سيپارہ

سيپارہ (سيپارہ): هي هڪ فارسي اصطلاح آهي (سي يعني ٽيهون، پاره يعني حصو يا ٽڪرو)، جيڪو قرآن مجيد جي هڪ مخصوص حصي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. قرآن مجيد ٽيهن مختلف حصن ۾ ورهايل آهي. ان جو هر حصو سيپارو سڏجي ٿو. هر سيپاري ۾ مختلف تعداد ۾ آيتون ۽ سورتون آهن. سڀ سيپارا هڪ ئي جلد ۾ گڏ هجڻ جي صورت ۾ مڪمل قرآن مجيد جي صورت اختيار ڪن ٿا. ٻيءَ صورت ۾ هر سيپارو پنهنجيءَ جاءِ تي قرآن مجيد جو هڪ جدا حصو هوندو آهي. هر سيپاري جو جدا نالو ۽ نمبر آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو تہ تعاليٰ جو ڪهڙو حڪم ڪهڙي سيپاري ۾ آهي.


لفظ سيپارہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو