سيوي در

سيوي در: هي شڪارپور جي قلعي (شھر پناھہ) جي اٺن دروازن مان هڪ دروازو هو. هي دروازو شھر جي گوشت مارڪيٽ لڳ ٽانگا اسٽئنڊ جي اڳيان موجود آهي. هتان جيڪب آباد کان سبيءَ ڏانهن رستو ويندو هو، جتان ڪوئٽا، بولان لڪ، قنڌار ۽ ايران ڏانهن رستو ويندو هو. سبيءَ ڏانهن رستو وڃڻ سبب هن دروازي تي ’سيويدر‘ نالو پيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو