سيڪيولر ازم

سيڪيولر ازم: سيڪيولر ازم انساني معاشري جي تنظيم ۽ ضابطي جو اهڙو رياستي نظام آهي، جيڪو ظاهري طور تي طئي ٿيل جاگرافيائي حدن ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ رهندڙ سڀني انسانن جي بنا ڪنهن متڀيد جي تحفظ، ڀلائي ۽ ترقيءَ جي ذميواري قبول ڪري ٿو. سيڪيولر رياست اُنهن مقصدن جي حاصلات لاءِ عام سمجهہ گڏيل صلاح (مشوري) ۽ انصاف جا اصول ڪتب آڻي ٿي. انساني معاشرو هڪ نامياتي مظهر آهي، جيڪو تبديل ٿيندڙ آهي. تاريخي طور معاشري کي منظم ڪرڻ لاءِ مختلف رياستي نظام اختيار ڪيا ويندا آهن، ڪڏهن ڪنهن خاص خاندان کي حڪمرانيءَ جو حق بخشيو ويندو آهي، ڪڏهن ڪنهن مخصوص نسل يا ٻوليءَ سان تعلق رکڻ وارن کي حڪمرانيءَ جو حق ملندو آهي. ڪٿي ڪنهن خاص عقيدي جي اڳواڻ کي حڪمرانيءَ جي رتبي لاءِ اهل قرار ڏنو ويندو هو. انهن مختلف نظامن مان رياست جي ٺھڻ جو مقصد بہ تبديل ٿيندو رهيو، ڪٿي رياست جو مقصد شخصي اقتدار روشنيءَ جو عھد چئبو هو تہ ڪٿي رياست جو نصب العين ڪنهن خاص نسل يا قبيلي جي فائدي لاءِ ملڪ جي مالڪي سمجهيو ويندو هو، ڪڏهن رياست کي ڪنهن خاص عقيدي جي واڌ ويجهہ لاءِ هٿيار بڻايو ويندو هو، پر سيڪيولر رياست ان جي برعڪس هوندي آهي. هزارن سالن جي تجربن جي روشنيءَ ۾ آخرڪار انسان اُن نتيجي تي پهتو تہ رياستي بندوبست جون هي سڀئي صورتون معاشري ۾ امن، تحفظ، انصاف ۽ زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري نہ آڻي سگهيون آهن. ان ڪري انهن جي حاصلات جو بھترين طريقو اهو آهي تہ رياست مان حڪمران ۽ رعيت جو فرق ختم ڪري سڀني شهرين کي رياست جو هڪجهڙو رڪن تسليم ڪيو وڃي ۽ مختلف الاهي يا نظرياتي مقصدن بجاءِ رياست کي انسانن جي دنياوي زندگي بهتر بنائڻ جو ذريعو قرار ڏنو وڃي. رياست کي صرف اهڙن معاملن ۾ دخل اندازيءَ جي اجازت هئڻ گهرجي، جن کي غير جانبدار سطح تي پرکيو ۽ جاچيو وڃي. سيڪيولر رياست جو اصطلاح لاطيني لفظ Speculum مان نڪتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي دنيا يا زمين تنهنڪري سيڪيولرازم ۾ رياست جو مقصد پنھنجي دنياوي يا زميني زندگيءَ کي بهتر بنائڻ آهي. سيڪيولر رياست پنھنجي شهرين کي، پيٽ لاءِ خوراڪ، بدن تي پوشاڪ ۽ مٽيءَ جي ڇت ڏيڻ جي ذميواري کڻندي آهي. اُنهن لاءِ مناسب روزگار ۽ مناسب تفريحن جي فراهمي رياست جي ذميواري آهي. رياست شهريءَ کي علم جي حاصلات ۽ مختلف لطيف فنن (Fine Arts) لاءِ ذوق پيدا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي. سندن جان مال ۽ شخصي آزادين جي حفاظت ڪندي آهي. زندگيءَ کي آرامده بنائڻ جي ذميواري کڻندي آهي. سيڪيولر رياست جو فرض آهي تہ اهڙا قانون، ادارا ۽ پاليسيون جوڙي، جن جي مدد سان معاشري مان ڏوھہ ۽ تشدد کي ختم ڪري سگهجي. جھالت مٽجي سگهي، غربت جون پاڙون پٽجي سگهجن ۽ بيمارين کي روڪي سگهجي. سيڪيولر رياست ۾ اقتدار اعليٰ عوام جي ملڪيت هوندو آهي. گڏوگڏ سيڪيولر رياست جون جاگرافيائي حدون طئي ٿيل هونديون آهن، شهرين جي هر قسم جي متڀيد کان مٿي هڪجهڙائي (برابري) سيڪيولر رياست جو بنيادي اصول آهي. سيڪيولر رياست جو اولين مقصد شهرين جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ سندن زندگيءَ جو معيار بهتر بنائڻ آهي. سرمائيداريءَ جي اوسر کانپوءِ ٻہ وڏا نظريا اسان جي سامهون آيا، جيڪي پنھنجي نوعيت ۾ عام مادي حالتن جي پيداوار ۽ آفاقي ڌارن کان مڪمل طور تي ڌار هئا. سرمائيداريءَ جي اوسر پهريون نظريو، جمهوريت جي شڪل ۾ دنيا جي سامهون آيو، جنهن کي لڳ ڀڳ دنيا جي هر ملڪ قبوليو ۽ اُن جي ڪنهن بہ ملڪ ۾ ظاهري مزاحمت نہ ٿي. ٻيو نظريو ڪارل مارڪس، ڪميونزم جي فلاسافيءَ جي نالي ۾ پيش ڪيو، جيڪو سوشلسٽ تحريڪ جي صورت ۾ سڄيءَ دنيا ۾ ڇانئجي ويو، جن ملڪن ۾ سوشلسٽ انقلاب نہ بہ آيا، اُتي سوشلسٽ تحريڪون ايتريون مضبوط هيون، جو انهن کان حڪمران قوتون هر وقت خائف رهيون. اُنهن نظرين جي ڪاميابي اِن ڳالھہ مان ثابت آهي تہ سرمائيداريءَ ۾ آفاقي مذهبي نظريا پنھنجي اهميت وڃائڻ لڳا ۽ خود انسانن جا پنهنجا زندگيءَ لاءِ ٺاهيل نظريا، آفاقي نظرين کان وڌيڪ عالمي مقبوليت حاصل ڪري ويا.
جمهوريت بنيادي طور هڪڙو سياسي نظام هو، جيتوڻيڪ اُن جا انساني زندگيءَ تي جامع اثر پيا ٿي، پر اُن جو سمورو زور رياست جي سياسي شڪل جي جوڙجڪ تي ٻَڌل هو. اُن ڪري جمهوري ملڪن ۾ آفاقي نظرين جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ ’جمهوريت‘ سان گڏ ’سيڪيولرازم‘ جي بہ ضرورت پئي ۽ اُهي ٻئي نظريا گڏ گڏ هلي هڪڙو بھترين انساني سماج تشڪيل ڪرڻ جي اهل ٿي سگهيا. اُن جي ابتڙ سوشلزم پنھنجي جوهر ۾ تہ اقتصادي نظام هو، پر ان جي عمل جو دائرو پوري معاشرتي زندگيءَ تي حاوي هو. سوشلسٽ معاشرو سياسي ڍانچي سان گڏ سماجي ڍانچو بہ کڻي هليو. سوشلزم پنھنجي جوهر ۾ سيڪيولر هئڻ ڪري پنھنجي تعليمات ۾ مذهب کي بنياد کان ئي رد ڪري ٿو. جنهنڪري سوشلسٽ معاشري ۾ سيڪيولرازم کي الڳ رکڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪانہ هئي. اهو ئي سبب آهي، جو جمهوري ملڪن ۾ سيڪيولرازم جي اهميت باقي رهي، پر سوشلسٽ ملڪن ۾ سيڪيولرازم جي علحده ضرورت باقي نہ رهي. جيئن سرمائيداريءَ جي اوسر ۾ بھترين انساني نظريا آفاقي نظرين جو نعم البدل ٿيندا آهن، ان ڪري جيترو وقت دنيا ۾ سوشلسٽ فلاسافي عروج تي هئي ۽ سوشلسٽ تحريڪون سموريءَ دنيا کي ڌوڏي رهيون هيون، اُن وقت تائين مذهبي قوتون، نظرياتي سگهہ جي باوجود انتهائي ڪمزور حالت ۾ پنهنجو دفاع ڪري رهيون هيون. اُن ٽين دنيا جي پسمنظر تي نہ مذهبي قوتن جي تضاد جو ڪو سوال اُڀريل هو ۽ نہ ئي معاشرو مذهبي قوتن جي گهڻي اثر هيٺ هو. ڇو تہ هڪ طرف سوشلسٽ تحريڪن جي انقلابي پروپئگنڊا ۽ ٻئي طرف جمهوري قوتن جي سيڪيولر تحريڪ مذهب جي ظاهريت کي انتهائي ڪمزور ۽ بي اثر بڻائي ڇڏيو هو، پر عالمي سياسي ڇڪتاڻ سبب جڏهن سوشلسٽ تحريڪن کي عالمي منظر تي مات ملي ۽ سوشلسٽ تحريڪون سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيون تہ ڪو مضبوط سماجي نظريو نہ هئڻ جي حالت ۾ ماڻهو ٻيهر ويڳاڻپ جو شڪار ٿيا، اُن ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ اُنهن کي وسيع نظرياتي خال کي پُر ڪرڻ لاءِ وقتي طرح مذهبي آفاقي نظرين جي سهاري وٺڻ تي مجبور ڪيو. فطرت ۾ عام طور جيڪي سگهاريون قوتون ڪمزور ٿينديون آهن، اُهي ارتقا ڪرڻ جي اهل نہ رهنديون آهن. موجودہ حالتن ۾ بنياد پرستيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ خود دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن ۾ تصوف بابت تحقيقي مرڪز جڙي رهيا آهن ۽ ترقي يافتہ ملڪن جا بھترين دماغ صوفي ازم تي تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ اُن کي جديد انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. سنڌ لاءِ اها سڀ کان وڏي فخر جي ڳالھہ آهي تہ سنڌ جي قومي شاعر ۽ صوفي بزرگ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تعليمات کي اُنهن تحقيقي ادارن ۾ بنيادي پيٽرن جي حيثيت ڏني وئي آهي، اسان جو اِن تي ڪو بہ بحت نہ آهي تہ دنيا جا اُهي تحقيقي ادارا بنياد پرستيءَ جي خلاف صوفي تعليمات کي تسليم ڪن ٿا يا نہ؟ اُنهي تعليمات کي بنياد پرستيءَ خلاف ويڙھہ ۾ ڪارگر سمجهن ٿا يا نہ؟ پر سنڌ ۾ انهن صوفي بزرگن جي تعليمات جي هميشہ خاص اهميت رهندي. سيڪيولر رياست، جمهوري حڪومت کانسواءِ پنهنجا مقصد پورا ڪري نہ ٿي سگهي. سيڪيولر رياست ۾ قانونن جو بنياد انساني سمجهہ ۽ تجربا هوندا آهن. سيڪيولر رياست فڪري آزاديءَ جي ضمانت ڏيندي آهي ۽ معاشري جي گوناگونيءَ ۾ هم آهنگيءَ جي جستجو ڪندي آهي.


لفظ سيڪيولر ازمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو