سيٺ نانڪرام

سيٺ نانڪرام: سيٺ نانڪرام اصل رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. هن 14 آڪٽوبر 1923ع تي پريتم داس جي گهر ۾ جنم ورتو. 1943ع ۾ بچاسنگهہ ميونسپل هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ بعد 1944ع ۾ کيس سنڌ پرچيزنگ بورڊ ۾ نوڪري ملي. پهريان ڪلارڪ ۽ پوءِ سينيئر ڪلارڪ ٿيو.
1947ع ۾ ورهاڱي بعد ڪافي هندو آفيسر سنڌ مان لڏي ويا، پر هن سنڌ ۾ ئي رهڻ پسند ڪيو، پوءِ کيس مئنيجر ڪري رکيو ويو. ڪيترائي سال سينيٽري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. 1948ع کان 1949ع تائين کيس شھر جي پنچائت جو مکي چونڊيو ويو. ان جو ڪجهہ وقت وائيس پريزيڊنٽ بہ رهيو. 1959ع ۾ وري کيس صدر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي وفات تائين فائز رهيو. 1950ع ۾ سندس والد ۽ وڏو ڀاءُ آنندرام هندستان لڏي ويا، پر هي پنھنجي خاندان سميت نئين ديري لڏي آيو. 1953ع ۾ ڪميشن ايجنٽ ۽ گرين مرچنٽ جي نالي سان نئين ديري ۾ ڪوٺي کوليائين، جيڪا 1994ع تائين قائم رهي.
سيٺ نانڪرام ٽائون ڪميٽيءَ جو ميمبر بہ رهيو. هن ڪيترن غريبن جي مدد ڪئي. سندس پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشديءَ سان دوستاڻا تعلقات هئا.
سيٺ نانڪرام 1988ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.


لفظ سيٺ نانڪرامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو