سينگار شاعري

سينگار شاعري (سنڌي سينگار شاعريءَ جو پسمنظر): ڊاڪــٽـر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ آهي ته ڪلهوڙن کان اڳ ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ سنڌ جي سگهڙ شاعرن، هنديءَ جي ’سنگار رس شاعريءَ‘ وارن مضمونن ۽ عنوانن ۾، پنهنجي سنڌي تخيل جي آميزش سان نوان نُڪتا پيدا ڪيا؛ البت انهيءَ اوائليءَ دور ۾ هنن پنهنجن خيالن کي هندي زبان جي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ايامڪاريءَ کان سنڌ جي پخته مشق شاعرن، حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي نئين سنڌي اسلوب بيان ۾ نباهيو ۽ مستقل طور ’سنڌي سينگار شاعري‘ جو بنياد رکيو. سنڌي سينگار شاعريءَ جو اوج ۽ ڪمال سڀ کان اڳ سگهڙن جي سرتاج جلال کٽيءَ جي بي بها بيتن ۾ نظر اچي ٿو. جلال غالباً پهريون استاد شاعر هو، جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان سنڌي سينگار شاعري کي اوج تي پڄايو. جلال، نور محمد ڪلهوڙي جي عهد جو شاعر هو ۽ ڀٽائيءَ جو وڏو معاصر يا هم عمر هو. ان وقت جي سنڌي شاعري، تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هئي ۽ مجاز کان وڌيڪ حقيقت ڏي مائل هئي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي سينگار شاعري پنهنجي پسمنظر ۾ ’هڪ خاص فن‘ هو، جنهن ۾ محبوب جي حسن ۽ سينگار جي موضوع کي هڪ خاص اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ ضروري هو. ان ڪري سينگار شاعريءَ جا استاد شاعر ساڳئي وقت هنرمند شاعر به هئا، يعني انهن جي ڪلام ۾ سگهڙپائي وڌيڪ نمايان هئي. سينگار شاعريءَ جو فن جيئن ته مشڪل موضوع آهي، ان ڪري هن ميدان ۾ هر شاعر جو ڪُڏي پوڻ مشڪل هو. ان ڪري ئي هن سلسلي جي سڄاڻ شاعرن جو تعداد محدود ملي ٿو. هي سلسلو نور محمد ڪلهوڙي جي دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اٽڪل 200 ورهيه لاڳيتو نظر اچي ٿو. شاعرن جي تعداد جي ڪميءَ جا ڪي خاص سبب به نظر اچن ٿا: (1) سينگار شاعريءَ جو خاص موضوع مجاز يعني محبوب جي ظاهري حسن ۽ سينگار جي تعريف آهي، جڏهن ته صوفي شاعريءَ ۾ ’حقيقت‘ کي ’مجاز‘ تي ترجيح ڏنل هئي، ان ڪري سينگار شاعري صوفي شاعرن وٽ گهٽ رائج ٿي، جنهنڪري سينگار واري شـاعـري گهٽ قـلمبند ٿي ۽ سگهڙن جي سينن تائين محدود رهي. (2) شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جا بيت عام فهم زبان ۾ چيل هئا، اُن ڪري ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويا، پر سينگار شاعريءَ ۾ ڳوڙهي زبان ۽ انوکو اسلوب بيان ادا ڪيل هو، ان ڪري اها رڳو سگهڙن جي مجلسن تائين محدود رهي.
سگهڙن جو سرواڻ ۽ سرتاج جلال کٽي هن سگهڙپائيءَ جي فن جو باني مباني هو. اهڙيءَ طرح ’هنر‘ ۽ ’ڏهس نامي‘ جي ڏاهپ به کانئس شروع ٿي. جلال سينگار شاعريءَ کي اوج ۽ ڪمال تي رسايو ۽ ٻين شاعرن جلال کٽيءَ جي واٽ ورتي، انهن مان پهريون ٽولو خود جلال جي همعصر شاعرن جو هو، جن ۾ ڏاتو، خضر ۽ خانو کٽي اچي وڃن ٿا، جي غالباً جلال جا عزيز ۽ همعصر هئا. جلال واري دور ۾ سينگار شاعري اهڙي ته اوج تي پڳي، جو وڏا وڏا صوفي شاعر- شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف پڻ ان کان متاثر ٿيا. مثال طور: شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جا هيٺيان بيت سينگار شاعريءَ جو نمونو سڏي سگهجن ٿا:
گل بدن جون گُجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل مان، واسينگ ويڙهيائون،
انهيءَ پر، عنات چئي، راڻو رانيائون،
موٽي ڪيئن پاهون، جو گُل گُجر کي گڏيو!
