سيماب اڪبر آبادي

سيماب اڪبر آبادي: اردو ٻوليءَ جي نامور شاعر سيماب اڪبر آباديءَ جو اصل نالو عاشق حسين ولد محمد حسين صديقي هو. هن 1880ع ڌاري اڪبرآباد (آگري) ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد حسين عالم دين هو. هن عربي، ادب، منطق ۽ فارسي ٻوليءَ جي تعليم حاصل ڪئي. والد جي وفات بعد تعليم اڌ ۾ ڇڏي، ڪانپور ۾ ريلوي کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ ڪجهه عرصو اجمير ۾ بہ رهيو.
هن 1898ع ۾ داغ دهلويءَ کان شاعريءَ جي سکيا ورتي ۽ شعر شـاعـريءَ جي شوق ۾ ملازمت ڇڏي آگري ۾ اچي ’مرصع‘ رسـالـي جي ادارت سـنڀـالـيائيـن، ان بـعـد ’آگره‘ اخبار جا بہ ادارتي فرض سرانجام ڏيڻ لڳو.
سيماب اڪبر آبادي ’ثريا‘، ’پئمانه‘، ’شاعر‘ ۽ ’تاج‘ رسالن جو بہ ايڊيٽر رهيو. هن 1921ع ۾ ’قمر الادب‘ نالي سان هڪ ادبي ادارو قائم ڪيو، جتي نون شاعرن جي شاعريءَ جي اصلاح پڻ ڪئي ويندي هئي. ورهاڱي کانپوءِ ڪراچيءَ اچي رهائش اختيار ڪيائين ۽ هتي جي سنڌي اردو ادبي حلقن ۾ سندس ڪافي مقبوليت رهي، گڏيل مشاعرن ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪيائين.
هن جي شاعريءَ جي مجموعن ۾ ’صهبائي دکن‘، ’باده دوشير‘، ’نشيدِ نو‘، ’ساز وآهنگ‘، ’سرود غم‘، ’تفسير غم‘ ۽ ’ڪارِ امروز‘ شامل آهن. سيماب اڪبر آباديءَ قرآن مجيد جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو ’وحي منظوم‘ جي نالي سان شايع ٿيو. هن 31 جنوري 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو