سيليوڪس Seleucas
سيليوڪس (Seleucas): سيليوڪس، سڪندراعظم جو هڪ ناميارو امير ٿي گذريو آهي. سڪندراعظم جڏهن سنڌ ۾ شڪست کائي واپس بابل پهتو، تڏهن وڌيڪ فوجي مهمن جي تياريءَ جو حڪم ڏنائين. فنيقيا وارن کي طاقتور ٻيڙن جي تياريءَ جو حڪم ڏنائين ۽ پاڻ فرات جو سفر ڪيائين. فرات جي ناخوشگوار هوا سبب سڪندر بيمار ٿي پيو. مٿس دوائن ڪو به اثر نه ڪيو ۽ هو وڌيڪ بيمار ٿيندو ويو. جيستائين گفتگو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هو، اوستائين فوجي تيارين ۽ ڪاهن بابت حڪم ڏيندو رهيو. ٽيهن سالن جو نوجوان سڪندراعظم پنهنجي عظمت جي اوج تي هو، جو 323 ق. م ۾ فوت ٿي ويو. ان بعد سڪندر جي جاءِ نشينيءَ (وراثت) جو معاملو پيدا ٿيو. سندس اولاد ۾ ڪو به اهڙو جوان نه هو، جو بادشاهه ٿي سگهي، ان ڪري بادشـاهـت جي معاملي تي ڦڏو شروع ٿي ويو. مختلف اميـر تخـت ۽ تـاج جـي دعـويـداري ڪـرڻ لڳا، جـن ۾ (1) پـرديڪاس، (2) فلپ اريده (Atthidaeus)، (3) اينٽي گونس، (4) اينٽي پيٽر، (5) بطليموس، (6) سيليوڪس، (7) ڪسانڊر ۽ (8) يومي نس اچي وڃن ٿا.
جاءِ نشينيءَ جو مسئلو جنگ کانسواءِ حل ٿيڻ ممڪن نه هو. ان پس منظر ۾ بادشاهت جا سڀ دعويدار گڏجي ويٺا. دعويدارن پنهنجي پنهنجي حق ۾ دليل ڏنا. صلاح مصلحت بعد راءِ بيٺي ته سڪندر جي گهرواري رخسانه حمل سان آهي. انتظار ڪجي ته هوءَ وارث کي جنم ڏئي. البت ان وچ ۾ صلاحڪار ڪائونسل ٺاهجي ۽ ان جو اڳواڻ سڪندر جو سوٽ فلپ اريده هجي. ان راءِ تي اتفاق ٿي ويو. ٻيو امير، جنهن کي سڪندر مرڻ وقت پنهنجي مهر ڏني هئي، ان جو نالو ’پرديڪاس‘ هو، ان کي سلطنت ۾ نائب جو عُهدو ڏنو ويو. بطليموس کي مصر جو حاڪم رهڻ ڏنو ويو. لاميدن کي سوريه جي حڪمراني ڏني وئي، ميڊيا (ميڊيا) جي حڪومت پي ٽون کي، ’ڪاپادو ڪيا‘ جي حڪومت اومن کي ۽ ڪيليڪيا جي حڪومت اينٽي گونس کي ڏني وئي. آذر بائيجان کي آذر باد جي حوالي ڪيو ويو. خراسان تي پوڪستاس ۽ بابل تي سيليوڪس کي حڪمران مقرر ڪيو ويو.
پرديڪاس جو خيال هو ته سڪندر اعظم جا سڀ فتح ڪيل ملڪ هڪ مرڪز جي تابع رهن، پر بطليموس پنهنجي خودمختياريءَ جي تياري شروع ڪري ڇڏي. پرديڪاس جڏهن سلطنت جو نائب بنيو، تڏهن سڪندر جي ويجهي امير اينٽي پيٽر جو قرب حاصل ڪرڻ لاءِ سندس ڌيءُ سان شادي ڪيائين. ان بعد سڪندر جي ڀيڻ قلوپطره سان به شادي ڪيائين ته جيئن حقيقي معنيٰ ۾ تخت ۽ تاج جو مالڪ بنجي سگهي.
ٻئي طرف بطليموس جي خودمختياريءَ جو ٻُڌي، پرديڪاس مصر تي فوجي چڙهائيءَ جو حڪم ڏنو. فوج ڪشيءَ ۾ کيس ناڪامي نصيب ٿي. پرديڪاس جي فوج نيل درياهه پار نه ڪري سگهي. بعد ۾ فوجين بغاوت ڪري پرديڪاس کي قتل ڪري ڇڏيو.