( شاهه عنات)
-
ناز منجهاران نڪري، جڏه پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀون پڻ ’بسم الله‘ چئي، راهه چُمي ٿي رند،
اُڀيون گهڻي ادب سين، حورون حيرت هنڌ،
سائينءَ جو سوڳنڌ، ساجن سڀنيان سهڻو.
(شاهه لطيف)
-
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها، هُو، هُٻيس،
پَسئو سونهن، سيد چئي، نينهن اچن ٿا نيش،
لالڻ جي لبيس، آتڻ اکر نه اُڄهي.
(شاهه لطيف)
شاهه لطيف ظاهري ساٺن سينگارن سان گڏ مجازي حسن جي جلون کي به بيان ڪيو آهي.
جلال ۽ سندس همعصر گروهه کان پوءِ سنڌي سينگار شاعريءَ جي نامور شاعرن ۾ هڪ طرف جلال جا پاڙيسري ۽ جمن چارڻ جا عزيز، جان محمد، صدرالدين ۽ گلاب چارڻ هئا ته ٻئي طرف سيد ڪبير شاهه، شيخ ابراهيم ۽ سندن لسٻيلي وارا ساٿي سگهڙ هئا. سليمان نالي سينگار جو استاد شاعر به شايد هن ٻئي گروهه مان هو. سينگار جي ٽئين گروهه ۾ دادوءَ طرف جا سگهڙ شاعر ڪنڀار، لونگ، وڌو، مانجهي ڊکڻ، کمڻ چارڻ ۽ چاڪر خان رستماڻي هئا ته ٻئي طرف لسٻيلي ۽ ملير جا ڄام مراد علي، غلام الله جوکيو، قيصر ڀنڊ، راڄن شاهه ۽ شيخ سائينداد جهڙا اعليٰ هنرمند شاعر هئا. البت پوئين ويجهي دور ۾ سينگار شاعريءَ ۾ ڪافي شاعر پيدا ٿيا.
ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي تحقيق واري ڪتاب ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ ۾ ان ڳالهه سان اختلاف ڪيو آهي ته ڪو سنڌيءَ ۾ سينگار شاعري هنديءَ جي تتبع تي ٿي.
سينگار شاعريءَ جي ڏس ۾ تاج جويي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ هڪ ڀيري ليڪچر ڏيندي اظهار ڪيو هو ته، سنڌي سينگار شاعري، مغليه دور ۽ ’هندي سينگار رس‘ جي پهرئين شاعر بهاري لال (1663-1595) کان گهڻو اڳ شروع ٿي هئي، ان لاءِ هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيقي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘ جو حوالو ڏنو هو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته ”ابوالحسن سنڌيءَ کان گهٽ ۾ گهٽ 100 سال اڳ سنڌيءَ ۾ منظوم درسي ۽ تعليمي مواد جي شروعات ٿي هئي. ڊاڪٽر بلوچ اهڙن آڳاٽن 39 منظوم موضوعن جو هڪ آڳاٽو ذخيرو هٿ ڪري ڇپرايو آهي، جيڪو عزت بن سليمان نالي ڪاتب 1067- 1069هه (1655– 1657ع) وارن سالن ۾ اُتاري پورو ڪيو هو. انهن منظومين ۾ حضرت محمد صلعم جي سوانح بابت بيان ٿيل بيتن ۾، نبي سڳوري جي سونهن جي وصف لاءِ ’سينگار‘ جو لفظ ڪم آندل آهي. جيئن ته سنڌي سينگار شاعري، ’مجازي‘ ۽ ’صفاتي سينگار‘ تي ٻَڌل آهي، ان ڪري، سنڌي سينگار شاعريءَ جي روايت ۾ نبيصه جي سونهن جي سهڻين تشبيهن واري وصف هڪ خاص موضوع رهيو آهي، جنهن بابت بيتن ۾ ڪم آندل اصطلاح ’سينگار‘، ادبي تاريخ جي حوالي سان وڏي اهميت وارو آهي. مثال:
پُڻ پُڇاءِ وَر ٿيو سَل سندس ’سينگار‘،
سندي ختم انبيا، رسول ڪِها پار،
ور ٿئي چيو سو نبيءَ، نه ڪوتھ نه دراز،
اُڀيئي جهٻيرن وچ ۾، سِر اُتاهون ساز،
ڳاڙها ڪهوءَ وڻ جئن، صافي لِڱ سنداس،
منهن سڀوئي موڪرو . . . . . . . . . . . . . . . . . .
