سيف ﷲ ميربحر

سيف ميربحر: هي اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ داروغي جي عهدي تي فائز هو. بادشاھہ جي دکن پهچڻ تي هن کي خان جو لقب مليو. عالمگيري جلوس جي اٺاويهين سال انهيءَ عهدي تان معزول ٿيو. جڏهن شاھہ عالم بھادر اجمير مان محمد اڪبر جي تعاقب ۾ روانو ٿيو تہ هي بادشاهي درٻار مان جنگ جا ڪجهہ حڪم شھزادي کي پهچائڻ لاءِ مقرر ٿيو. هن جو وڏو پٽ مير اسد جنوني ڪيفيت وارو هو. هڪ غلطيءَ سبب هن تي عالمگيري عتاب بہ ٿيو ۽ هن کي مڪي ڏانهن روانو ڪيو ويو. حج ڪرڻ کان پوءِ بادشاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کيس هڪ اهم منصب تي فائز ڪيو. لکنا واري قلعي جي محاصري وقت هي مورچن تي پهچي خبرون آڻيندو هو، جنهن ڪري پيءُ وارو لقب ’خان‘ کيس مليو ۽ سندس عهدي ۾ بہ اضافو ٿيو. ميربحر'>سيف ميربحر عالمگيري جلوس جي 29هين سال وفات ڪئي.


لفظ سيف ﷲ ميربحرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو