
سيف الله خان مگسي
سيف ﷲ خان مگسي: نواب سيف ﷲ خان ولد محبوب خان مگسي، 1924ع ڌاري شھدادڪوٽ ۾ ڄائو. سندس وڏن جو تعلق جهل مگسيءَ سان هو. نواب قيصر خان مگسي (اول) سندس جد امجد هو، هن خاندان خانبهادر پير بخش کهاوڙ (اول) جي زماني ۾ شھدادڪوٽ ۾ سڪونت اختيار ڪئي.
نواب سيف ﷲ نهايت قابل ۽ پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سياست ۾ آيو ۽ پنھنجي خداداد صلاحيتن سان قومي سياست ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين. نواب محبوب علي خان مگسي پنھنجي فرزند جي اعليٰ ذهانت ۽ لياقت ڏسي پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي مگسي قبيلي جي پڳ کيس ٻڌائي قبيلائي جرڳن ۽ فيصلن ڪرڻ جا اختيار سندس حوالي ڪيا، جنهن کان پوءِ نواب ﷲ خان مگسي'>سيف ﷲ خان مگسي پنھنجي گهڻ رُخي شخصيت ۽ ڪردار سببان وڏي مقبوليت ماڻي. هو شھدادڪوٽ ۽ ميرو خان تڪ تان ٻہ ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.
نواب سيف ﷲ خان جي هر دلعزيزيءَ سبب سندس دوستن جو هڪ وسيع حلقو هو. انهيءَ حلقي ۾ ٻين نامور شخصيتن سميت ذوالفقار علي ڀٽو بہ شامل هو. نواب سيف ﷲ خان جا فيصلا مشھور هئا. بلڪ سندس وڏن وانگر ’ضرب المثل‘ سمجهيا ويندا هئا. سندس بنگلي تي سوين ماڻهو پنهنجا مسئلا کڻي ايندا هئا، هو سڀني جا مسئلا ٻڌندو هو ۽ انهن جو ٿڏي تي تدارڪ ڪندو هو.
نواب سيف ﷲ خان کي جوانيءَ ۾، 11 اپريل 1969ع ۾ شھيد ڪيو ويو. کيس پنھنجي اباڻي قبرستان واقع جهل مگسيءَ ۾ دفنايو ويو. سندس جوانيءَ ۾ شهادت تي مگسي قبيلي سميت ٻين قبيلن کي وڏو صدمو رسيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽي، نواب سيف ﷲ خان جي دوستيءَ کي هميشہ زندھہ رکڻ خاطر ’سيف ﷲ ڪئنال‘ کڻايو. هن تاريخي ۽ يادگار رٿا سميت شھدادڪوٽ ميونسپل ڪائونسل طرفان شھر جي ڏکڻ طرف لاڙڪاڻي روڊ تي ’شھيد سيف ﷲ گيٽ‘ بہ ٺهرايو ويو آهي.
نواب سيف ﷲ خان جي وڏن مان نواب گل محمد خان ’زيب‘ ۽ مير يوسف عزيز خان مگسي (وفات: 31 مئي 1935ع) پنھنجي دور جا وڏا سياستدان، مدبر ۽ سنڌيءَ سميت فارسيءَ جا قادرالڪلام شاعر هئا. ’زيب‘ جا ڪيترائي ديوان لکنؤ پريس انڊيا مان شايع ٿيا، جن ۾ ’عالم پنج گلدسته‘ (فارسي) ۽ ’مخمسات زيب‘ (فارسي) سرفهرست آهن.
نواب سيف ﷲ خان مگسيءَ کي نريني اولاد ۾ 7 فرزند: مير ذوالفقار علي خان، مير طارق علي خان، مير نادر علي خان، مير اڪبر علي خان، مير خالد علي خان، مير عامر علي خان ۽ مير ظفر علي خان آهن، جن جي رهائش شھدادڪوٽ ۽ جهل مگسي شھر ۾ آهي. نواب سيف ﷲ خان جي پڳ سندس وڏي فرزند نواب ذوالفقار علي خان مگسيءَ تي رکيل آهي. مير ذوالفقار علي خان مگسي، بلوچستان جو وڏو وزير ۽ گورنر بہ رهي چڪو آهي. نوابزادو مير نادر علي خان مگسي، سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ڪيترا ڀيرا ايم. پي. اي ۽ صوبائي وزير رهي چڪو آهي. نوابزاده مير طارق علي خان ۽ نوابزاده عامر علي خان مگسي (ايم. اين. اي) سينيٽر رهيا آهن، نوابزاده مير خالد علي، جهل مگسيءَ جو ضلعي ناظم رهيو آهي. مير اڪبر علي خان ۽ مير ظفر علي خان زمينون سنڀالين ٿا. نواب ﷲ خان مگسي'>سيف ﷲ خان مگسي ءَ جي سمورن فرزندن جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان آهي.