ڀِرون ڀؤنر ورنيون، گهڻو ڪُشاديءَ ڪار،
منهن موتيارو مصطفيٰ، جيني چنڊ نهار،
اکڙيون هَٿس اُجريون، پوڇڙيارا پاند،
ڪيا اوجاڳي سڄڻين، ڪڪوريا تو ڪاند،
رءَ سُوئيري سوهڻا، ڪارائي نيڻن،
گهڻو آڇائي اُجري، ڌاري جا تارن،
تيني سُونهنَ مُنهن ۾، تارا ڪاريءَ ڪور،
ڪي پُڻ پوءِ اکين ۾، ڳاڙهائيءَ جي مور.
-
ڏاڙهيءَ ڏندين سونهڻو ۽ اُتاهين نڪ،
گهاٽي ڳِلن ريهه ٿئي، منهن ۾ مبارڪ،
ڏند مبارڪ مُکڙيون، ترور اڇا انت،
موهين پريان موڱرا، ڏاڙهونءَ جي جھ ڪڻت
. . . . ..........
پُوري مٿي موڪري، پوري پُٺ سندياس،
سر اُتي سونهنجي، سونهارا واراس،
نه ڪوتھ، دراز سي، پورا رب ڏناس،
ٻانهون هٿس ڊرگهيون، ڪلها ڪشاداس،
. . . . ...........
هٿين تريون موڪريون، ڊگهيون آڱرياس،
ڀُورا، ڳريا، بڪيون، پورا پيرَ سنداس . . .
هي منظوميو ڪافي ڊگهو آهي، پر هن مان ’صفاتي سينگار‘ جي مڪمل نشاندهي ٿئي ٿي، جيڪو ’سينگار رنگجلال کٽيءَ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جي شاعرن وٽ موجود آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ’سنڌي سينگار شاعري‘ مغليه دور کان به اڳ مروج هئي.
سنڌي سينگار شاعريءَ جون خصوصيتون: سنڌ جي استاد سگهڙ شاعرن پنهنجي سنڌي سينگار شاعريءَ کي نج سنڌي محاورن ۽ قالب ۾ سموهي پيش ڪيو. انهن سنڌي سينگار فن لاءِ هڪ طرف پنهنجا انوکا سنڌي لفظ ڪم آندا، ٻئي طرف سينگار رس شاعريءَ ۾ ڪم ايندڙ سنسڪرت ۽ هندي اسمن کي به پنهنجو ڪيو ته ٽئي طرف عربي، فارسي، بلوچي، سرائڪي ۽ ڍاٽڪي وغيره ٻولين مان نون اسمن جو هڪ وڏو سرمايو هٿ ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌي سينگار شاعريءَ کي پنهنجي هڪ وسيع لغت مهيا ٿي وئي. خاص ڪري ’ڏهس نامي‘ جي شاعري، سنڌي سگهڙ شاعرن جي پنهنجي ايجاد آهي. سنڌ جي سگهڙن اسمن جا اهڙا هم معنيٰ لفظ ٻين ٻولين مان ڳولي هٿ ڪيا، جن جو تعلق محبوب جي سهڻن عضون ۽ اندامن سان يا انهن جي مشابهت سان آهي. مثلاً: محبوب جا وار، اکيون، ڏند، چپ، نڪ، چيلهه ۽ پير خاص ڪري تعريف لائق هوندا آهن، ان ڪري انهن اسمن جا هم معنيٰ لفظ ٻين ٻولين مان هٿ ڪيا ويا.
