سيوهڻ قلعو ۽ ان جي کوٽائي

سيوهڻ قلعو ۽ ان جي کوٽائي

سيوهڻ قلعو ۽ ان جي کوٽائي

سيوهڻ قلعو ۽ ان جي کوٽائي

عام ۽ چٽيل ٿانءُ

عام ۽ چٽيل ٿانءُ

عام ڳاڙهو چٽيل ٿانءُ

عام ڳاڙهو چٽيل ٿانءُ

روغني ٿانءُ

روغني ٿانءُ

7 سطح: 16 صدي عيسوي جو ٿانءُ

7 سطح: 16 صدي عيسوي جو ٿانءُ

روغني ٿانءُ 8 سطح: 17 هين صدي کان 18 صدي عيسوي جو ٿانءُ

روغني ٿانءُ 8 سطح: 17 هين صدي کان 18 صدي عيسوي جو ٿانءُ

سيوهڻ :ڳاڙهي چٽيل ٿانءَ جو نمونو

سيوهڻ :ڳاڙهي چٽيل ٿانءَ جو نمونو

سيوهڻ : درامد ڪيل ۽ روغني ٿانءَ

سيوهڻ : درامد ڪيل ۽ روغني ٿانءَ

سيوهڻ جي قلعي جي کوٽائي ڪيل، انهن جي ماپ ۽ دورن جو وچور

سيوهڻ جي قلعي جي کوٽائي ڪيل، انهن جي ماپ ۽ دورن جو وچور

سيوهڻ قلعو ۽ ان جي کوٽائي

سيوهڻ قلعو ۽ ان جي کوٽائي: فرانس جي مشھور آرڪيالاجسٽ ميڊم مونيڪ ڪروران وچين دور جي تاريخ تي سنڌ ۾ 30 سال ڪم ڪيو. هن رتيڪوٽ ۽ لاهري بندر تي کوٽايون ڪري، ان دور جي تاريخي ۽ معاشي حالتن تي چڱي روشني وڌي، پوءِ بہ ڪي ڳالهيون رهجي ويون. ان لاءِ ميڊم مونيڪ سوچيو تہ شايد سيوهڻ جو قلعو وچ واري تاريخي دور جي خالن کي ڀري، ان لاءِ هن 1996ع کان 2002ع تائين سيوهڻ جي قلعي جي کوٽائي ڪئي. کوٽائي ڪندي کيس اوسر جا 8 درجا مليا، 20 ميٽرن تائين هيٺ کوٽائي ڪندي سڪندراعظم جي دور تائين پهتي، پر کيس سڪندر يونانيءَ جي دور جي ڪا بہ نشاني ڪا نہ ملي، انهيءَ کوٽائيءَ ۾ ڪجهہ عرصو مشھور آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاھہ بہ سندس ساٿ ڏنو.
قلعي جي اوچائي اٽڪل 54 ميٽر ۽ پکيڙ 17 هيڪٽر آهي. قلعي جي چئن ئي ڪنڊن سان کوٽائي ڪندي، 23.50 ميٽرن جي گهرائيءَ تي پوسل نڪري آئي، ثقافتي ڪٽي جي ٿولھہ 48 ميٽر ٿي. کوٽائي قلعي جي اصل تر کان بہ هيٺ تائين ڪئي وئي، جتي قلعي جو ڪو بہ نشان ڪو نہ هو، جنهن قلعي لاءِ تاريخدان لکن ٿا تہ هن قلعي کي سڪندراعظم فتح ڪيو، ان جا آثار هتان ڪو نہ مليا.
سيد حاڪم علي شاھہ پنھنجي تحقيق ۾ پهرين ٽن سطحن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اٽڪل 400 ق.م کان 700 عيسوي تائين جا آهن. سندس چوڻ موجب هن وقت موجودہ قلعو سڪندر واري وقت جو نہ آهي، انهن ٽن سطحن جو ذڪر ڪندي بخاري صاحب لکيو آهي ته، کوٽائيءَ جو طبعي تھہ (آخري تھہ ۽ پهريون) جنهن تي پاڻي نڪتو، ان کان مٿڀرو ئي اهڙي زمين ملي، جيڪا ٽاڪ پڪي هئي. اتي ماڻهوءَ جي رهائش جا ثبوت مليا، انهيءَ تر تي جيڪو ٺڪر مليو، اهو ڪاري اجريل ٿانءَ وارو ٺڪر (Black Polished ware) سڏجي ٿو، جنهن جو واسطو يوناني باختري (Graeco-Bactrian) دور سان آهي. ان هيٺين سطح جي مٿان جيڪا ٻي سطح (تھہ نمبر 2) آهي، اتان جيڪي وٿون کوٽائي دوران مليون، ان جو واسطو موريا ۽ ڪشان دور سان هو. هن تھہ مان ملندڙ ٺڪر ڳاڙهي رنگ جو اجريل ٿانءَ (Red Polished ware) ڪري ڪوٺجي ٿو. انهيءَ سطح تان کوٽائيءَ ۾ پهريون ڀيرو ٽامي جو هڪ سڪو بہ مليو هو، اهو دور پهرين صدي ق. م کان 300 عيسويءَ تائين جو آهي. انهيءَ جي مٿان ٽين سطح جو دور 300 عيسوي کان 