سان آهي.
هن پکيءَ جي جسماني ڊيگهه 23 کان 27 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 39 کان 42 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي، جڏهن ته وزن (بالغ پکيءَ جو) اٽڪل 190 کان 225 گرام ٿيندو آهي. جسامت ۽ ظاهري ڏيک ۾ هيءُ تتر گلابي سرخي مائل ميٽائي رنگ جي بخملي بدن، کنڀن ۽ ڦڪي رنگ جي هيٺاهين حصي سان ننڍي چڪور جهڙو لڳندو آهي. نر تتر جو مٿو نيراڻ مائل سرمائي رنگ جو هوندو آهي. هن جي اکين تي اڇي ۽ ڪاري رنگ جون ويڪريون پٽيون ٿين ٿيون، جيڪي اڳينءَ ڪلنگيءَ کان ويڪريون ۽ اک جي پٺئين پاسي کان سوڙهيون ٿينديون آهن. هنن جي ڪنن جو هيٺيون حصو ڪاراڻ مائل سليٽي رنگ جو، ڳچيءَ جا ٻئي پاسا اڇي ۽ سليٽي رنگ جي ننڍن ٽٻڪن سان ڀريل، ڇاتيءَ جو مٿيون حصو معمولي گهرو گلابي ۽ پيٽ جو هيٺئين حصي کان ويندي ڪک ۽ پاسن تائين، ڊگهائيءَ ۾ عمودي ڪارين حاشين سان سرخي مائل ملائي رنگ جو ٿيندو آهي. ڪاري رنگ جون هي لڪيرون افقي سطح تي وڌيڪ چٽيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. مادي سيسي تتر جو رنگ ڪلنگيءَ وٽان ڳاڙهاڻ مائل ڀورو، پٺيون پاسو آرپار ليڪن کانسواءِ سليٽي رنگ جو، نڙگهٽ ۽ ڳچيءَ جا ٻئي پاسا اڇا ۽ گهري سليٽي داغن سان، ڇاتي گلابي ميٽائين رنگ جي، جنهن تي نر جي مقابلي ۾ ماديءَ کي ڪک تائين ليڪون گهٽ هونديون آهن. مادي تتر کي دنب وٽ هڪ نمايان ڪاري ليڪ هوندي آهي. نر ۽ مادي ٻنهي جي چهنب، ڄنگهون ۽ چنبا تيز گيڙو رنگ جا ٿين ٿا ۽ اک جي پتليءَ جو رنگ چمڪيلو پيلسرو هوندو آهي. آرام جي وقت هيءُ پکي ننڍن گولائي دار پرن کي گهڻي ڀاڱي بازو پوش ۾ لڪائي ويهندو آهي. ساڳيءَ ريت ننڍي گولائين پڇ کي پڻ ڍڪي ويهندو آهي، پر اڏام وقت سندس پڇ مسلسل نظر ايندو آهي.
سيسي تترن جو وڏو انگ بلوچستان جي مٿانهن علائقن، سنڌ ۾ ڪوهستان، کيرٿر ۽ ٻين غيرآباد جابلو علائقن، پنجاب ۾ لوڻ جبلن ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪوٽاهه جي ڏکڻ طرف سخت جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿو. سنڌ ۾ هي پکي، ڪراچي (گڏيجي آبشار) جي اتر اولهه ۾ موجوده کيرٿر جبل ۽ ان سان لاڳاپيل سلسلي جو مقامي پکي آهي. ان کانسواءِ بلوچستان جي ڏاکڻي علائقي نوشڪيءَ (nushki) جي آسپاس ۽ بلوچستان جي اولهه طرف جابلو علائقي ٽوباڪاڪڙ (Tobakakar) ۾ ڪثير تعداد ۾ ملن ٿا. هن کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ماڻهو گهرن ۾ پاليندا آهن.
هي تتر عموماً جوڙين يا گروهن جي صورت ۾ هلندي نظر ايندا آهن. اڏامڻ جي ڀيٽ ۾ هلڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. مختصر پنڌ تي ٿوري وقت لاءِ اڏامندا آهن.
سيسي تتر جي خوراڪ ڀاڄين، پنن، گاهن جي ٻج، وڻ جي ساين ٽارين، رسدار ميون (ٻيرن وغيره) ۽ جيتن تي مشتمل آهن. مقامي سيسي تتر، ٻين تترن ۽ چڪور وانگر اونهاري ۾ مٿانهن علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ بدران اتي ئي رهڻ پسند ڪندا آهن. مادي تتر هڪ ئي وقت 8 کان 14 يا وڌ ۾ وڌ 16 بيضا لاهيندي آهي، جيڪي اڇاڻ مائل ملائي رنگ کان پيلسري ڦڪي رنگ جا ٿين ٿا. بيضن جي مٿاڇري سطح بي داغ هوندي آهي. هن جي آري جو عرصو ايڪيهه (21) ڏينهن هوندو آهي، جنهن دوران نر سيسي تتر، ماديءَ سان ويجهڙائيءَ ۾ رهندو آهي.
عام طور هي تتر سڄو ڏينهن ٻوليندا آهن، پر صبح ۽ شام جي پهرن ۾ مسلسل ٻوليندا آهن. سيسي تتر ٽن کان چئن منٽن تائين لاڳيتو ٻولي سگهندا آهن. هن تتر جو گوشت کائڻ ۾ لذيذ هوندو آهي.