سينگار ۾ اهڙا ته سُهائيندڙ لفظ، تشبيهون ۽ استعارا ڪم آندا ويا آهن، جو محبوب جي سونهن جو سارو نقشو، ننهن کان چوٽيءَ تائين (سراپا) هوبهو اچي اڳيان اچي بيهي ٿو. سنڌ جي سگهڙ شاعرن جا سينگار جا بيت، محبوب جي وڻندڙ گفتار، رفتار ۽ ان جي عادتن ۽ اطوارن کي خاص سهڻن چونڊيل موزون لفظن ۾ لڪائي پيش ڪندا رهيا آهن. اهڙيءَ طرح ’مجازي سينگار‘ ۽ ’صفاتي سينگار‘ سنڌي شاعريءَ جا حسناڪ جزا بنجي ويا. ’صفاتي سينگار‘ ۾ نبي ڪريم صلعم ۽ پنجتن پاڪ جي حسناڪيءَ جو ذڪر شامل آهي.
اها هڪ حقيقت آهي ته جلال کٽيءَ جي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ ڪم آندل انوکن لفظن جو استعمال هڪ مڃيل معيار بنجي ويو.
هندي سينگار شاعريءَ ۾ ’سورهن سينگارن ۽ ٻارهن زيورن‘
(سولھ سنگار، باره اڀرن) جو تصور موجود هو، پر ان جي وڌيڪ تشريح يا تعريف ناپيد هئي. سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن پنهنجي انوکي تخيل جي قالب ۾، ان نظريي کي سموهي، ’سورهن ۽ ٻارهن سينگارن‘ جو هڪ نئون نظريو قائم ڪيو، جنهن موجب ’سورهن سينگار‘ عورت جي فطري حسن سان مخصوص ڪيا ويا ۽ باقي ’ٻارهن سينگار‘ عورت جي جڙتو جنسارن سان لاڳو ڪيا ويا. مثلاً:
چار چلنت، چار اُڏنت، چار ڦول، ڦل چار،
اهي سورهن ئي سينگار، ’ابرنوي‘ اٺ چار،
يعني ته سهڻو محبوب، جن سورهن فطري وصفن سان سينگاريل آهي، تن مان چار وصفون گهمندڙ جاندارن (چلنت) واريون آهن؛ چار اڏامندڙن (اڏنت) واريون؛ چار گلن (ڦول) ۽ چار ميون (ڦل) واريون آهن. ساڳيءَ طرح ’ابرنوي‘ يعني عورت جي ’ٻارهن بناوتي سينگارن‘ جي به سڃاڻپ مقرر ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح ’سورهن ۽ ٻارهن سينگار‘ سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ عام ٿي ويا ۽ سنڌي شاعرن جي تخيل جو پرواز پري وڃي پهتو، جنهن موجب سڄڻ ’سورهن ۽ ٻارهن سينگارن‘ جو يقيني طور حامل رهيو، پر ان جي حسن جو معيار اڃا به بلند ۽ بالا ٿي ويو.
سنڌي شاعرن، هندي شاعريءَ جا ڪي اصطلاح کڻي ان ۾ اضافا ڪيا، مثلاً: جلال غالباً پهريون بلند شاعر هو، جنهن عورت جي حسن واري نئين عنوان جي ابتدا ڪئي، پر ان ۾ هن ٻهراڙيءَ جي سوڀيا وان زال ۽ سندس فطري ماحول جو تخيل پيش ڪيو. مثال:
گورب وجهندي گوند، ڪريا ڪيسَ ڪُلاه تان،
اَل اليهر انـسرا، نين ته نـرگـس نـوند،
ٿي ڦڙ ڦڙ ڦوهارن، جئن دڌ ست صاف سموند،
ميگهه پسي مستان ٿيو، برسي بادل بوند،
ڇا خوبي خورشيد جي، مک آڏو محمود،
چئين چڳين چڳ چؤند، ناهي جوت جلال چئي.
هن شعر ۾ جلال کٽي چوي ٿو ته اُٺين جا گورڙا (گورب)، ننڍي واڙي/ گوندي ۾ واڙيندي (ٻهراڙيءَ جي حسين عورت جا) وار (ڪيس) سندس ڪُلهن تي وکري پيا آهن، اُهي ڄڻ ته ڪارن نانگن (اليهرن) جا اڻ سرندڙ (انسرا) ننڍڙا ٻچا (ال) آهن. سندس نيڻ اهڙا ته سهڻا ۽ نيم خوابي آهن، جهڙا نرگس جا گل، جيڪي اڃا کُليا ناهن (نوند)، سندس چهري تي مينهن جا ڦڙا ائين چمڪن پيا، جهڙا سمنڊ جا سچا موتي (دڌ= درياهه + ست= پٽ، سمنڊ، يعني درياهه جو پٽ= موتي). خود ميگهه (مينهن جو راجا) سندس سونهن تي موهت ٿي وڌيڪ بوندون وسائڻ لڳو آهي (ان ماحول ۾) سندس سهڻي مُنهن (مک محمود) جي جلوي جي ڀيٽ ۾ خود سج (خورشيد) جي تجلي به هيچ آهي. جلال چوي ٿو ته سندس اهڙيءَ سهڻي صورت سان ٻئي ڪنهن به چئن چڳن واري چونڊ زال جي سونهن ڀيٽ ۾ اچي نه ٿي سگهي.
جلال جو هي نئون مضمون ٻين شاعرن لاءِ مشعل راهه بڻيو ۽ سنڌي سينگار شاعريءَ جو هڪ مخصوص عنوان بڻجي ويو. ميين شاهه عنات وٽ به جلال کٽيءَ وارو رنگ ملي ٿو. مثلاً:
لار لئيندي وڇڙا، چيهي پير رتاس،
کُڙيون کُنهبي ورنيون، موتي منهن ڳتاس،
پسو! ميگهه، ميون چوي، جوهر جال جڙياس،
جهومڪ بئنسرياس، وسي مينهن پُسائيا.
اهڙيءَ طرح مٿي ڄاڻايل سينگار شاعريءَ جو جائزو وٺبو ته سنڌي سينگار شاعريءَ جو پنهنجو انوکو حسن نروار ٿي بيهندو، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش جي ڪتاب ’سنڌي سينگار شاعريءَ‘ جي مطالعي سان، ماضيءَ کان وٺي جديد دور جي سينگار چوندڙ شاعرن، محمد ملوڪ عباسي ۽ ان کانپوءِ جي شاعرن جو تذڪرو موجود آهي.
جيئن ته سنڌ جي صوفي شاعرن جي شاعري، گهڻي ڀاڱي تصوف جي رنگ ۾ رڱيل آهي، ان ڪري سينگار شاعريءَ تي به ان جو اثر نمايان نظر اچي ٿو، جنهنڪري سنڌي ’سينگار شاعريءَ‘ ۾ ’مجازي سينگار‘ ۽ ’صفاتي سينگار‘ جا صيغا رائج ٿيا ۽ ابتدا کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا سگهڙ شاعر ان تي طبع آزمائي ڪندا اچن ٿا.
هيٺ ’مجازي ۽ صفاتي سينگار‘ جو هڪ هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
مجازي سينگار جو بيت:
دانھ ديوانا ٿيا، ڏسي ساجن جو سينگار،
مُک هَسي محبوب جو، جئن کڙي کٽڻهار،
سيٺو موڪرو سڄڻين، گلبدن گلزار،
ڀنڀا ڀِرون ڀؤنر جان، اکيون ميگهه ملار،
جي جوڙ اِنهيءَ جنسار، تن جياريو جيءُ جلال چئي!
صفاتي سينگار جو بيت:
سڀ ڪنهن ويل سڄڻ جي جوت ڪري جلوا،
لالي تنهن لال سين ڪا نه اچي ٻي ڪا،
سپيريان جي سونهن کي سورج ڪن ثنا،
صورت سون جهڪائيو، محبوبن جي ماهه،
دلبر، ’دوس محمد‘ چئي، آهن برق ڪنا بي با،
روح اچي ريلو ڪيو، عشق منجهان ارواح،
سو شان شفاعت اڳرو، مير محمد شاهه،
نافع جي نگاهه، منهنجو من مهتاب ڪيو.
سينگار جي بيتن ۾ سنڌي شاعرن، هندي تشبيهن سان گڏ پنهنجي سرزمين جون تشبيهون آڻي، اهڙي ته نازڪ انداز ۾ سينگار شاعريءَ جي بيتن جو شيرازو ٻَڌو آهي، جو صدين گذرڻ کانپوءِ به اُن ۾ شگاف نظر نه ٿو اچي. ان ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي سينگار شاعريءَ کي پنهنجو حسن، پنهنجي نزاڪت، پنهنجي سونهن ۽ پنهنجو اسلوب آهي، جيڪو هن سرزمين جو پنهنجو خاصو آهي.


لفظ سينگار شاعريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو