سيوي: هن قديم شھر جو پراڻو نالو سويس هو ۽ انهيءَ کان اڳ هن کي ’ڪاڪا راڄ‘ چوندا هئا. هي قديم آثار سکر ۾ واقع آهن. سيوي بکر (موجودہ سکر) ۽ سيتپور جي وچ وارو علائقو آهي، جنهن کي بارڪان (ڀاڳ ناڙي) بہ چوندا آهن. هنن آثارن تي علائقي جي ڪري نالو پيو. سيويءَ کان اتر طرف هڪ گنبذ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’مارو کير‘ چوندا آهن. ان جاءِ تي پهچبو ته، اهو ڏسڻ ۾ نہ ايندو. ’تاريخ معصوميءَ‘ ۾ آيل آهي تہ: ”هڪ ڀيري سلطان محمود بکري ٻہ-ٽي هزار ماڻهو گڏ ڪري، هٿ هٿ ۾ ڏئي انهيءَ ٽڪر تي ويو، پر ڪجهہ بہ ڏسڻ ۾ نہ آيس.“ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي تہ هي هڪ طلسم آهي، جيڪو قديم زماني ۾ ٺاهيو ويو هو ۽ انهيءَ ۾ خزانو دفن ٿيل آهي. هڪ دفعي هڪ درويش اتي پهچي، اتان ڪجهہ هٿ ڪري آيو هو، جنهن کانپوءِ ڪيترا ماڻهو اها اميد رکي اوڏانهن ويا، پر ڪجهہ بہ نہ لڌائون. سيويءَ جو قلعو هڪ ٽڪريءَ جي دامن ۾ آهي، جنهن جا سڀ پٿر لسا ۽ گول آهن. زمين کي کوٽڻ سان بہ اهڙائي پٿر ظاهر ٿين ٿا.
تاريخدان لکن ٿا تہ سيويءَ جي پسگردائيءَ ۾ وونئڻ، هيرڻ جي وڻ جيڏو ٿيندو هو، جنهن تي ماڻهو چڙهي ڪپھہ چونڊيندا هئا. هتي نانگ، بلائون تمام گهڻي مقدار ۾ آهن، جيڪي اٽڪل سؤ کان ٻہ سؤ گرانٺن جيتريون ٿين. سيويءَ جي هيٺين پاسي کان هڪ واهڙ وهي ٿو، جنهن جو لنگهہ گندرف جي پاڻيءَ مٿان معلوم ٿئي ٿو. هن پاڻيءَ ۾ زهريلو مادو ملي وڃڻ ڪري پاڻي پيئڻ لاءِ نقصانڪار آهي. اڪبر بادشاھہ جي زماني ۾ ٻوڏ آئي، جيڪا انهن چشمن کي وهائي وئي. اهو چشمي جو پاڻي پنجاھہ ڪوهن جو مفاصلو طئي ڪري، سرواھہ جي سرزمين تي گڏ ٿئي ٿو ۽ اُتي پوک جي ڪم اچي ٿو.
سيويءَ جي پسگردائيءَ ويجهو گنجابه جي ٽڪرن ۾هڪ طلسمات آهي. هتي هڪ ٽڪريءَ جو دامن گيلريءَ وانگيان اڳتي وڌيل آهي، جتي هڪ لوهي پنڃرو لٽڪيل آهي.
روايت آهي تہ انهيءَ ۾ ڪجهہ رکيل آهي، جنهن کي ڪنهن جو بہ هٿ پهچي نٿو سگهي، جيڪڏهن جبل جي مٿان چڙهي رسو لڙڪائي ڪو ماڻهو اتي پهچي ٿو تہ اهو پڃرو اُتان هٽي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن هيٺان کان وڃجي ٿو تہ بہ نٿو ملي. جبل جي اها چوٽي لسي ۽ زمين کان تمام مٿاهين آهي. سيويءَ ۽ گنجابه جي زمين نقشي مطابق، سيتپور ۽ درياءُ جي ڪناري کان جبل جي قطار، سيويءَ گنجابه ۽ پاٽ تائين ۽ اتان اڌ گول ٺاهي وري درياھہ جي ڪناري تائين پهچي ٿي. وچ ۾ سڄو ميداني ۽ برپٽ وارو علائقو آهي، جنهن منجهان قنڌار وڃڻ جو رستو نڪري ٿو. درياھہ کان سيوي تائين واري علائقي جي ڊيگهہ 100 ڪوھہ ۽ ويڪر 60 ڪوھہ آهي. اونهاري جي موسم ۾ هتي سخت جهولو لڳي ٿو، جيڪو چئن مهينن تائين لڱ ساڙيندو آهي.