700 عيسويءَ واري دور سان لاڳاپيل آهي. هن دور ۾ ايراني بادشاھہ بھرام گور پنجين (421ع کان 438ع) جو نالو سنڌ جي فاتحن ۾ ڳڻجي ٿو، پر هن جا تفصيل نہ ملي سگهيا آهن. تاريخ ۾ هزمر (489-488ع) ۽ خسرو نوشيروان نالي ايراني بادشاهن جو ذڪر بہ ملي ٿو. هرمز جي وقت ۾ سنڌ بغاوت ڪري ايرانين کان آزادي حاصل ڪئي ۽ راءِ گهراڻي (495-632ع) جي مقامي حاڪميت تسليم ڪئي وئي، انهيءَ دور ۾ هڪ ٻئي قلعي جا آثار کوٽائيءَ مان مليا آهن. هن سطح تي پهريون قالبي ٿانءُ (First Moulded Pottery) مليو آهي، جيڪو ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگن سان رڱيل آهي، ان ڪري 400 ق. م کان اڳ واري سنڌ تي ايراني دور (600 ق. م کان 86-485ع) جا آثار ملڻ محال آهي، اهو دور ڪوروش ۽ دارا جو آهي. قلعي جي هيٺين تھہ واري آبادي بافتري- يوناني (Graeco- Bectrian) دور جي آهي.
پاڻ انابيل ڪولنٽ جي ان رپورٽ جي روشنيءَ ۾ قلعي کي ڏسنداسون، جيڪا هن `Sindh Through History and Representation` نالي ڪتاب ۾ ڇپائي آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو اوڪسفورڊ پريس 2008ع ۾ ڇپيو. سندس مقالي جو عنوان Chronology of Sehwan Sharif Through Ceramic (The Islamic Period) آهي. سندس چوڻ موجب هتان 8 مرحلا يا تھہ مليا، جن مان پهريان 3 تھہ اسلامي دور کان اڳ جا آهن، باقي پنجن تھن کي هيٺينءَ ريت ورهايو آهي:
(1) تھہ نمبر 4: 35-31/30 ميٽرن جي اوچائيءَ تائين، جنهن کي هن عرب دور جو تھہ ڪري سڏيو آهي، جيڪو 2 کان 4 صدي هجريءَ يعني 8 کان 10 صدي عيسويءَ جو آهي.
(2) تھہ نمبر 5: 48-35 ميٽرن تائين، جنهن کي هن هباري سلطنت جي خاتمي کان وٺي غزنوين ۽ غورين جي دور جو تھہ ڪري سڏيو آهي، جيڪو 5 صدي کان 7 صدي هجري يعني 11 صديءَ کان 13 صدي عيسويءَ تائين جو آهي.
(3) تھہ نمبر 6: 40-38 ميٽرن تائين، جنهن کي هن دهلي سلطنت ۽ سمن جي دور جو تھہ ڪري سڏيو آهي، جيڪو 9 کان 7 هجري يعني 13 کان 15 صدي عيسويءَ تائين جو آهي.
(4) تھہ نمبر 7: 41-40 ميٽرن تائين، جنهن کي هن ارغونن ۽ ترخانن جي دور جو تھہ ڪري سڏيو آهي، جيڪو 10 صدي هجري يعني 16 صدي عيسويءَ جو آهي.
(5) تھہ نمبر 8: 44-41 ميٽرن تائين، جنهن کي هن مغلن جي دور جو تھہ ڪري سڏيو آهي، جيڪو 11 کان 12 صدي هجري تائين يعني 17 کان 18 صدي عيسويءَ جو آهي.
مانواري ليکڪ هر تھہ يا سطح جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي تہ اتان کوٽائي دوران ڪهڙيون وٿون مليون. ڄاڻ لاءِ مختصراً هتي انهن جو ذڪر ڪجي ٿو:
تھہ نمبر 4: هيءُ عربن جي دور جو تھہ آهي، هتان ٿانون جا ٽٽل ٽڪرا مليا آهن، جن ۾ ڪنيون ۽ ٿوٻيون خاص آهن. ٿانءَ تي گهرو ليڪو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. مٿاڇري تي ابرق جا ذرا چنبڙيل آهن. ٿانون جو چٽ ٺپيل ۽ قالب ڪاريءَ وارو آهي. خاڪستري ٺڪر ٿورو ملي ٿو. روغني ٺڪر ٿورو ئي سھي پر اهم آهي، ان جو واسطو هبارين جي دور سان آهي وغيرہ. کوٽائي دوران مٽيءَ سان گڏ ڇار ۽ ڪوئلي جو چڱو تعداد ملي ٿو، ڪجهہ اڏاوتون بہ ملن ٿيون، جيڪي گلڪاري ۽ ڪچين سرن جون آهن. اتان هڪ ورڪشاپ بہ ملي آهي، جتي ڌاتو ڳاري اوزار ٺاهيا ويندا هئا. هن تھہ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) 4 الف، (2) 4 ب، (3) 4 ث. آخري دور يعني 4 ث مان اندازو ٿئي ٿو تہ انهيءَ دور ۾ ڪا ويڙھہ ٿي آهي، ان دور ۾ ڌاتوگريءَ جو عمل تيز نظر اچي ٿو.
4 الف تھہ: هن تھہ کي اُموي دؤر وارو تھہ ڪري چيو ويندو آهي، جو اتان ٻي صدي هجريءَ جا سڪا مليا آهن. هڪ سڪو 120ھہ (738-737ع) جو مليو آهي. هتان منصور ابن جهمور الڪلبي، هشام بن عمر، عمر بن حفظ وغيرہ جي نالي ضربيل سڪا مليا آهن. اهي سڀ اموين ۽ عباسين طرفان مقرر ٿيل گورنر هئا. 4 الف تھہ مان ملندڙ ٺڪراٺو سٺُو پڪل، ڳاڙهو ۽ گلابڙي رنگ جو آهي، جنهن جي مٿاڇري تي ابرق جا ذرا ۽ واري لڳل آهي. ٿانو جي ڳچيءَ وٽ ڪاري، ڳاڙهي ۽ اڇي رنگ جا چٽ چٽيل آهن، جيڪي مهندسي ۽ گلن ٻوٽن جي طرزن جا آهن. ٺڪراٺو ڀنڀور جي پهرين اسلامي دور جي ٺڪر سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. سيوهڻ مان ملندڙ هن دور جي ٿانون ۾ ڪُنو خاص ٿانو آهي، جنهن جا ڪَنا ويڪرا ۽ وريل آهن. ان کانسواءِ ڪنن ۽ بنا ڪنن جي ڪولا مليا آهن، ڪي ٿانو اهڙا بہ آهن، جن کي مقامي چئي نہ ٿو سگهجي. اهي ميسوپوٽيميا مان گهرايا ويا آهن، ڇو تہ انهن جي مٿاڇري تي هلڪي ڀوري مٽي جو ليپو ڏنل آهي. روغني ڪوزا مٺين سان ملن ٿا. ڪي ٺڪرن جا ٽڪرا فيروزي رنگ سان روغن ٿيل بہ مليا آهن.
4 ب تھہ: هي تھہ هبارين جي عربن کان الڳ حڪومت قائم ٿيڻ/ ڪرڻ واري دور سان لاڳاپيل ڏسجي ٿو، جنهن کي المنصوره سڏيو ويو آهي. تاريخ ۾ سندن چٽو دؤر ڪو نہ ٿو ملي. يعقوبيءَ جي چوڻ موجب آزاد هبارين پنھنجي حڪومت (855-854ع) شروع ڪئي. هن تھہ مان گڏيل ۽ منجهائيندڙ ٺڪر ملي ٿو، جنهن بابت تحقيق هلي پئي ٿي. چٽيل ٺڪر ساڳي نموني جو آهي، جهڙو 4 الف مان مليو. هن مان مسوپوٽيما مان آيل روغني ٿانون جو تعداد وڌيل ٿو ڏسجي. فيروزي روغني (Glaze) کان سواءِ نيرا روغني ٿانو بہ گهڻا ملن ٿا، جيڪي ڀنڀور ۽ المنصور مان بہ مليا آهن.
4 ث: هي تھہ بہ هبارين جي حڪومت سان لاڳاپيل آهي، هتان هڪ سڪو مليو آهي، جيڪو عمر بن عبدالله جي نالي ضربيل آهي. هتان ملندڙ ٺڪر ۾ اڳئين ٺڪر جي مقابلي ۾ خاص تبديلي نظر نہ ٿي اچي، سواءِ ان جي تہ ٿانءُ وچولي جسامت جا آهن، جيڪي ٺپيل ۽ قالبيل آهن. ٺڪر جي مٿاڇري تي ابرق اڳ جي مقابلي ۾ وڌيڪ لڳل آهي، اڳين ٿانون تي رڳو مهندسي يا گلن ڦلن وارا چٽ چٽيل هئا، پر هن دور ۾ ٿانون تي پکين ۽ جانورن جا چٽ بہ چٽيل ملن ٿا. ٺپيل ٺڪر ڳاڙهي رنگ جو آهي، جڏهن تہ ڪنن تي بہ چٽ ٺپيل آهن. ميسوپوٽيما مان گهرايل روغني ٺڪر ساڳيو ئي آهي، جيڪو ايران ۽ عراق مان گهرايو ويندو هو.
تھہ نمبر 5: (11 کان 13 صدي عيسوي جي شروعات): هي تھہ (35.38 ميٽر تائين) قلعي جي نوادرات جو شاهڪار تھہ آهي. هتان هڪ بازار ملي آهي، جنهن مان لڳي ٿو تہ قلعو شھر وارن پنھنجي قبضي ۾ آندو هو، ڪيترن دڪانن جون مُهڙون ننڍين ننڍين گهٽين ڏي کليل ملن ٿيون. رستا پڪين سرن جا ٺهيل آهن. هي غزنوين ۽ غورين جي دور (1025-1000عيسوي) جو تھہ آهي. هن دور ۾ ٺڪراٺي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون نظر اچن ٿيون. ڳاڙهين ليڪن وارو ٺڪر ايترو سٺو نہ آهي. بازار جي پهرين مرحلي ۾ ملندڙ ٺڪر تي چٽ مهندسي ۽ ٿورو گلن ٻوٽن وارو مليو، پر ٻئي مرحلي جي پڇاڙيءَ ۾ اوچتو مهندسي چٽن جي جاءِ تي پکي ۽ جانورن جا چٽ جڳھہ والاريندا نظر اچن ٿا. قالبي ۽ ٺپيل ٺڪراٺو گم ٿي ويو. هن دور ۾ روغني ٺڪر جيڪو ٻاهران آندو ويو هو سو هتي ئي ٺھڻ لڳو، تنهن جو چڱو خاصو تعداد ملي ٿو. سموري ڪنڀارڪي هنر تي خراساني اثر نمايان آهن.
هبارين جي سلطنت جو خاتمو محمود غزنويءَ آندو (1025ع)، جنهن جو ذڪر ابوالحسن فروحيءَ پنھنجي ڪتاب ’ديوان فروحي‘ ۾ ڪيو آهي. هن لکيو آهي تہ المنصوره تي حملي مھل خفيف ڀڄي ويو، پر اهو ڪو نہ لکيو اٿس تہ خفيف سومرو هو يا هباري. بازار مان ملندڙ سڪا ڪٽجي ويا آهن، پر ٻن سڪن تي نالا سڃاپجي سگهيا آهن. هڪ تي احمد ۽ ٻئي تي عمر ضربيل آهن. هن ئي سطح تي ضرب خاني جا آثار بہ ملن ٿا.
تھہ نمبر 5 (35.82- 35.10 Va): هي تھہ ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ اهو گهڻي ڀاڱي ويران آهي. مٽيءَ ۾ ڇار ۽ ڪوئلو گڏ ملي ٿو. ڪوئلي جي گهڻائي ٻڌائي ٿي تہ هن دور ۾ ٻي جنگ لڳي آهي. جنهنڪري قلعي جي والار ۾ ڪافي تبديليون ٿيل ڏسجن ٿيون. نوان دڪان ٻيهر ٺاهيا ويا آهن، جيڪي پڪسرا آهن. هن دور ۾ والار وچولي نظر اچي ٿي، ٺڪر اڳي کان گهٽ مليو آهي.
تھہ 4 جي مقابلي ۾ هن تھہ ۾ چٽيل ڳاڙهي ٺڪر جو رنگ ٿورو تبديل ٿيل ڏسجي ٿو. ڏسبو تہ تھہ 5 الف جو ٺڪر ڳاڙهو، سٺو پڪل ۽ ان تي ابرق جو ليپو ڏنل آهي، پر تھہ نمبر 5 ب- ث ۾ ٺڪر گلابڙي رنگ ۾ تبديل ٿيو آهي. ٺڪر تي چٽ گهٽ آهن. ابرق جا ذرا بہ هاڻي ٿانو جي مٿاڇري تي گهٽ گهٽ نظر اچن ٿا. ڪارو ۽ ڀورو (brown) ٺڪر گهڻي تعداد ۾ ملي ٿو.
5 ڊ ۽ 5 ف (1220-1050ع) تھہ مان اها خبر نہ ٿي پوي تہ سومرن ۽ غزنوين کان پوءِ سنڌ جي ورهاست ڪيئن ٿي. لڳي ٿو تہ سومرا لاڙ واري حصي تي قابض هئا، جڏهن تہ سيوهڻ تي هنن جو هٿ نہ رهيو، جنهنڪري سيوهڻ ۽ سيوهڻ کان مٿي ملتان تائين غزنوين ۽ غورين جو قبضو رهيو ۽ سيوهڻ سومرن ۽ غزنوين جي حد هئي. هن سطح مان جيڪي سڪا مليا آهن، اهي بہ هبارين جا يا هبارين جي دور جھڙا آهن. هتان ملندڙ ٺڪر گلابي رنگ جو آهي. جنهن جي سطح ڪجهہ کهري جنهن کي ابرق ۽ واري ملائي پچايو ويو آهي. ڀورو ۽ ڪارو ٺڪر بہ ملي ٿو، پر اڳي جي مقابلي ۾ اهو کهرو آهي. ڪاري ۽ ڀوري ٺڪر کي گجرات جي ماڳ ’ڪيبي‘ (Cabe) مان لڌل ٺڪر سان ڀيٽي سگهجي ٿو. مقامي روغني ٿانون هن سطح تي ڪافي نظر اچي ٿو، اڳئين تھہ جي مقابلي ۾ ان ۾ ڪو خاص فرق نہ آهي.
