سَمَهِڙو

سَمَهِڙو (چوپائي مال جي بيماري): هي چوپائي مال جي هڪ وچڙندڙ بيماري آهي. هي مرض جانورن ۾ اڪثر بھار جي موسم ۾ ٿيندو آهي. ڳئون ۽ مينهون هن بيماريءَ کان گهڻو متاثر ٿين ٿيون. بيمار جانورن ۾ موت تمام گهٽ ٿيندو آهي، پر کير جي پيدائش تي برو اثر پوندو آهي. وڏن جانورن جي مقابلي ۾ ننڍن جانورن ۾ موت گهڻو ٿيندو آهي، جنهن کي ’مهاڙو‘ بہ چئجي. جانورن جو بيمار ٿيڻ، کير جي پيدائش ۾ گهٽتائي ۽ ڪن جانورن جو سڄي عمر لاءِ ناڪارہ يا بيڪار ٿيڻ ڪري تمام گهڻو مالي نقصان ٿئي ٿو. بيمار جانورن جي زبان ۽ مهارن ۾ وڏا ڦلوڪڻا ٿي پوندا آهن. وات مان گهڻي گِگ وهندي آهي ۽ کُرن جي وچ ۾ پڻ ڦلوڪڻا ٿي پوندا آهن، جنهنڪري جانور منڊڪائي هلندو آهي. جانورن جو منڊڪائڻ ۽ وات ۾ گِگ وهڻ اهڙيون علامتون آهن، جن سان مرض جي سڃاڻپ ۾ آساني ٿيندي آهي. هن بيماريءَ جو اڃا تائين ڪو بہ شافي علاج دريافت نہ ٿيو آهي. هن جي بچاءَ لاءِ سيرم ۽ ويڪسين تيار ڪئي ويندي آهي، مرض ظاهر ٿيڻ سان ئي سيرم ڏني ويندي آهي ۽ ويڪسين بيماريءَ جي بچاءَ لاءِ اڳواٽ ڏني ويندي آهي. بيمار جانور جي وات کي پوٽاشيم پرمئگنيٽ جي کار سان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا صاف ڪرڻ گهرجي، يا جانور جي کُرن ۽ وات کي فارملين سان صاف ڪجي تہ جيئن انهن ۾ ڪيڙا نہ پئجي سگهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو