سينٽو

سينٽو

سينٽو

سينٽو (CENTO): سينٽرل ٽريٽي آرگنائيزيشن (سينٽو) وچ ايشيا جي دفاعي تنظيم آهي. هي دفاعي معاهدو بغداد پڪٽ جي نالي سان بہ مشھور آهي. ان ٺاھہ تي سڀ کان اڳ عراق ۽ ترڪيءَ جي ملڪن جي سربراهن، 24 فبروري 1955ع تي صحيحون ڪيون. هن ٺاھہ ۾ آمريڪا جي 1956ع ۾ شموليت کانپوءِ پاڪستان، برطانيا ۽ ايران بہ شامل ٿيا. هن ٺاھہ جو خاص مقصد وچ اوڀر ۾ ڪميونزم جي وڌندڙ اثرن کي ختم ڪرڻ هو. 21 آگسٽ 1959ع تي بغداد پڪٽ مان عراق جي نڪرڻ کانپوءِ ان جو نالو تبديل ڪري ’سينٽو‘ رکيو ويو ۽ ان جو هيڊڪوارٽر بغداد کان منتقل ڪري ’انقره‘ (مصر) ڪيو ويو، ان جو عرصو پنج سال رکيو ويو، پر پوءِ ان ۾ وسعت آندي وئي. ان جي ترقياتي منصوبن ۾ ايران، ترڪي ۽ پاڪستان جي رستن ۽ ريلن وغيرہ جي تعمير جو بندوبست ڪرڻ هو. سينٽو وسيلي صحت، واپار ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ بہ ترقي ٿي. سپر طاقتن جي سياست ۾ تبديلين اچڻ کانپوءِ مارچ 1979ع ۾ هي معاهدو ختم ٿيو (البت پاڪستان، ترڪي ۽ ايران RCD جي شڪل ۾ گڏيل سهڪار جو سلسلو جاري رکيو). هن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ معاشي معاهدا بہ ٿيا. تنظيم جو مکيہ عهديدار اقوام متحدہ جو سيڪريٽري جنرل هو، ان جا ساليانا اجلاس ٿيندا رهندا هئا.


لفظ سينٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو