سيٺ هرچندراءِ وشنداس

سيٺ هرچندراءِ وشنداس

سيٺ هرچندراءِ وشنداس

سيٺ هرچندراءِ وشنداس: سنڌ جو روشن خيال شخص ۽ سماجي خدمتگار، سيٺ هرچندراءِ 1862ع ۾ ڳوٺ مانجھو، تعلقي ڪوٽڙيءَ، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد صاحب سيٺ وشنداس جي ئي قائم ڪيل اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جنهن بعد هن ڪوٽڙي شهر ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ داخلا ورتي. ڪوٽڙي شهر تن ڏينهن ۾ سامونڊي پورٽ ۽ ريلوي اسٽيشن جي ڪري وڏو تجارتي مرڪز هو. ائين سيٺ هرچندراءِ انهن ڇهن سنڌي نوجوانن مان هڪ هو، جن 1887ع کان اڳ الفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ مان گرئجوئيشن ڪئي. ان کان اڳ مرزا صادق علي بيگ ۽ ڏيارام گدو مل کان سواءِ ٻيا ٽي نوجوان هئا، جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگھيا هئا.
سيٺ هرچندراءِ 1885ع ۾ قانون (Law) جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ شڪارپور ڪورٽ ۾ هڪ ننڍڙي ملازمت اختيار ڪئي، پر پوءِ جلد ئي استعيفا ڏئي اچي ڪراچي وسايائين ۽ اتي قانوني پرئڪٽس شروع ڪيائين. اڳتي هلي مشهور قانوندان ثابت ٿيو. ڪراچي بار ائسوسيئشن 1890ع ۾ قائم ٿي ۽ کيس ان جو اعزازي سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ان عهدي تي 38 سال فائز رهيو. ان دوران هن پنهنجو گھڻو وقت سماجي ڪمن ۾ وقف ڪيو.
سيٺ هرچندراءِ سنڌ جي سماجي ترقيءَ ۽ سياسي تبديليءَ جا گڏيل رستا ۽ پيچرا نروار ڪيا. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ‘ ۾ سندس اهڙين سرگرمين جو ذڪر ڪيو آهي. هرچندراءِ سنڌ کي درپيش مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف هو ۽ هو هميشه اهڙن مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ڪندو رهندو هو. هن رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ سان گڏ سنڌ جي ڪمشنر جا اختيار گھٽائڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽ ڪمشنر جا اختيار بحال ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ٻئي ڄڻا گورنر بمبئي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبرن سان مليا ۽ کين اهڙي صورتحال کان آگاهه ڪري پنهنجا خدشا ظاهر ڪيائون. سنڌ جو ڪمشنر ئي سڀ کان وڏي اٿارٽي هئي، جنهن لاءِ اهو قانوني دليل ڏنو ويو ته جيڪڏهن ان جا اختيار گھٽايا ويا ته ان سان علائقو وڌيڪ پوئتي ڌڪجي ويندو. ان بابت وڌيڪ دليل اهي ڏنا ويا ته ائين ڪرڻ سان صوبي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي. بهرحال ان مسئلي کي زوردار نموني اٿارڻ ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ عيوض قانون ۽ قاعدن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي ۽ سيٺ هرچندراءِ ۽ ڀرڳڙي صاحب پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. سيٺ هرچندراءِ سنڌ جي هارين جي حقن ۽ انهن جي خوشحاليءَ لاءِ پڻ جاکوڙ جاري رکي. هن سنڌ ۾ ڪئنال سسٽم کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو ته جيئن سنڌ جي زرعي پيداوار ۾ واڌارو اچي سگھي. سيٺ هرچندراءِ جي اهڙين ڪوششن عيوض سنڌ جي ڪيتري غير آباد زمين آباد ٿي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌارو آيو. سنڌ ۾ انهيءَ دور ۾ روڊن جي حالت بنهه خراب هئي، ان ڪري معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ روڊن جو هجڻ ضروري هو. ان وقت مواصلات جا ذريعا نه هجڻ سبب سنڌ جو عام ماڻهو سياسي سجاڳي حاصل ڪري نه سگھيو هو. هرچندراءِ انهيءَ مسئلي کي اڳيان رکندي سنڌ ۾ بهتر آمد رفت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن نوان روڊ رستا ٺهرائڻ شروع ڪيا، ريلوي لائينون وڇرايون ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي پراجيڪٽ شروع ڪرايا. سماجي ۽ ادبي ڪمن سان گڏوگڏ هرچندراءِ پنهنجو سياسي سفر به ماٺو ٿيڻ نه ڏنو. 1910ع ۾ بمبئي ڪائونسل جا چار ميمبر چونڊيا ويا: (1) ميونسپل مان سيٺ هرچندراءِ، (2) زميندارن مان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، (3) لوڪلبورڊ مان سيد الهندو شاهه، (4) چئمبر آف ڪامرس مان مانٽيگو ويب. سيٺ هرچندراءِ 30 ووٽ حاصل ڪيا ۽ سندس مخالف کي رڳو 9 ووٽ مليا. اهڙيءَ طرح سيٺ هرچندراءِ بمبئي ڪائونسل جو 7 سال ميمبر رهيو.
هن 1888ع کان انڊين نيشنل ڪانگريس جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي، 1912ع ۾ ڪائونسل جون ٻيهر چونڊون ٿيون ۽ هن ڀيري سيٺ هرچندراءِ جي مقابلي ۾ ديوان ڀوڄ سنگھه سامهون آيو. هرچندراءِ هي مقابلو هڪ طرفو يعنيٰ 39 جي ڀيٽ ۾ 2 ووٽن تان کٽيو. هرچندراءِ پنهنجي سياسي سفر ۾ به سنڌ جي مسئلن تي نظر رکي ۽ انهن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هن سفر ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ساڻس گڏ رهيو، هي ٻئي هڪٻئي جا انتهائي ويجھا دوست هئا ۽ سنڌ جي قومي مسئلن تي پنهنجو مضبوط موقف رکندا هئا. کين پير علي محمد شاهه راشديءَ ’سنڌ جا ماهتاب ۽ آفتاب‘ سڏيو آهي.
سيٺ هرچندراءِ ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. هن پنهنجي حياتيءَ جو ڳچ حصو ڪراچي ميونسپل ڪاميٽيءَ کي ترقي وٺرائڻ ۾ گذاريو. هن ڪراچيءَ کي جديد نموني ترقي وٺائڻ لاءِ پنهنجي قيمتي وقت سان گڏ پئسي جي به سيڙپ ڪئي ۽ انهيءَ جو اڄ اجورو ڄڻ ملي ويو آهي، جو تاريخ کيس ’ڪراچيءَ جو باني‘ سڏي ٿي. سيٺ هرچندراءِ 1888ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان وقت هو صرف 26 سالن جو هو. ’سيوڪ باڊي‘ جو 1888ع کان 1896ع تائين ميمبر رهيو. هن جو پارٽي ليڊر ديوان ٽهلرام ميونسپالٽيءَ جو 1896ع ۾ صدر منتخب ٿيو. ساڳئي سال هرچندراءِ ميونسپالٽيءَ جي ميمبر شپ تان استعيفا ڏني ۽ شهري ترقيءَ لاءِ ان جو ليگل ايڊوائيزر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هن ميونسپالٽيءَ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ مزيد تجربو حاصل ڪيو. ديوان ٽهلرام 1905ع ۾ وفات ڪئي ۽ هرچندراءِ ان پارٽيءَ جو صدر منتخب ٿيو.
سيٺ هرچندراءِ 1910ع ۾ ٻيهر ميونسپالٽيءَ ۾ آيو ، هڪ سال کان پوءِ ان جو صدر ٿيو. 1911ع ۾ صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڪراچيءَ جي تـرقيءَ لاءِ ڏيـنهـن رات سـخـت مـحـنـت ڪـيائين، جـنهـنڪـري کيس Father of Modern Karachi سڏيو وڃي ٿو. هن نه رڳو ڪراچي شهر جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو، پر انهيءَ ڪم کي مستقل جاري رکڻ لاءِ ميونسپالٽيءَ کي انتظامي توڙي مالي حوالي سان مضبوط بڻائڻ لاءِ پڻ ڪم ڪيو. جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته جڏهن هو ميونسپالٽيءَ جو صدر هو ته ميونسپالٽيءَ تي ان دور جا ڏهه لک روپيا قرض هو ۽ جڏهن هن ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ ميونسپالٽيءَ ۾ رهي 10 سالن کانپوءِ استعيفا ڏني ته ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ 34 لک روپيا ڇڏيائين ۽ اداري تي رڳو 20 هزار روپيا وڃي قرض رهيو هو، جڏهن ته اداري جي بچت لاءِ 3 لک روپيا الڳ ڇڏيائين. هن ميونسپالٽيءَ جي صدر جي حيثيت ۾ پنهنجي 11 سالن جي عرصي دوران ڪراچيءَ ۾ ترقيءَ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪرايا. جهڙوڪ: مڇي مياڻي رنڇوڙ لائين، ان کان سواءِ هن ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ جي زمين خريد ڪئي ۽ شهر جي نين ايراضين کي ميونسپالٽيءَ ۾ آندو. انهيءَ ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ فنڊ رکيائين. هن ڌوٻي گھاٽ ۽ گانڌي باغ کي بحال ڪرڻ لاءِ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ انهن جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ آباديءَ جي مدنظر شهر جا روڊ ويڪرا ڪرايائين. هن جي ميونسپالٽيءَ جي صدارتي دور جي ابتدا ۾ ڪراچيءَ جي آدم شماري هڪ لک 51 هزار 904 هئي، جيڪا هن جي آخري دور يعنيٰ 1921ع ۾ وڌي ٻه لک، 16 هزار 833 ٿي وئي. هن جي دور ۾ ڪراچيءَ جي ترقي گھٽ پئسن ۽ ٿوري وقت ۾ ٿي. ڪراچيءَ جي صحيح معنيٰ ۾ اقتصادي ترقي ٿي. هن ڪراچيءَ جي سڀني پراڻن ۽ پٺتي پيل علائقن کي ترقي وٺرائي.
هرچندراءِ تعليم جي ميدان ۾ پڻ ڪيتريون خدمتون سر انجام ڏنيون. هرچندراءِ ڪراچيءَ ۾ تعليم جي فروغ ۽ تعليم کي عام ڪرڻ جي لاءِ بل پيش ڪندي، ان جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. سنڌ جي ڪمشنر اهو بل منظور ڪندي، ان جا قاعدا ۽ قانون جوڙڻ جو حڪم ڏنو. اهڙيءَ ريت هرچندراءِ جي ڏهه سالا ميونسپالٽيءَ جي صدارتي دور ۾ ڪراچي ميونسپالٽي هر سال پنهنجي تعليمي بجيٽ ۾ اضافو ڪندي رهي. ان مقصد لاءِ 1911ع ۾ 92 هزار 117 روپيا خرچ ٿيا، جڏهن ته 1921ع ۾ تعليمي بجيٽ وڌائي 2 لک 17 هزار 444 روپيا ڪئي وئي. جڏهن ته شاگردن جو تعداد 10 سالن اندر 2410 مان وڌي 4312 تائين وڃي پهتو.
سنڌ جو هي عظيم محسن دهليءَ ۾ 16 فيبروري 1928ع تي وفات ڪري ويو. سنڌ جي تاريخ ۾ سندس خدمتون هميشه لاءِ ياد رکيون وينديون. سندس وفات نه رڳو سنڌ، پر هند جي ماڻهن کي به سوڳوار ڪري ڇڏيو. انڊيا جي اخبارن سندس موت جي خبر وڏين سرخين سان شايع ڪئي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ هن لاءِ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون. ماهوار ’ماڊرن رويو‘ ڪلڪته، ’هندستان ٽائمز‘، برطانيا جي اخبارن ’ڊيلي گزيٽ‘، ’د سنڌ آبزرور‘ ۽ ٻين پنهنجي خبرن کان ويندي ايڊيٽوريلن ۽ آرٽيڪلن ۾ سيٺ هرچندراءِ کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هرچندراءِ جي ميت جي جمنا ڪناري تي ڪرياڪرم ڪئي وئي.
هن جي پهرين ورسيءَ واري تقريب جو هڪ وڏو فنڪشن ڪراچيءَ ۾ ٿيو، تقريب ۾ آچاريه گدواڻيءَ ۽ ٻين کيس زبردست خراج پيش ڪيو.


لفظ سيٺ هرچندراءِ وشنداسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.02.16  عيسوي

سيٺ هرچندراءِ 1862ع ۾ ڳوٺ مانجھو، تعلقي ڪوٽڙيءَ، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو.سنڌ جو هي عظيم محسن دهليءَ ۾ 16 فيبروري 1928ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻتڙ فقير پٽ ڇڇر
ڌڻي بخش ناقص
آلو فقير
ڄام خان چانڊيو
خروشچيف
احمد ھالائي مخدوم
شيخ حسين صفائي ٺٽوي
امداد ڪانھيو
احمد خان ملڪاڻي
چاڳلي (مائي چاڳلي)
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون