سيون هيڊن
سيون هيڊن (Seven Hedin): اُهو پهريون شخص، جنهن 1907ع ۾، سڀ کان پهرين سنڌو درياهه جو اصلي مُنڍ، منبع يا سرچشمو ڳولي لڌو هو، سـو هـڪ سوئيڊش سياح ’سيون هيڊن‘ (Seven Hedin) هو. هن مُهم جو شخص، سنڌو درياهه جي مُنڍ ڳولي لهڻ کان 60 سال اڳ برهمپترا نديءَ جو منڍ پڻ ڳولي لڌو هو. ماضيءَ ۾ اڪثر سنڌو درياهه جي نڪرڻ جو هنڌ، ٿُٻيٽ ملڪ جي مشهور ڍنڍ ’مانسروور‘ کي سمجهيو پئي ويو آهي. مختلف وقتن تي پورچوگيزي مشنرين ۽ يورپي سياحن دنيا جي هن خوبصورت ۽ ڏندڪٿائي ڍنڍ بابت دنيا کي آگاهي پئي ڏني آهي. انهن ۾ ’مور ڪرافٽ‘ نالي هڪڙو جانورن جو سرجن به شامل هو، جيڪو انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني، بنگال جو ملازم هو، جنهن ’سيون هيڊن‘ کان 200 سال اڳ مانسروور ڍنڍ بابت هڪ رپورٽ پڌري ڪئي هئي، جنهن ۾ هن پهريون ڀيرو سنڌو درياهه جي روايتي منبع بابت واضح ۽ سائنسي مشاهدو ڪيو هو ۽ لکيو هو ته ”مانسروور ڍنڍ جو ظاهري منظر هڪ مقدس تاثر ڇڏي ٿو، ان جي پٿريلن ۽ وارياسن ڪنارن تي هنڌ هنڌ سرخ ۽ سائي گريفائيٽ جا وڏا ٽڪرا پکڙيل آهن، جيڪي 300 فوٽ اُتانهن جبلن مان ٽُٽي ڪِريا هئا. هي هنڌ لاڳيتن هوائن جي زد ۾ رهي ٿو، جن جو رخ ۽ رفتار سدائين بدلبي رهي ٿي.“ هن ڍنڍ جي گهري مشاهدي کانپوءِ نتيجو ڪڍيو هو ته هيءَ ڍنڍ سنڌو درياهه يا ڪنهن ٻي نديءَ جي نڪرڻ جو هنڌ نه آهي. 1907ع جي گرمين ۾، سيون هيڊن، مانسروور ڍنڍ وٽ پنهنجي مطالعاتي ٽيم، ملازمن، خچرن، گهوڙن، رڍن، سروي جي سامان، نقشن تيار ڪرڻ ۽ لکڻ جي سامان ۽ هڪڙي ننڍي تهه دار ڪينواس واري ٻيڙيءَ سميت پهتو هو. هن مقامي ماڻهن جي منع جي باوجود، مانسروور ڍنڍ ۾ ٻيڙي لاهي، اُن جي پاڻيءَ جي گهرائي ۽ عمق جي مختلف هنڌن تان ماپ ورتي ۽ معلوم ڪيو ته ڍنڍ جي وڌ ۾ وڌ اونهائي 250 فوٽ آهي ۽ اُن جي ايراضي 15 چورس ميلن تي پکڙيل آهي. هن کي اڀياس دوران معلوم ٿيو ته سنڌوءَ جو اصل سرچشمو اتر طرف ڪٿي آهي، پر کيس اُن طرف وڃڻ جي اجازت حاصل نه هئي، پر جيئن ته هي هڪ بهادر، بي ڊپو ۽ اورچ سياح ۽ سائنسدان هو، ان ڪري، خچر تي ضروري سامان رکي، ڪجهه ماڻهن سان گڏ، ڪيلاش پربت جو چڪر لڳائي، اتر- اولهه طرف سنڌوءَ جي منڍ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. نيٺ هُو مقامي ريڍارن سان گڏ، ميلن جا ميل پنڌ ڪري، 17000 فوٽن جي بلنديءَ واري هڪ هموار واديءَ ۾ پهتو هو، اُتي هن ڏٺو ته جبل جي دامن مان سِر (brick) جي شڪل واري هڪ ٽڪري (rock) ٻاهر نڪتل آهي، جنهن جي هيٺان پاڻيءَ جا چشما زور سان وهي رهيا آهن ۽ اُهو پاڻي گاهه سان ڇانيل تلائن ۾ گڏ ٿي رهيو آهي. اُن هنڌ جي آسپاس پٿرن جون ڍيريون ۽ ننڍڙا اهرام به موجود هئا، جتي سُکائون باسيندڙن جون علامتون نظر پئي آيون ۽ پهاڙن تي ڪجهه تحريرون به اُڪريل هيون. هي اُهو مقدس هنڌ هو، جنهن کي ’سُنگي ڪباب‘ (شينهن جو مُنهن) سڏيو ويو ٿي، ۽ اُها ئي سنڌو درياهه جي نڪرڻ جي ’اصل جاءِ‘ هئي. هن هنڌ تي پهچي، سيون هيڊن، حيرت ۽ خوشيءَ گاڏڙ احساسن ۾ گهيرجي ويو، ۽ هن محسوس ڪيو ته سندس ڪوششن نيٺ رنگ لاتو آهي. هُو لکي ٿو ته ”آءٌ اُن هنڌ هٿ ٻَڌي خاموشيءَ سان سوچ ۾ گم ٿي ويس، شڪر گذاريءَ ۽ فخر جي احساس سان منهنجو ڳاٽ اوچو ٿي ويو. مون محسوس ڪيو ته آءٌ اُهو پهريون اڇي چمڙيءَ وارو انسان آهيان، جيڪو پنهنجيءَ منزل تي پُڄي ويو آهي. مون اتي بيهي، سنڌو درياهه کي ڌرتيءَ جي هنج مان نڪرندي ڏٺو ۽ وڏي آواز چيو: ’عظيم سنڌوءَ (Almighty Sindhu) جو ’شينهن وارو منهن‘ (سنگي ڪباب: Singi-Kabab)!‘ سچ پچ سيون هيڊن، سوئيڊش سياح، دنيا جو اُهو پهريون عظيم انسان هو، جنهن سنڌوءَ جي ڦُٽي نڪرڻ واري هنڌ کان دنيا کي سڀ کان اڳ آگاهه ڪيو، ۽ تاريخ جي صفحن ۾ تاريخدانن کي پهريون ڀيرو اها ترميم ڪرڻي پئي ته سنڌو درياهه، مانسروور ڍنڍ مان نه، پر ٿٻيٽ جي مشهور ڪيلاش پربت جي دامن مان، ’سنگي ڪباب‘ واري هنڌ تان ڦُٽي، هماليه جبل جي مختلف ڦاٽن مان وهندو، پنهنجا پيرا ڇڏيندو، اندازاً 760 ڪلوميٽر سفر ڪري ليھ لداخ ۾ داخل ٿئي ٿو. هي زندگي بخش درياهه، ڪيلاش پربت، ليھ لداخ ۽ ڪشمير مان ٿيندو، پنجاب جا پَٽ ۽ پوٺا لتاڙيندو، سرزمين سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو.