سيڻاهه: ٻڪريءَ جي کل مان ٺاهيل کَلِي يا سانداري، جيڪا درياهه ۾ ترڻ لاءِ ڪتب ايندي آهي. سيڻاهه کي سيڻهه به چئبو آهي. تارُو ماڻهو، سيڻاهه کي منهن وٽان ڦوڪي، درياهه ۾ سيڻاهه تي پيٽ رکي ترندا ويندا آهن. سيڻاهه مان هوا گهٽجڻ تي ان جي منهن جي ڏٺي کولي، ٻيهر ڦوڪي، ٻانهون هڻي درياهه پار ڪندا آهن.
کل کي سيڻاهه ٺاهڻ لاءِ، ڄاڻو ماڻهوءَ ٻڪريءَ جي کل کي اڪ جي کير ۽ لوڻ سان مک ڏيندا آهن. ان کانپوءِ سڄيءَ کل کي سوڙهو ويڙهي، ٺڪر جي پاٽ جي پاڻيءَ ۾ وجهندا آهن. ان بعد ڪلاڪ کن اُس ۾ سُڪائي کل کي هٿن سان مهٽيندا آهن ته جيئن کل جا بُج ڇڻي وڃن. اهو مرحلو ڪيترا ڀيرا ڪندا آهن. ان کان پوءِ پراڻي ٻٻر جا ڇوڏا ڪُٽي سنهو ڪري، کل ۽ ڇوڏن کي ٺڪر جي وڏي ڪونر ۾ وجهي پاڻيءَ سان ڀريندا آهن. اها کل ويڙهيل ئي هوندي آهي، ان بعد کل کي سڌو ڪري، ان جي اندر ٽنگن، ڳچيءَ ۽ پيٽ وارن حصن ۾ ٻٻر جا نوان ڇوڏا ڀريندا آهن. جنهن بعد ڪونر ۾ پيل ڇوڏن وارو پاڻي مٿان وجهي، پهريان کل جو ڳچيءَ وارو پاسو هيٺ ڪندا آهن ۽ ٽن چئن ڪلاڪن کانپوءِ پڇ وارو پاسو هيٺ ڪندا آهن ۽ مٿان ڇوڏن وارو پاڻي وجهندا آهن. گڏوگڏ ٺڪريءَ سان ان کي آهستي آهستي مهٽيندا آهن ته جيئن رهيل بج ڇڻي وڃن ۽ رنگ ڪري. اهو سلسلو ٻن ڏينهن تائين لڳاتار جاري رکبو آهي، پوءِ ڳچيءَ واري پاسي ڏانهن سُٽ جي ڏوريءَ جا انگس وجهبا آهن ته جيئن ٽنگون ان ۾ ڦاسائجن ۽ درياهه ۾ ترڻ واري کي آساني ٿئي. ترڻ وارين سمورين شين کي ’سنڊ‘ چوندا آهن.