سَئنکِيو

سَئنکِيو Arsenic/ Arsenicum)): سئنکيو خاڪي/ ڀوري ناسي رنگ (Gray Colour) جو ڌاتوءَ سان مشابهت رکندڙ عنصر (Metalled Element) ٿئي ٿو، جيڪو لَسو ۽ ڀُرڻو، پر سخت (ڳرو) ٿئي ٿو. هي ٿومَ جي بوءِ جهڙو ۽ بي سواد، پر نهايت زهريلو ٿئي ٿو. سئنکيي جو ڪيميائي نشان AS آهي ۽ ايٽمي نمبر 33 ٿئي ٿو، جنهن جو (ڪيميائي) وزن 74.922 ۽ خاص ڳراڻ (گهاٽاڻ- Specific Gravity) 5.73 آهي، جڏهن ته باهه تي ڳرڻ (M.P) جو درجو 817c° آهي. هي زهريلو ڪيميائي مادو/ عنصر انسان تي هيٺين ٽن طريقن سان پنهنجا زهريلا اثر ڇڏي ٿو:
(1) Indigestion: سئنکيو کاڌي ۾ کائڻ سان ڏاڍو تڪڙو اثر (Acute Poisonous Effects) ڪري ٿو. سرنهن جي داڻي جيترو ڪچو سئنکيو پيٽ ۾ وڃڻ سان بنا دير جي چمڙيءَ تي ڳاڙهيون باهه وانگر ساڙيندڙ ڦرڙيون (Erthematous Skin Eruption) نڪري پونديون آهن. الٽي ٿيندي آهي، جنهن مان ٿوم جهڙي بوءِ ايندي آهي، پيٽ ۾ زوردار سُور (Colic) ٿيندو آهي ۽ دست ٿي پوندا آهن. جڏهن سئنکيي جي زهر جو مريض (ماڻهو) تي گهڻو اثر ٿيندو آهي ته مريض جون اکيون، خاص ڪري پنبڻيون (Eye Lids) ۽ هٿ پير سُڄي پوندا آهن. مشڪن ۾ پيڙا وارو زوردار سُور پوندو آهي، مشڪون زهر جي زوردار اثر ڪري آڪڙجي سخت ٿي وينديون آهن ۽ آخر ۾ مريض کي دستن ۾ پيٽان تمام گهڻو رت (Haemorrhage) ايندو آهي، جنهن جو رنگ ڳاڙهو چلڪندڙ هوندو آهي، پر جيڪڏهن ڪاري رنگ جو ايندو آهي ته ان ۾ ڍونڍ جهڙي بدبوءِ هوندي آهي.
هن سڄي پريشانيءَ واريءَ حالت دوران مريض جي اندر ۾ ڏاڍي باهه هوندي آهي، مريض جيڪو ساهه ٻاهر ڪڍندو آهي، اهو گرم به هوندو آهي ته ان ۾ ٿوم جهڙي بوءِ به هوندي آهي، کيس لوچ پوچ ۽ بيقراري ايتري هوندي آهي، جو مريض جايون پيو مٽائيندو آهي. کيس پاڻيءَ جي گهڻي تاس/ اُڃ لڳندي آهي، جنهنڪري هر هر ٿورو ٿورو ايترو پاڻي پيئندو آهي، جو نڙي آلي/ سائي ٿئي. جيڪڏهن سئنکيو کائڻ جي اڌ ڪلاڪ اندر معدو صاف ڪري سئنکيو ڪڍي ڇڏجي ته مريض بچي پوندو آهي، ٻيءَ صورت ۾ پيٽان گهڻي رت اچڻ ڪري، هڪ پاسي رت جي گهٽتائيءَ (Anemia) جي ڪري ۽ ٻئي پاسي سئنکيي جي زهر جي اثر ڪري جيري (Liver) جي اوڄن (Tissues) ۾ تباهي ايندي آهي، جنهنڪري جيرو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي، تنهنڪري دل تائين رت جي رسد بند ٿي وڃڻ ڪري دل پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي، نتيجي طور ٻنهي صورتن ۾ مريض زندگيءَ جي راند هارائي ويهندو آهي.
علم زهريات (Toxicology) جي ماهرن مطابق سئنکيو دنيا جو واحد زهريلو عنصر (Element) آهي، جيڪو گهڻي عرصي تائين مرڻ کان پوءِ به مريض جي هڏن ۾ موجود رهي ٿو. هي مردي جي ران جي هڏي (Femur) ۾ 80 کان 90 سالن تائين محفوظ رهي ٿو. انهيءَ کان پوءِ سئنکيو آهستي آهستي مُردي جي هڏي کي ڳاري ڇڏيندو آهي.
(2) In: ٿوري مقدار ۾ سئنکيو روزانو سنگهڻ سان گهڻي عرصي کان پوءِ اثر ڪرڻ وارو زهر (Chronic Poison) ثابت ٿيندو آهي. هن قسم سان جڏهن سئنکيي جو زهر اثر شروع ڪندو آهي ته پهريائين چمڙيءَ تي ڳاڙهـا ڊٻـڙ (Rashes) ٺهي بيهـندا آهن، جن تي آهـستي آهـستي ڇلر
(Scales) ڄمندا آهن، اڳتي هلي هٿن پيرن جون تريون ٿلهيون ٿي
(Hyperkeratosis) وينديون آهن، هٿن پيرن جي نَهن تي ترڇا اڇا نشان
(White Transverse Spots Meeslines) ٺهي بيهندا آهن، مٿي ۾ بيقرار ڪندڙ سُور ٿيندو آهي، لوندڙين ۾ عصبي (تنتي-Neuropathy) سُور ٿيندو آهي. سئنکيي سنگهڻ جو سلسلو گهڻي عرصي تائين جاري رهڻ سان هڪ ڏينهن ماڻهو بيهوش ٿي صدمي (Shock) ۾ هليو ويندو آهي، جنهنڪري ماڻهو مري به سگهي ٿو. هن قسم ۾ سئنکيو اهڙن ماڻهن لاءِ زهر بڻبو آهي، جتي دواساز ڪارخانن (Pharmaceutical Industries) ۾ سئنکيي مان دوائون ٺاهيون وينديون آهن، يا وري شيشي ٺاهڻ جي ڪارخانن (Glass Industries) ۾ ڪم ڪندڙ ماهرن ۽ مزدورن کي ڪم ڪرڻ دوران سئنکيي جو ٻورو يا بوءِ هر وقت ساهه ۾ اندر هلي ويندي آهي.
(3) Water Bone: جيڪڏهن سئنکيو پاڻيءَ / پٽڙين شين ۾ پيتو ويو هجي ته هيءُ مريض ۾ زهر جون اهي ساڳيون علامتون پيدا ڪندو آهي، جيڪي مٿي نمبر 1 تي سئنکيو کاڌي ۾ کائڻ (Indigestion) طور ڏنيون ويون آهن، نه رڳو ايترو پر نتيجو به ساڳيو نڪرندو آهي.
سنڌ ۾ قدرتي طرح گهڻي ڀاڱي ۽ گهڻي مقدار ۾ جَرَ جي پاڻيءَ (Ground Water) ۾ سئنکيي جو عنصر شامل آهي، جنهنڪري سنڌ جا ماڻهو چمڙيءَ جي بيمارين، پيٽ جي بيمارين، رت جي خرابيءَ ۽ جيري جي گهڻين مهلڪ بيمارين ۾ ورتل هوندا آهن، جڏهن ته عورتون زنانين بيمارين خاص ڪري حيض جي خرابيءَ ۾ ورتل هونديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو