سيڙھہ کينهوڙي راند

سيڙھہ کينهوڙي راند: هن راند کي ’نانگيل ڦوسيل‘ راند بہ سڏين ٿا. هن راند ۾ ٻہ ٽوليون ٿينديون آهن، جن مان هڪ ٽولي آڳ وٺندي آهي. پهريائين هڪ ٽولي ’سيڙھہ يا نانگيل ڦوسيل ٺاهيندي‘ اُها هن ريت، جو هڪڙي سڄي سر اُڀي ڪري رکندا، ان جي مٿان اڌ سر جو، تنهن جي مٿان ٽڪر ٽوٽو، تنهن جي مٿان ڀتر ڀور ان مٿان ٺڪريون، ٺڪرين تي ٿڪ هڻي، مٿان سُڪل مٽي ٻرڪي ويندي آهي. اهڙيءَ ريت سيڙھہ تيار ٿي ويندي آهي. ان کانپوءِ آڳ وٺندڙ سيڙھہ کان ويھہ ۽ آڳ ڏيندڙ سيڙھہ کان پنجن وکن جي مفاصلي تي آمهون سامهون ٿي بيهندا، ان کانپوءِ آڳ وٺندڙ هڪڙو هڪڙو ٿي ڏڙهو سيڙھہ کي چٽي هڻندو، جي ڏڙهو لڳو ۽ سيڙھہ ڪري پئي تہ آڳ وٺندڙ ٽولي جا رانديگر پيرن سان کينهوڙو ٿڏيندا پري ڌڪيندا ويندا ۽ آڳ ڏيندڙ يڪدم سيڙھہ ٺاهڻ کي لڳي ويندا. سيڙھہ ٺھي تيار ٿي تہ واڪ ڏيندا ۽ پنهنجن همراهن کي هوڪا ڪري سجاڳ ڪندا تہ سيڙھہ تيار ٿي چڪي آهي. سيڙھہ جي ٺھڻ جو واڪو ٻڌي آڳ کي وٺندڙ ڏڙهي کي ٿڏڻ بجاءِ اُتي ئي ڇڏي وٺي پوئتي ڀڄندا. آڳ ڏيندڙن جا ڪي همراھہ جي ٿڏڻ وقت سندن پاسو جهليو پيا ويندا، سي جڏهن ٻڌندا سيڙھہ تيار ٿي چڪي آهي تہ يڪدم بال يا کينهوڙي کي هٿ ۾ کڻي آڳ وٺندڙن کي اهو بہ ڏڙهو چٽيندا هڻندا، جي ڪنهن کي ڏڙهو لڳو تہ اها ٽولي ’کتي‘ ۽ پوءِ اچي آڳ ڏيندي، پوءِ جي آڳ وٺندڙ ٽولي جي سڀني همراهن جي ڏڙهي هڻڻ سان سيڙھہ نہ ڊٺي تہ اُهي اچي آڳ ڏيندا، پر جي آڳ ڏيندڙن جو ڪنهن کي بہ ڏڙهو سيڙھہ ٺاهڻ کانپوءِ نہ لڳو، يا اهو گسائي پنھنجي پڙ تي پهچي ويا تہ وري بہ پاڻ آڳ وٺندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو