
سينگار علي سليم
سينگار علي سليم: سنڌ جو سدا بھار راڳي، سينگار علي سليم، 1940ع ڌاري راجسٿان جي هڪ ڳوٺ الور ۾ ڄائو. اٺن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجن بزرگن سان گڏ پهرين بـهـاولـپـور ۽ پوءِ سکـر ۾ اچـي رهيو ۽ اتي ئي مڊل تائين تعليم حاصل ڪيائين. سينگار علي سليم نوجوانيءَ کان سُـر سنگيت سـان ناتـو ڳـنڍيـو. 1975ع ڌاري هن سيد لال حسين شاھہ ’سوز‘ جو غزل ’بهارِ جاودان خاموش‘ ڳائي سُر جي سفر جي باقاعدي شروعات ڪئي. هن راڳ جي ابتدائي سکيا استاد امانت علي خان کان ورتي ۽ رياضت ۽ محنت سان سنگيت جي دنيا ۾ پنهنجو بيمثال مقام حاصل ڪيو. هن پنھنجي حياتيءَ جا 50 سال وڏي عقيدت ۽ رياضت سان سنڌي موسيقيءَ کي ارپيا. هو بنيادي طور سنڌ ڄائو نہ هو، پوءِ بہ هن سنڌ ڌرتيءَ کي پنھنجي ’ماءُ‘ سڏي، پاڻ کي سنڌ جو قابل فخر فرزند ثابت ڪيو.
ميـواتي گهراڻـي جو هـي واحـد ڪلاونت هو، جـنـهـن ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سُرن جي ڄاڻ هوندي بہ سنڌي ’ڪافي ڪلام‘ کي جيڪو حسن بخشيو، اُن جو مثال ملڻ محال آهي. سُر لڳائڻ ۽ سُـر جـو تـاثـر قـائـم رکـڻ ۾ هـو پنهـنجـو مٽ پاڻ هو. جيتوڻيڪ هو اُستاد بڙي غلام علي خان جي ڀاءُ استاد امانت علي خان جو ڌاڳي ٻَڌل شاگرد هو، پر ’ڪافي- ڪلام‘ لاءِ مٿس استاد الهڏني نوناريءَ جو اثر ڇانيل رهيو، پر اُن ۾ هن پنهنجو ذاتي دل کي ڇهندڙ رنگ ۽ انگ بہ شامل ڪيو.
زندگيءَ جا پويان ڏھہ سال سينگار علي سليم، نيم مجذوبيءَ واري حالت ۾ گذاريا ۽ گهڻو ڪري سير سفر ۾ گذاريو. هو چار پنج سال هالا شھر ۾ بہ رهيو. راڻي فقير سوڍڙي جو مڪان ڄڻ سندس پنهنجو گهر هو، پر هالن جي ڊاڪٽر الھہ بچائي ميمڻ سان هن جي جيءَ جون جڙون هيون. ڊاڪٽر صاحب جي سينگار علي سليم سان محبت جو اهو عالم هو، جو سينگار جي لاڏاڻي تي پنھنجي اسپتال جي احاطي ۾ سوڳ جو تڏو وڇايو هئائين. هالا جي ڪيترن ماڻهن سينگار جي عذرخواهي ڊاڪٽر الھہ بچائي سان بہ ڪئي. مشھور شاعر سوز هالائيءَ سان بہ سينگار علي سليم جا دوستاڻا واسطا هئا.
سينگار علي سليم، سنڌ جو سُريلو ۽ طرز نگار گائڪ هو. هو سنڌ جو اهو خوبصورت موسيقار هو، جنهن پنهنجون طرزون پاڻ تيار ڪيون ۽ پاڻ ڳائي مڃايون. سينگار علي سليم، شاعر، خوشخط ۽ مصور پڻ هو.
هن فقير صفت يگاني فنڪار سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪي، اردو، پنجابي ۽ فارسيءَ سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳايو. هن بھترين موسيقار جي حيثيت ۾ تمام گهڻن ڪلامن جي موسيقي ترتيب ڏني، جيڪي ريڊيو، ٽي. وي ۽ ڪئسيٽ رستي سنڌ جي ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيا.
سينگار علي سليم جي سُريلي آواز ۾ صوفي شاعرن جون دلپذير ڪافيون جڏهن هوائن ۾ گونجنديون هيون تہ هر طرف واھہ واھہ ٿي ويندي هئي. هن پاڻ کي سنڌ جي سدارنگي گائڪ طور مڃايو. کيس ريڊيو پاڪســتان حيدرآباد تي موسيقي شناس پروگرام پروڊيوسر، غلام حسين شيخ سڀ کان اڳ ’ڪافي- ڪلام‘ لاءِ رڪارڊ ڪيو. هن پهريون سنڌي ڪلام ريڊيو تي ’آيا اڱڻ عجيب، نصيب ڀلا ڳايو‘ ريڊيو پاڪستان تي مختلف وقتن تي هيٺيون روح پرور ڪافيون رڪارڊ ڪرايون:
(1) آيا اڱڻ عجيب نصيب ڀلا: لال حسين شاھہ ’سوز‘،
(2) مئه مينا جي درڪار نہ آ: لال حسين شاھہ ’سوز‘
(3) آيا ڪين مارو وساريئون وطن کي: ريجهل شاھہ،
(4) ڪيها يار پريم لڳايا اي: بيدل فقير،
(5) جاڳو جاڳو ڙي جيڏيون: لال حسين شاھہ ’سوز‘،
(6) برسي بوند بھار: غلام شاھہ،
(7) تو بن رين وهاڻي: مصري شاھہ،
(8) آءٌ وريو نہ ٿي وران: مصري شاھہ،
(9) تنھنجي رمز سھڻا مان ڇا سمجهان: مير علي نواز ’ناز‘
(10) ڪڏهن تنھنجي وارن سندي رات ٿيندي: وفا پلي
(11) ڪيا سنگ سانوڻ وري: عبدالڪريم پلي
(12) وڌي ويون دل جون پريشانيون: لال حسين شاھہ ’سوز‘
(13) ڪيڏو بہ کڻي مان دُور وڃان: امداد حسيني
(14) شھر جانان مان ٿيو گذر آهي: سوز هالائي
سنڌ جي هن سدا حيات فنڪار ڪي. ٽي. اين جي مشھور ڊرامي ’باليءَ‘ جي ميوزڪ ڪمپوزيشن پڻ ڪئي هئي.
مخصوص درويشاڻي لباس ۾ سُرن آڌار محفلون جهومائيندڙ هن سدا حيات فنڪار کي ’سچل سرمست‘ ۽ ’سلطان باهو‘ اوارڊ پڻ مليا. صوفي شاعرن کي وڏيءَ سڪ سان ڳائيندي ۽ ٻڌندڙن جا روح ريجهائيندي سينگار علي سليم اڌ صدي گذاري ڇڏي، پر کيس نہ لطيف اوارڊ مليو ۽ ئي سرڪاري سطح تي سندس ڪا خاص پذيرائي ٿي. 14 آگسٽ 2004ع تي جڏهن پاڪستان جا شھري آزاديءَ جو جشن ملهائي رهيا هئا ۽ رات ٺريل هئي، تڏهن سنگيت نگر جي هڪ گهر ۾ ماتم مچي ويو ۽ هوائن ۾ هڪ خبر اُڏاڻي تہ ’سنڌ- سينگار‘ سينگار علي سليم لاڏاڻو ڪري ويو.
2004.08.14 عيسوي
سنڌ جو سدا بهار راڳي، سينگار علي سليم، 1940ع ڌاري راجسٿان جي هڪ ڳوٺ الور ۾ ڄائو. سينگار علي سليم 14 آگسٽ 2004ع تي وفات ڪئي.