
سيٺ هرچندراءِ وشنداس
سيٺ هرچندراءِ وشنداس: سنڌ جو روشن خيال شخص ۽ سماجي خدمتگار، سيٺ هرچندراءِ 1862ع ۾ ڳوٺ مانجهو، تعلقي ڪوٽڙيءَ، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي والد صاحب سيٺ وشنداس جي ئي قائم ڪيل اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جنهن بعد هن ڪوٽڙي شھر ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ داخلا ورتي. ڪوٽڙي شھر تن ڏينهن ۾ سامونڊي پورٽ ۽ ريلوي اسٽيشن جي ڪري وڏو تجارتي مرڪز هو. ائين سيٺ هرچندراءِ انهن ڇھن سنڌي نوجوانن مان هڪ هو، جن 1887ع کان اڳ الفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ مان گرئجوئيشن ڪئي. ان کان اڳ مرزا صادق علي بيگ ۽ ڏيارام گدو مل کان سواءِ ٻيا ٽي نوجوان هئا، جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهيا هئا.
سيٺ هرچندراءِ 1885ع ۾ قانون (Law) جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ شڪارپور ڪورٽ ۾ هڪ ننڍڙي ملازمت اختيار ڪئي، پر پوءِ جلد ئي استعيفا ڏئي اچي ڪراچي وسايائين ۽ اتي قانوني پرئڪٽس شروع ڪيائين. اڳتي هلي مشھور قانوندان ثابت ٿيو. ڪراچي بار ائسوسيئشن 1890ع ۾ قائم ٿي ۽ کيس ان جو اعزازي سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ان عهدي تي 38 سال فائز رهيو. ان دوران هن پنهنجو گهڻو وقت سماجي ڪمن ۾ وقف ڪيو.
سيٺ هرچندراءِ سنڌ جي سماجي ترقيءَ ۽ سياسي تبديليءَ جا گڏيل رستا ۽ پيچرا نروار ڪيا. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ‘ ۾ سندس اهڙين سرگرمين جو ذڪر ڪيو آهي. هرچندراءِ سنڌ کي درپيش مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف هو ۽ هو هميشہ اهڙن مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ڪندو رهندو هو. هن رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ سان گڏ سنڌ جي ڪمشنر جا اختيار گهٽائڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽ ڪمشنر جا اختيار بحال ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ٻئي ڄڻا گورنر بمبئي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبرن سان مليا ۽ کين اهڙي صورتحال کان آگاھہ ڪري پنهنجا خدشا ظاهر ڪيائون. سنڌ جو ڪمشنر ئي سڀ کان وڏي اٿارٽي هئي، جنهن لاءِ اهو قانوني دليل ڏنو ويو تہ جيڪڏهن ان جا اختيار گهٽايا ويا تہ ان سان علائقو وڌيڪ پوئتي ڌڪجي ويندو. ان بابت وڌيڪ دليل اهي ڏنا ويا تہ ائين ڪرڻ سان صوبي ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. بهرحال ان مسئلي کي زوردار نموني اٿارڻ ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ عيوض قانون ۽ قاعدن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي ۽ سيٺ هرچندراءِ ۽ ڀرڳڙي صاحب پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. سيٺ هرچندراءِ سنڌ جي هارين جي حقن ۽ انهن جي خوشحاليءَ لاءِ پڻ جاکوڙ جاري رکي. هن سنڌ ۾ ڪئنال سسٽم کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو تہ جيئن سنڌ جي زرعي پيداوار ۾ واڌارو اچي سگهي. سيٺ هرچندراءِ جي اهڙين ڪوششن عيوض سنڌ جي ڪيتري غير آباد زمين آباد ٿي ۽ زرعي پيداوار ۾ واڌارو آيو. سنڌ ۾ انهيءَ دور ۾ روڊن جي حالت بنھہ خراب هئي، ان ڪري معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ روڊن جو هجڻ ضروري هو. ان وقت مواصلات جا ذريعا نہ هجڻ سبب سنڌ جو عام ماڻهو سياسي سجاڳي حاصل ڪري نہ سگهيو هو. هرچندراءِ انهيءَ مسئلي کي اڳيان رکندي سنڌ ۾ بهتر آمد رفت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن نوان روڊ رستا ٺهرائڻ شروع ڪيا، ريلوي لائينون وڇرايون ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي پراجيڪٽ شروع ڪرايا. سماجي ۽ ادبي ڪمن سان گڏوگڏ هرچندراءِ پنهنجو سياسي سفر بہ ماٺو ٿيڻ نہ ڏنو. 1910ع ۾ بمبئي ڪائونسل جا چار ميمبر چونڊيا ويا: (1) ميونسپل مان سيٺ هرچندراءِ، (2) زميندارن مان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، (3) لوڪلبورڊ مان سيد الھندو شاھہ، (4) چئمبر آف ڪامرس مان مانٽيگو ويب. سيٺ هرچندراءِ 30 ووٽ حاصل ڪيا ۽ سندس مخالف کي رڳو 9 ووٽ مليا. اهڙيءَ طرح سيٺ هرچندراءِ بمبئي ڪائونسل جو 7 سال ميمبر رهيو.