تھہ نمبر 6 (دهلي سلطنت ۽ سما دور): ابن بطوطه (1334-1333ع) جڏهن سيوهڻ آيو هو تہ هن قلعي کي ڇانوڻيءَ جي صورت ۾ ڏٺو هئائين ۽ تھہ نمبر 6 ۾ انهيءَ ڇانوڻي واري قلعي جا آثار مليا آهن. هن تھہ کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (6 الف- 6 ب). هي ٻئي تھہ دهلي سلطنت واري دور 13 ۽ 14 صدي عيسويءَ جا آهن. بازار جي ڊهڻ کان پوءِ انهن ئي پڪين سرن مان قلعي جا ڪي حصا جوڙيل نظر اچن ٿا. قلعي جي ايراضي ان دور ۾ ٿوري هئي، پر پنجين دور واري تھہ کان ڪافي شاهوڪار، جيڪو ٺڪراٺي جي گهڻائيءَ مان پسي سگهجي ٿو. ڇهين تھہ جو ٻيو مرحلو (VI C- VI D) سما دور سان لاڳاپيل آهي. والار تمام ڇڊي آهي، ان جو اندازو بہ ملندڙ ٺڪراٺي مان لڳائي سگهجي ٿو. پڪين سرن واري قلعي جي حصي جي ٻيهر مرمت ڪيل ٿي ڏسجي. مرمت سان گڏ لوهي شيخون وغيرہ بہ وڌل آهن. انهيءَ تھہ ۾ (39.30- 39.60m) دؤر جو عرصو تمام گهٽ ٿو ڏسجي. انهيءَ هنڌ تي سخت ڪارو باھہ لڳل دڙو موجود آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو تہ انهيءَ دور ۾ بہ سخت جنگ لڳي آهي ۽ هڪ ميٽر جي اوچائيءَ تائين باھہ جا نشان ڏسي سگهجن ٿا، جنهنڪري قلعي کي سخت نقصان پيو هوندو.
دهلي سلطنت ۽ سيوهڻ: هن عنوان سان فاضل مصنف تاريخي انگ اکر ڏنا آهن. 1228ع ۾ التمش، ناصر الدين قباچه کان هندستان فتح ڪيو، طبقات ناصري مطابق هن جو سڄي سنڌ تي قبضو هو. ٻارهن قلعن مان هڪ قلعو سيوستان جو بہ سندس قبضي ۾ هو. ان کان گهڻو پوءِ ناصرالدين مسعود شاھہ (1246-1242ع) دهليءَ کان پنجاب طرف ڪاھہ ڪئي ۽ سيوهڻ تائين پهتو، جتي هن قليچ خان نالي پنهنجو گورنر مقرر ڪيو.
VI الف دؤر: هن تھہ مان دهلي سلطنت جي دور جا سڪا مليا آهن. هڪ سڪو غياث الدين بلبن جي نالي سان ضرب ٿيل آهي، ٻئي سڪي تي علاؤ الدين محمد شاھہ جو نالو لکيل آهي. هن جي دور ۾ هندستان جون سرحدون وسيع هيون. هن نصرت خان نالي سپھہ سالار کي لشڪر ڏئي پنجاب ۽ سنڌ موڪليو هو، پر ترت (98-1297ع) سيوهڻ تي منگولن حملو ڪيو، جنهن ڪري مقابلي لاءِ نصرت ملتان کان سيوهڻ آيو. انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ جو گورنر تاج الدين ڪافور هو، جنهن کي غياث الدين تغلق لاهي ملڪ شير علي کي گورنر مقرر ڪيو. ابن بطوطه سيوهڻ ۾ ڪجهہ سال پوءِ آيو. 34-1333ع ۾ ابن بطوطه ڏٺو تہ ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿيل هئي. ڄام انڙ سمي ملڪ رتن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. دهليءَ کان شاهي لشڪر جو جٿو آيل هو، پر انڙ لڪي ويو. هنن قلعي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. ان کانپوءِ فيروز شاھہ جو دور آيو تہ سيوهڻ سندس قبضي ۾ هو.
6 ب تھہ (39-38): هن تھہ ۾ ڪجهہ پڪين سرن جون اڏاوتون ملن ٿيون، جيڪي بازار مٿان اڏيل، اتر طرف نظر اينديون، پر گهٽي ساڳي استعمال هيٺ رهي، اها گهٽي پوءِ جي دورن ۾ بہ استعمال هيٺ رهي آهي ۽ اتي ڪنهن قلعي دار جو گهر وغيرہ بہ هو. ڇهين (ب) تھہ جي مٿاڇري تي ڪا نئين اڏاوت بہ ٿيل آهي، جيڪا پڪين سرن جي آهي. هتان ملندڙ ٺڪراٺو اڌ پڪل ڳاڙهو آهي. ٺڪر جي مٿاڇري تي ابرق جا ذرا ۽ واري چلڪندي نظر ايندي. چئن پتين وارو گل، جانور جو چٽ ۽ ساڳا مهندسي چٽ، هن تھہ واري ٺڪر تي بہ ملن ٿا. چٽ ۾ ابرق سان ٿلهو پٽو عام ملي ٿو. ٿانو ۾ ٿوري تبديلي اها آهي تہ هن جي ڳچي سوڙهي ۽ جسامت ننڍي آهي. باقي وصفون ساڳيون اڳي دورن واريون آهن. قالبيل ٺڪر ڇهين الف واري دور کان ملي ٿو، جنهن جي مٿاڇري تي بہ ابرق لڳل آهي. ڪارو ۽ ڀورو ٺڪر به، جيڪو بازار کان شروع ٿيو هو، سو هن تھہ ۾ موجود آهي. هي ٺڪر گجرات جي ڪن ماڳن سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. روغني ٿانو 6 ب ۾ خاص طور لڀي ٿو، پر ان ۾ گهڻي تبديلي آيل ٿي ڏسجي. پيالن ۽ ڪوپن جي نمونن ۾ گهڻ نظر اچي ٿي. نيري سائي، پيلي روغني ٿانو کانسواءِ اڇو روغن وارو ٿانو بہ عام آهي.
6 ث تھہ: سمن جي دور سان واسطو رکي ٿو. سمن جو سنڌ ۾ دور 1351ع کان 1520ع ڪٿيو وڃي ٿو. هنن جو گهڻو تسلط لاڙ يا هيٺين سنڌ ۾ هو. ڄام تماچي (1393ع) ڪوشش ڪئي تہ قلعي کي هٿ ڪجي پر دهلي جي سلطان طرفان گرفتار ٿي دهلي پهتو. مير معصوم جي لکڻ موجب هن پنھنجي ڀاءُ کي جاءِ نشين مقرر ڪيو. ڄام تماچي جي مرڻ کان پوءِ ڄام سڪندر کي پسند نہ ڪيو ويو. تاريخ مبارڪ شاهي موجب شيخ عليءَ افغانستان مان تيمور کي لشڪر ڏئي اماڻيو، جنهنڪري سيوهڻ واسي ڄام فيروز جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا. انهيءَ تھہ مان هڪ سڪو دهلي سلطنت جو محمود شاھہ جي نالي سان مليو آهي، جنهن تي 846ھہ ضربيل آهي. ڪجهہ سڪا دهلي سلطنت واري تھہ مان مليا آهن. انهن تي گجرات جي سلطان جو نالو ضرب ٿيل آهي. هڪ سڪو محمود ٻيگڙي جي نالي سان ضرب ٿيل آهي، جيڪو ڄام تغلق سمي جو ڀاڻج هو. هن تھہ مان ملندڙ ٺڪر گلابي رنگ جو ۽ سٺو پڪل آهي. مٿاڇري تي ساڳيو ابرق ۽ واري جو تھہ ڏنل آهي. چٽن ۾ جانور، نانگ ۽ مهندسي چٽ ملن ٿا. ٺڪر ۾ ڪا خاص تبديلي نظر نہ ٿي اچي. روغني ٺڪر بہ ساڳيو اڳين تھن وارو، جڏهن تہ ڪارو ۽ ڀورو ٺڪر بہ اهڙو ئي آهي.
سيوهڻ- ارغون ترخان دور: قلعي جي تباهيءَ جا آثار اتر واري ٻانهينءَ جي اوڀر ۾ (جنهن کي کوٽائيءَ دوران عاصمه جو نالو ڏنو ويو) ڪاري تھہ جي صورت ۾ ڏسي سگهجن ٿا. اهو سڄو پاسي جو پاسو سڙيل حالت ۾ مليو آهي. اهو حملو شاھہ بيگ ارغون 22-1521ع ڌاري ڪيو هو ۽ قلعو فتح ڪري ورتو هئائين. ارغونن ۽ ترخانن جي دور بابت تاريخِ معصومي اهم ماخذ آهي. جڏهن ڄام فيروز ٺٽي ۾ امن قائم ڪيو تہ شاھہ بيگ وڏي لشڪر سان سيوهڻ تي حملو ڪري، 1521ع ۾ قلعو تي قبضو ڪري ورتو. اتي قلعو ڪنهن ارغون حوالي ڪري، پاڻ واپس موٽي ويو. ٻيهر 1522ع ۾ موٽي آيو ۽ قلعي جو فوجي جائزو ورتائين. هن نوان ماڻهو مقرر ڪري حڪم ڪيو تہ شھر جي ماڻهن کان بيگر وهائي قلعي جي مرمت ڪئي وڃي ۽ فوجين کي اهو بہ حڪم ڪيو ويو تہ هُو پنهنجون رهائشي جايون قلعي جي اندر جوڙائين. شاھہ بيگ کانپوءِ شاھہ حسن ارغون جي دور ۾ همايون (1541ع) سيوهڻ جي قلعي تي حملو ڪيو. شاھہ حسن قلعي بند ٿي ويٺو. همايون جي فوج ستن مهينن تائين محاصرو ڪيو. چوماسي جي برساتن سبب همايون کي موٽڻو پيو. شاھہ حسن وري ٻن مهينن کان پوءِ قلعي جو دورو ڪري ان جي مرمت ڪرائي. مرزا عيسيٰ (1554ع) جي تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ ارغونن ۽ ترخانن جي وچ ۾ سيوهڻ جي قلعي جي قبضي تي ڪيتريون چڪريون لڳيون، پر 1555ع ۾ نيٺ عيسيٰ خان قبضيدار ٿي ويو. 63-1562ع تائين مرزا باقي، عيسيٰ خان جو پٽ سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ٿيو، پر کيس ڇھن ستن مهينن تائين ارغونن جي بغاوتن سان منهن ڏيڻو پيو. سيوهڻ جو قلعو ايستائين ترخانن جي هٿ هيٺ رهيو، جيتر (1588ع) مغل نواب محمد بن صادق حملو ڪري هن شاهي قلعي جو هڪ حصو ڊاهي وڌو. 1591ع ۾ مير معصوم مغلن سان گڏجي سيوهڻ تي حملو ڪيو ۽ آخر جاني بيگ اهو قلعو خانِ خانان عبدالرحيم جي حوالي ڪيو، جيڪو اڪبر طرفان سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو.
تھہ نمبر 7 ۾ والار ڇڊي نظر اچي ٿي (36.60 م/ 38.3). هتان ٺڪراٺو گهٽ تعداد ۾ مليو آهي. مٽي سان گڏ ڇار ۽ ڪوئلي جا ڍڳ مليا آهن، انهن جي مٿان تباھہ ٿيل ڪارو تھہ آهي. پراڻيون اڏاوتون ڊٿل مليون، ڪجهہ نيون اڏاوتون پڪ سريون ملن ٿيون، آخر ۾ چيڪي مٽيءَ جو تھہ مليو. قلعي ۾ ڌاتوگيريءَ جي ڪم جا آثار ملن ٿا.
تھہ نمبر 8 جي شروعات ۾ روغني ٿانو جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندو نظر ايندو ۽ آخر ۾ تہ بنھہ کهرو ٿي ويو آهي. ٺڪر گهڻو ڪري ڳاڙهو، ابرق ۽ واري جي ليپي سان پچايل آهي. هتان بھترين ٺڪراٺو، قالبي ڳاڙهو ٿانو آهي، جنهن ۾ قالبي بوتلون ۽ پاٽيون/ ٿالهيون خاص آهن، جيڪي نفيس ۽ ابرق جي چلڪندڙ مٿاڇري سان سنواريل آهن. روغني ٿانو جي حالت سٺي ڪا نہ آهي. ٿانون جي مٿان سادو اڇڙي رنگ جو روغن ڏنل آهي.
سيوهڻ جو قلعو (17 صديءَ کان اوائلي 18 صديءَ تائين): جڏهن مغلن سيوهڻ جو قلعو (1592ع ۾) فتح ڪيو، تڏهن قلعو وڏي اهميت وارو هو، ان جو ذڪر مغل دور جي دستاويزن مان پوي ٿو. خاص طور تي اڪبرنامي ۽ آئين اڪبريءَ ۾ هن قلعي جو ذڪر اهم ۽ مضبوط قلعي طور ڪيو ويو آهي. يوسف ميرڪ ڪتاب ’مظهر شاهجهانيءَ‘ ۾ قلعي بابت لکيو آهي، پر قلعو شايد پنھنجي اهميت جھانگير (1627-1605ع) جي وقت ۾ وڃائي ويٺو. 1593ع ڌاري سيوهڻ ۾ اڪبر بادشاھہ طرفان بختيار بيگ گورنر بہ مقرر ڪيو ويو هو. سترهين صديءَ جي مغلن جي انتظامي حڪمت عمليءَ بابت يوسف ميرڪ جو ڪتاب ’مظهر شاھجھاني‘ بھترين دستاويز آهي، جيڪو پاڻ بہ سيوهڻ ۾ رهندو هو. انهيءَ دور ۾ گورنر تڪڙا مٽبا رهيا، جنهنڪري مقامي قبيلا سخت مشڪل حالتن هيٺ رهيا. قلعي ڏي ڪنهن بہ گورنر جو ڌيان نہ رهيو، جنهنڪري هيٺين شھر واري قلعي جي ڀت زبون ٿي ڪري پئي. يوسف ميرڪ لکيو تہ ”سيوهڻ هڪ پراڻي ڦٽل قلعي جو نالو آهي، جيڪو هڪ مٿانهين دڙي تي اڏيل آهي، هن قلعي سان 11 پرڳڻا ڳنڍيل آهن.“ قلعي جي ضعيف حالت ٻڌائي ٿي تہ قلعو هن دور ۾ تباھہ ٿيو هوندو، پوءِ جا مغل گورنر جيڪي (1657ع کان) 18 صدي عيسويءَ تائين حڪمران ٿي آيا، انهن جا نالا علي شير قانع ڏنا آهن. هن آخري مغل گورنر جو نالو ارشاد خان ڏسيو آهي، جيڪو نادر شاھہ کان اڳ 1702ع ۾ مغلن طرفان مقرر ڪيو ويو هو، ان کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي گورنري ملي.
تھہ نمبر 8: توڙي جو هي تھہ تمام گهڻو وکريل ۽ تباھہ ٿيل آهي، پر پوءِ بہ ٻين تھن جي نسبت چڱو احوال ڏيڻ جي قابل آهي. هتان مغل گورنر جي رهائش جي جاءِ جا آثار مليا آهن، لڳي ٿو هن دور کان قلعو بلڪل ئي تباھہ ٿيو. قلعي جا ڪيترا حصا والار هيٺ ئي ڪو نہ ٿا نظر اچن. هن تھہ جي شروع ٿيڻ سان ئي مٽيءَ سان گڏ ڇار ۽ ڪوئلو ملي ٿو. والار جي هن تھہ (VIII الف) جي آخر ۾ باھہ لڳڻ جا نشان ڪچين اڏاوتن جي ڀتين تي نظر اچن ٿا. مٿينءَ تھہ (VIII ب- 41.91 - 41.20 ميٽر) ۾ ڏٺو ويو تہ آبادي تمام ڇڊي آهي. ڌاتوگيريءَ جو ڪم ڌاتو ڳارڻ جي بٺين ۽ ڌاتن جي مَرڪٽُ سبب ڪنهن حد تائين هلندڙ هو، پر پوءِ هڪدم گم ٿي ويو. والار جو آخري تھہ تباھہ ٿيل (سطح 8 ث ۽ 8 د) مليو آهي، پر کاڌ سبب سڃاپجي نہ ٿو سگهجي. هن پوئين سطح مان ملندڙ ٿانءَ گهڻو ڪري کاڌي پيتي جا آهن، جن تي ڳاڙهو چٽ چٽيل آهي.
تھہ-7 ۾ ڪجهہ نفيس قالبي ڳاڙهي ٺڪر جا ٿانو مليا هئا، پر ڪاري ۽ ڀوري رنگ جو ٿانءُ ناپيد هو ۽ هتي بہ ناپيد آهي، هڪ - رنگا روغني ٿانو ملن ٿا، ڪجهہ روغني ڪاشيءَ جون سرون بہ گورنر جي گهر ۽ وهنجڻ جي جاءِ وٽان مليون آهن.
8 الف تھہ مان نفيس ۽ ڳاڙهو ٺڪر مليو آهي، جيڪو وچولي ڪوالٽيءَ جو آهي، پر 8 ب تھہ تائين پهچندي اهو پنھنجي نفاست وڃائي ڪجهہ کهرو ٿي پيو. هن تھہ مان ملندڙ ٺڪر تي ٻيا نقش تہ آهن پر جانورن ۽ پکين جا نقش بلڪل ڪو نہ ٿا ملن.
هن دور ۾ ٿانو تي لڳل ڪنا ۽ مٺيا وڏا آهن. ٿانون ۾ کاڌي پيتي جا ٿانو، ڪنا، لوٽا وغيرہ ملن ٿا. قالبي ٿانون ۾ پاڻيءَ جون ناديون، مٽ خاص آهن، جيڪي هن دور ۾ وافر انداز ۾ ملن ٿا، جن جي سطح تي بہ ابرق ۽ واري جو لپيو ڏنل آهي. روغني ٿانءُ سٺو ۽ نفيس بہ ملي ٿو تہ کهرو ۽ کريل بہ آهي.
سيوهڻ جو قلعو سنڌ ۾ واحد ماڳ آهي، جنهن ۾ اسلامي دور جي ڪنڀارڪي ڪم جي درجي بندي بنا ڪنهن خال جي ملي ٿي. ٻيءَ صدي هجري يا 8 صدي عيسويءَ کان 12 صدي هجري يا 18 صدي عيسويءَ تائين جو ڪنڀارڪو ڪم محفوظ آهي.
ڪنڀارڪي ڪم جي هڪ تاريخ هتي دفن آهي. هتان ئي پتو پوي ٿو تہ هزار سالن ۾ سنڌ جي ڪنڀارڪي ڪم ۾ ڪهڙيون جدتون آيون. ڪهڙي نواڻ آئي، ڪهڙو چٽ ڪهڙي دور ۾ وڌيو ويجهو يا ڪهڙو نمونو ڪهڙي دور ۾ ختم ٿي ويو.
ان کانسواءِ اسلامي سڄو دور جيڪو برصغير ۾ گذريو آهي، يعني اسلامي دور جي هڪ هزارن سالن جي تاريخ جا خال هتان پر ٿي سگهن ٿا. اسلامي دور جا اٺئي تھہ نهايت ڀرپور آهن. ڪٿي بہ ڪو خال ڪو نہ آهي. ٺڪر کانسواءِ سڪا، اڏاوتون ۽ صنعتي اهڃاڻ بہ هتي موجود آهن.
ٿي سگهي ٿو تہ سڪندراعظم جي دور وارو قلعو بہ هتي ئي ڪنهن ڪنڊ سان هجي، جنهن کي ڳولي سگهجي ٿو، پر حاڪم علي شاھہ بخاريءَ جي تحقيق موجب:
(1) هن وقت موجود/ ڏسڻ ۾ ايندڙ قلعو سڪندر يونانيءَ جي وقت جو نہ آهي.
(2) قلعي جي هيٺان والار باختري- يوناني (Graeco Bactrain) دور جي آهي، جيڪا بنھہ پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي.
(3) قلعي جا آثار جيترا زمين جي سطح کان هيٺ آهن، ذري گهٽ اوترائي مٿي بہ آهن.
(4) ٻيو مليل قلعو راءِ گهراڻي جي دور جو آهي.
(5) قلعي واري هنڌ تي آخري آثار ورلي، پر ڪلهوڙا دور جا بہ آهن.
سيوهڻ جي قلعي جي کوٽائي ڪيل، انهن جي ماپ ۽ دورن جو وچور :


هن صفحي کي شيئر ڪريو