سيٺارجن جا قاضي: سيٺارجن جا قاضي عباسي خاندان سان واسطو رکن ٿا. سندن وڏا کهڙن جي مخدومن سان گڏ سنڌ ۾ اچي خيرپور ۾ آباد ٿيا. هنن جي مورث اعلى يحيى، سيٺارجا شھر ۾ ديني مدرسو کولي، تعليم تبليغ جو سلسلو شروع ڪيو. يحيى قاضي وڏو عالم ۽ باڪمال بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس وفات کانپوءِ سندس ٻہ پٽ قاضي عمر دراز ۽ قاضي الهيار بہ پنھنجي وقت جا عارف هئا. قاضي الهيار عالم هجڻ سان گڏ حافظ قرآن پڻ هو. هو پنجاب جي جهنگ علائقي ۾ پنھنجي مريدن وٽ وڃي رهيو ۽ وفات بہ اتي ئي ڪيائين. سيٺارجن ۾ قاضي يحيى جي مسند تي قاضي عمردراز ويٺو. خيرپور جا ٽالپر حڪمران مير سهراب خان ۽ مير رستم خان ٻئي کيس عزت جي نگاھہ سان ڏسندا هئا. سندس فتوى کي وڏي اهميت حاصل هوندي هئي.
عمر دراز جا ٻہ پٽ قاضي خير محمد ۽ قاضي خان محمد بہ وڏا درويش ۽ عالم هئا. هن خاندان مان مير فضل الله، مير فيض محمد خان وٽ منشي هو، هو وڏو ڪاتب، انشا پردار ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، سندس وڏن جو قائم ڪيل مدرسو هن وقت بند ٿي چڪو آهي، اڃا تائين سندس اولاد هلندو اچي.