هن 1888ع کان انڊين نيشنل ڪانگريس جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي، 1912ع ۾ ڪائونسل جون ٻيهر چونڊون ٿيون ۽ هن ڀيري سيٺ هرچندراءِ جي مقابلي ۾ ديوان ڀوڄ سنگهه سامهون آيو. هرچندراءِ هي مقابلو هڪ طرفو يعنيٰ 39 جي ڀيٽ ۾ 2 ووٽن تان کٽيو. هرچندراءِ پنھنجي سياسي سفر ۾ بہ سنڌ جي مسئلن تي نظر رکي ۽ انهن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. هن سفر ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ساڻس گڏ رهيو، هي ٻئي هڪٻئي جا انتهائي ويجها دوست هئا ۽ سنڌ جي قومي مسئلن تي پنهنجو مضبوط موقف رکندا هئا. کين پير علي محمد شاھہ راشديءَ ’سنڌ جا ماهتاب ۽ آفتاب‘ سڏيو آهي.
سيٺ هرچندراءِ ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن پنھنجي حياتيءَ جو ڳچ حصو ڪراچي ميونسپل ڪاميٽيءَ کي ترقي وٺرائڻ ۾ گذاريو. هن ڪراچيءَ کي جديد نموني ترقي وٺائڻ لاءِ پنھنجي قيمتي وقت سان گڏ پئسي جي بہ سيڙپ ڪئي ۽ انهيءَ جو اڄ اجورو ڄڻ ملي ويو آهي، جو تاريخ کيس ’ڪراچيءَ جو باني‘ سڏي ٿي. سيٺ هرچندراءِ 1888ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان وقت هو صرف 26 سالن جو هو. ’سيوڪ باڊي‘ جو 1888ع کان 1896ع تائين ميمبر رهيو. هن جو پارٽي ليڊر ديوان ٽھلرام ميونسپالٽيءَ جو 1896ع ۾ صدر منتخب ٿيو. ساڳئي سال هرچندراءِ ميونسپالٽيءَ جي ميمبر شپ تان استعيفا ڏني ۽ شھري ترقيءَ لاءِ ان جو ليگل ايڊوائيزر ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ هن ميونسپالٽيءَ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ مزيد تجربو حاصل ڪيو. ديوان ٽھلرام 1905ع ۾ وفات ڪئي ۽ هرچندراءِ ان پارٽيءَ جو صدر منتخب ٿيو.
سيٺ هرچندراءِ 1910ع ۾ ٻيهر ميونسپالٽيءَ ۾ آيو ، هڪ سال کان پوءِ ان جو صدر ٿيو. 1911ع ۾ صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڪراچيءَ جي تـرقيءَ لاءِ ڏيـنهـن رات سـخـت مـحـنـت ڪـيائين، جـنهـنڪـري کيس Father of Modern Karachi سڏيو وڃي ٿو. هن نہ رڳو ڪراچي شھر جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو، پر انهيءَ ڪم کي مستقل جاري رکڻ لاءِ ميونسپالٽيءَ کي انتظامي توڙي مالي حوالي سان مضبوط بڻائڻ لاءِ پڻ ڪم ڪيو. جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ جڏهن هو ميونسپالٽيءَ جو صدر هو تہ ميونسپالٽيءَ تي ان دور جا ڏھہ لک روپيا قرض هو ۽ جڏهن هن ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ ميونسپالٽيءَ ۾ رهي 10 سالن کانپوءِ استعيفا ڏني تہ ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ 34 لک روپيا ڇڏيائين ۽ اداري تي رڳو 20 هزار روپيا وڃي قرض رهيو هو، جڏهن تہ اداري جي بچت لاءِ 3 لک روپيا الڳ ڇڏيائين. هن ميونسپالٽيءَ جي صدر جي حيثيت ۾ پنھنجي 11 سالن جي عرصي دوران ڪراچيءَ ۾ ترقيءَ جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪرايا. جھڙوڪ: مڇي مياڻي رنڇوڙ لائين، ان کان سواءِ هن ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ جي زمين خريد ڪئي ۽ شھر جي نين ايراضين کي ميونسپالٽيءَ ۾ آندو. انهيءَ ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ فنڊ رکيائين. هن ڌوٻي گهاٽ ۽ گانڌي باغ کي بحال ڪرڻ لاءِ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ انهن جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ آباديءَ جي مدنظر شھر جا روڊ ويڪرا ڪرايائين. هن جي ميونسپالٽيءَ جي صدارتي دور جي ابتدا ۾ ڪراچيءَ جي آدم شماري هڪ لک 51 هزار 904 هئي، جيڪا هن جي آخري دور يعنيٰ 1921ع ۾ وڌي ٻہ لک، 16 هزار 833 ٿي وئي. هن جي دور ۾ ڪراچيءَ جي ترقي گهٽ پئسن ۽ ٿوري وقت ۾ ٿي. ڪراچيءَ جي صحيح معنيٰ ۾ اقتصادي ترقي ٿي. هن ڪراچيءَ جي سڀني پراڻن ۽ پٺتي پيل علائقن کي ترقي وٺرائي.
هرچندراءِ تعليم جي ميدان ۾ پڻ ڪيتريون خدمتون سر انجام ڏنيون. هرچندراءِ ڪراچيءَ ۾ تعليم جي فروغ ۽ تعليم کي عام ڪرڻ جي لاءِ بل پيش ڪندي، ان جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. سنڌ جي ڪمشنر اهو بل منظور ڪندي، ان جا قاعدا ۽ قانون جوڙڻ جو حڪم ڏنو. اهڙيءَ ريت هرچندراءِ جي ڏھہ سالا ميونسپالٽيءَ جي صدارتي دور ۾ ڪراچي ميونسپالٽي هر سال پنھنجي تعليمي بجيٽ ۾ اضافو ڪندي رهي. ان مقصد لاءِ 1911ع ۾ 92 هزار 117 روپيا خرچ ٿيا، جڏهن تہ 1921ع ۾ تعليمي بجيٽ وڌائي 2 لک 17 هزار 444 روپيا ڪئي وئي. جڏهن تہ شاگردن جو تعداد 10 سالن اندر 2410 مان وڌي 4312 تائين وڃي پهتو.
سنڌ جو هي عظيم محسن دهليءَ ۾ 16 فيبروري 1928ع تي وفات ڪري ويو. سنڌ جي تاريخ ۾ سندس خدمتون هميشہ لاءِ ياد رکيون وينديون. سندس وفات نہ رڳو سنڌ، پر هند جي ماڻهن کي بہ سوڳوار ڪري ڇڏيو. انڊيا جي اخبارن سندس موت جي خبر وڏين سرخين سان شايع ڪئي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ هن لاءِ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون. ماهوار ’ماڊرن رويو‘ ڪلڪته، ’هندستان ٽائمز‘، برطانيا جي اخبارن ’ڊيلي گزيٽ‘، ’د سنڌ آبزرور‘ ۽ ٻين پنھنجي خبرن کان ويندي ايڊيٽوريلن ۽ آرٽيڪلن ۾ سيٺ هرچندراءِ کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هرچندراءِ جي ميت جي جمنا ڪناري تي ڪرياڪرم ڪئي وئي.
هن جي پهرين ورسيءَ واري تقريب جو هڪ وڏو فنڪشن ڪراچيءَ ۾ ٿيو، تقريب ۾ آچاريه گدواڻيءَ ۽ ٻين کيس زبردست خراج پيش ڪيو.
1928.02.16 عيسوي
سيٺ هرچندراءِ 1862ع ۾ ڳوٺ مانجھو، تعلقي ڪوٽڙيءَ، ضلعي ڄام شوري ۾ پيدا ٿيو.سنڌ جو هي عظيم محسن دهليءَ ۾ 16 فيبروري 1928ع تي وفات ڪري ويو.