سيهڙ (ذات): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ سرائي ذات جا جيڪي پاڙا لکيا آهن، تن مان هڪڙي پاڙي جو نالو ’سيهڙ‘ ڄاڻايل آهي. ايس. صادق عليءَ پڻ هن ذات جي باري ۾ ساڳيو رايو پيش ڪيو آهي. هڪ روايت موجب سيهڙ پنجاب کان لڏي آيل سرائي جتن جو هڪ پاڙو آهن، جيڪي هن وقت هڪ ذات طور سڃاتا وڃن ٿا. هنن جو اصل مسڪن، پنجاب جي ليا وارو علائقي آهي، جتي هن ذات جا سردار جهانگير خان ۽ شهاب الدين خان رهن ٿا. عربي ڪتابن ۾ اٺ سوارن کي الاساوره (سوڙهه) لکيو ويو آهي ۽ اُهي ملتان جي سرائيڪي پٽي ۾ رهجي ويا، جتان اهي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن سان گڏجي سنڌ ۾ آيا، جن پاڻ کي ’سيهڙ‘ سڏايو ۽ هن ذات وارا ڪن جاين تي سرائيڪي ته ڪن هنڌن تي سنڌي ڳالهائين ٿا.
ڪتاب ’تاريخ ليه‘ جي لکڻ مطابق لفظ سيهڙ دراصل ’سلهريه‘ آهي. راجا سال جي پٽ ’سڪت‘ پنهنجي پيءُ جي نالي سان ڳوٺ ’سلهريه‘ ٻڌايو هو. ان ڳوٺ ۾ رهندڙن پاڻ کي ’سليهر ۽ سلهريه‘ سڏايو، جيڪو لفظ بعد ۾ ڦري ’سيهڙ‘ ٿيو.