ان بعد عظيم يوناني بادشاهت ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا. هوڏانهن سيليوڪس بابل ۾ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو. پي ٽون کي ٻيهر ميڊيا جو حڪمران مقرر ڪري موڪليو ويو ته هن به ڪوشش ڪري خراسان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خراسان جي حاڪم پوڪستابس کي هيءَ خبر ملي ته هن پي. ٽون کي ملڪ مان ڊوڙائي ڪڍيو. ان بعد پوڪستابس بابل وڃي سيليوڪس جي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 286 ق. م ۾ سڪندر جي ٻن اميرن ’اينٽي گونس‘ ۽ ’يومي گونس‘ ۾ دنگل ٿيو. يومي گونس ايشيا ڪوچڪ (ننڍي) ۾ اڃا به سڪندري تخت جو وفادار هو، البت ’اينٽي گونس‘ کي هيءَ ڳالهه نه وڻي.
ان ئي دؤر ۾ شاهي خاندان جومعتبر محافظ اينٽي پيٽر مري ويو. وصيعت موجب هڪ فوجي ’پولي پرچن‘ سندس جاءِ نشين بنجي ويو. ان ڪري اينٽي پيٽر جو پٽ ڪسانڊر جاءِ نشينيءَ کان محروم ٿي ويو. ان سبب کيس ڏاڍي تڪليف پهتي ۽ انتقامي جذبي تحت اينٽي گونس سان وڃي مليو. بعد ۾ اينٽي گونس ۽ يومي نس مختلف ارادن ۽ مُهمن جي نيت سان، بابل جي سيليوڪس سان وڃي مليا. سيليوڪس جي حڪم تي اينٽي گونس ’شوش‘ تي حملو ڪيو. ڪارون درياهه پار ڪري اڳتي وڌيو ته يومي نس سندس رستو روڪيو ۽ اينٽي گونس شڪست کاڌي. ڪنهن محاذ تي ٻئي آمهون سامهون ٿيا. يومي نس جي ماڻهن غداري ڪري کيس اينٽي گونس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان ريت يومي نس مارجي ويو. اينٽي گونس جا ارادا خطرناڪ هئا. هن ڳالهه ٻولهه لاءِ پي ٽون کي گهرائي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان ريت خراسان جي حاڪم پوڪستاس کي به مارائي ڇڏيائين. اينٽي گوس فاتحانه انداز سان همدان ۽ سوش جا خزانا لُٽي بابل هليو آيو. هن جي نيت سيليوڪس کي مارڻ جي هئي، پر هو سندس ارادي کي سمجهي ويو ۽ بابل مان نڪري مصر پهچي بطليموس وٽ اچي پناهه گزين ٿيو.
ٿوري ساهيءَ بعد سيليوڪس مصر جي حاڪم جي مدد سان ايران جو رُخ ڪيو ۽ ميڊيا فتح ڪري اوڀر جي علائقن تي پنهنجو تسلط قائم ڪيائين. نون (9) سالن جي جدوجهد کانپوءِ 302 ق. م ڌاري هن جي حڪومت مستحڪم ٿي. ان کان پوءِ سيليوڪس، سنڌو ماٿريءَ تي ڪاهه ڪئي، ان ريت هن سڪندراعظم جي سنڌو ماٿر ۾ والاريل علائقن تي قبضو ڪيو. مطلب ته سنڌ ۽ پنجاب هڪ ڀيرو ٻيهر يونانين جي اثر ۾ اچي ويا. ان بعد سيليوڪس، هندستان تي حملي جي تياري ڪئي، جتي چندرگپت جي حڪومت هئي. سيليوڪس تياري ته ڪئي، پر پوءِ سمجهيائين ته هيءَ جنگ ڏاڍي مهانگي پلئه پوندي، ان ڪري چندرگپت سان ٺاهه ڪري هندوڪش تائين سڪندراعظم مقدونيءَ جا والاريل علائقا حڪومت هند جي حوالي ڪيائين. چندرگپت ۽ سيليوڪس ۾ دوستانا لاڳاپا برقرار ٿيا. هن پنهنجي هڪ ڌيءَ هندستاني شهنشاهه کي پرڻائي ڏني. سيليوڪس پنهنجي دؤر ۾ مملڪت کي 72 (ٻاهتر) ولايتن ۾ تقسيم ڪيو. دَجله نديءَ جي ڪناري تي هڪ شهر ’سلوڪيا‘ آباد ڪرايائين ۽ ان کي تختگاهه مقرر ڪيائين. هي شهر بابل کان چاليهن ميلن جي پنڌ تي آباد هو.
سيليوڪس جي ذڪر ۾ ڪي ٻيا واقعا به اچي وڃن ٿا. ستاتيرا، جيڪو سڪندراعظم مقدونيءَ جو ويجهو هو، ان کي سڪندراعظم جي زال ’رخسانه‘ دوکي سان قتل ڪرائي ڇڏيو. اينٽي پيٽر هو، جنهن رخسانه جي پٽ کي بچائڻ جو ذمو پاڻ تي کنيو. ٻئي طرف سڪندر جي ماءُ ’اوليمپياس‘ فلپ اريده کي مارائي ڇڏيو، جيڪو سڪندراعظم کانپوءِ تخت نشين ٿيو هو. ظلم جو نتيجو ظلم مصداق، نيٺ اوليمپياس به بيدرديءَ سان قتل ٿي وئي. هڪ وڌيڪ ڪردار ڪسانڊر جو ملي ٿو. 311 ق. م ڌاري سڪندر جي زال رخسانه ۽ سندس پٽ کي مارائڻ کانپوءِ ڪسانڊر فاتح جي سموري خاندان کي مارائي ڇڏيو ته جيئن تخت جو ڪو به دعويدار نه رهي. ان ريت ڪسانڊر کي مقدونيه تي قبضي جو موقعو مليو، پر بادشاهه گڙديءَ جي دور ۾ ڪو به محفوظ نه رهندو آهي. ان ريت ڪسانڊر ۽ سندس پٽ فلپ به مارجي ويا. هن واقعي کانپوءِ هڪ ئي مهل تي ڪسانڊر جا ٻه پٽ مقدونيه جا حاڪم ٿيا. پوءِ ڊيميٽريس مقدونيه جو حاڪم ٿيو. هن وڌيڪ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو لشڪر وٺي ’ڪيليڪيا‘ تي ڪاهه ڪئي. سيليوڪس سندس ارادن کان واقف هو. اڳتي وڌي هن ڊيميٽريس کي گرفتار ڪري قتل ڪرائي ڇڏيو. 281 ق. م ڌاري سيليوڪس مقدونيه وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ان وقت بطليموس جي پٽ ڪيرانس کيس ماري وڌو، جڏهن پاڻ (سيليوڪس) عبادت ۾ مشغول هو.
سيليوڪس جو پٽ 281 ق. م ڌاري تخت نشين ٿيو. ان جو نالو اينٽي اوگس اول هو. هن ويهه سال حڪومت ڪري 261 ق. م ڌاري وفات ڪئي، پوءِ اينٽي اوگس ٻيو سندس جاءِ نشين بنيو. هن دؤر ۾ ايران ۾ آزاديءَ جي لهر پيدا ٿي. 256 ق. م بلخ، سغد ۽ مرو، متحد ٿيا ۽ سيليوڪسي قيد مان آجو ٿيڻ جو فيصلو ڪيائون. آزاديءَ جي قيادت لاءِ يونان ڄائو ’ديودوٽس‘ پيش پيش هو. هي ’باختر- يوناني‘ حاڪميت کي جنم ڏيڻ ۾ سوڀارو ٿيو. بلخ، سغد ۽ مرو ٽئي علائقا ’خراسان‘ ۾ شامل ٿي ويا. بلخ جي آزاديءَ کان ڇهه سال پوءِ 250 ق. م ۾ ’خراسان‘ (ايران)، ارشڪ نالي هڪ ليڊر جي قيادت ۾ همٿ ڪري پنهنجي خودمختياري حاصل ڪري، يوناني (سيليوڪسي) ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪيو.
سيليوڪس (2): اينٽي اوگس 246 ق. م ۾ فوت ٿيو ته سندس پٽ سيليوڪس ٻيو حڪمران ٿي ويو. چئن سالن کان آزاد ’خراسان‘ سندس نشاني تي هو. هن خراسان تي حملو ڪيو ۽ ارشڪ سان مقابلو ڪيو. ارشڪ ويڙهه ۾ ناڪام ٿيو ته هن بلخ جي حاڪم ديو دوٽس کان مدد وٺي سيليوڪس سان مقابلو ڪيو. سيليوڪس شام طرف ڀڳو، پر 227 ق. م ڌاري گهوڙي تان ڪري مري ويو. هاڻي سيليوڪسي دؤر ختم ٿيڻ کي قريب اچي پهتو هو، پوءِ سيليوڪس ٽيون 226 ق. م کان 223 ق. م تائين حاڪم رهيو.
سيليوڪس ٽئين کانپوءِ هن جو ڀاءُ اينٽي اوگس ٽيون تخت نشين ٿيو. هن 187 ق. م تائين حڪومت ڪئي. سندس ذڪر ايراني تاريخ جي ’اشڪاني‘ دؤر ۾ گهڻو ٿيو آهي.