سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي خيالي تصوير

سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي خيالي تصوير

سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو

سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو: بديع الجمال جو قصو'>سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو هڪ رومانوي داستان آهي، جنهن جو فارسي ادب ۾ تذڪرو موجود آهي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جا لوڪ داستان‘ (19) ۾ هن قصي کي درج ڪيو آهي، جنهن ۾ هن 12 روايتون بيان ڪيون آهن، جن ۾ تاريخ طاهريءَ ۾ ڇپيل منظوم قصو ۽ سيف الملوڪ سرائيڪي لطف عليءَ جو بيان ڪيل قصو به شامل آهن. 11 روايتون هن قصي کي مصر جي شهزادي ۽ دوشيزه جي رومانوي داستان سان ڳنڍين ٿيون، جڏهن ته تاريخ طاهريءَ (فارسيءَ) وارو قصو سنڌ سان وابسته ڄاڻايل آهي.
سيف الملوڪ سومرا دور جو مشهور وڻجارو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ ٻيڙن ذريعي واپار ڪندو هو، جنهن جي زال ’بديع الجمال‘ انتهائي خوبصورت هوندي هئي (جنهن کي ڪن روايتن ۾ پري به لکيو ويو آهي)، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وقت جي حاڪم دلوراءِ سومري محصول جي بهاني سندس ٻيڙا روڪيا هئا. سيف الملوڪ کيس محصول ڏيڻ چاهيو، پر دلوراءِ ڪيترن ئي مختلف طريقن سان قافلي کي تنگ ڪندو رهيو. سيف الملوڪ جو قافلو دلوراءِ جي حڪم تي رڪيل ئي هو ته رات ٿيڻ کانپوءِ درياهه ۾ هڪ جاءِ وٽان اوچتو ڦاٽ پيو، جيڪو قافلي لاءِ ڀڄي نڪرڻ جو ذريعو بڻيو. پوءِ سيف الملوڪ پنهنجو قافلو وٺي ان ڦاٽ ذريعي اڳتي پراڻ ڍوري سان وڃي مليو ۽ ان رستي سندس قافلو رات جي اوندهه ۾ لاڙ پهچي ويو. جڏهن سندس ٻيڙا آمريءَ جي گهيڙ وٽ پهتا، تڏهن کيس خبر پئي ته هتي جي وڻن کي لاکي ڦلاڻيءَ اوڍاڻي ڏني هئي، تڏهن پاڻ ننڍا ننڍا زيور ٺهرائي وڻن کي پارائي ڇڏيائين. پوءِ سيف الملوڪ لاڙ واري پاسي رهيو. سندس باقيات جا نشان پراڻ ڍوري جي کاٻي ڪپ تي پتڻ ڀرسان ملن ٿا. سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جون قبرون جسيرل جي ڀڙي تي تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ موجود آهن.
سيف الملوڪ ڍنڍ جي حوالي سان منسوب ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ کان جدا روايتون به آهن.
سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جي قصي بابت سنڌو ماٿريءَ جي مٿانهين پٽ ۾ هڪ مختلف روايت آهي ته اهو هزاره خطي جو هڪ ڪلاسيڪي قصو آهي، جنهن کي اتان جي هڪ شاعر ميان محمد بخش پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي، جنهن جو عنوان ’سيف الملوڪ‘ آهي ۽ اها شاعري پهاڙي/ هندڪو ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن کي هزاره، پوٺوهار ۽ ڪشمير جي علائقن ۾ وڏي مقبوليت حاصل آهي. اتي مروج قصو بالاڪوٽ جي هڪ اديب احمد حسين مجاهد، اردوءَ ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن جو تت هن ريت آهي:
. . . . چون ٿا ته جڏهن حضرت يوسفعه کان ڪنهن پڇيو ته توهان کانپوءِ دنيا ۾ سڀ کان سهڻو مرد ڪير ٿيندو ته پاڻ ٻه مهرون ٺهرايائين، جن تي تصويرون اڪريل هيون ۽ چيائين ته منهنجي پوين مان جنهن وٽ اهي مهرون ڏسو ته اهو مون کانپوءِ سهڻو مرد هوندو. گهڻن سالن کانپوءِ شهزادي سيف الملوڪ کي اهي مهرون مليون ته انهن مان هڪ تي سندس تصوير هئي ۽ ٻيءَ تي شهزادي بديع الجمال جي تصوير هئي. ان کي ڏسڻ سان سيف الملوڪ کي ان سان پيار ٿي ويو ۽ ان جي ڳولا ۾ نڪري پيو. ڪنهن درويش جي ڏس ڏيڻ تي هو سيف الملوڪ ڍنڍ واري مقام تي آيو، جنهن وٽ نه ڪو وڻ ٽڻ هو، نه ڪو کاڌو پيتو. ڏکيا سکيا 12 سال انتظار ۾ گذارڻ کانپوءِ نيٺ هڪ ڏينهن هڪ پري ساهيڙين سان گڏ ان ڍنڍ تي وهنجڻ لاءِ اچي لٿي. اها پري بديع الجمال هئي (جنهن کي ڪن روايتن ۾ بدر الجمال به لکيو ويو آهي)، اتي سيف الملوڪ کي خبر پئي ته هن پريءَ جو روح اتان جي سڀ کان اتانهين چوٽيءَ واري جبل تي رهندڙ راڪاس وٽ قيد ٿيل آهي. بهرحال وڏيون جنگيون جوٽڻ کانپوءِ سيف الملوڪ ان راڪاس کي ماري مڃايو، پر ان راڪاس، پريءَ جا پَرَ لڪائي ڇڏيا هئا، جنهن تي هوءَ ڪجهه پريشان ٿي. پر پوءِ سيف الملوڪ کيس پنهنجي پيار جو يقين ڏياري شاديءَ تي آماده ڪيو. اتي پربتن تي هڪڙو ’سفيد ديو‘ به رهندو هو، جيڪو پڻ بديع الجمال سان پيار ڪندو هو، جنهن کي جڏهن اها خبر پئي ته هن جي شادي سيف الملوڪ سان پئي ٿئي ته هن هڪ وڏي رڙ ڪئي، جنهن سان جبلن جي وچ ۾ ڍنڍ واري جاءِ ٺهي وئي ۽ سندس وهندڙ لڙڪن مان اها ڍنڍ ڀرجي وئي. تڏهن کان ان ڍنڍ تي ’سيف الملوڪ‘ جو ۽ ان جبل تي ’ملڪا پربت‘ (پريءَ جو) نالو پئجي ويو.


لفظ سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو