سُر: سر هڪ موزون ۽ دلڪش آواز جو نالو آهي، جيڪو انسان جي گلي مان به نڪري سگھي ٿو ته ڪنهن ساز وغيره مان به. انسان جي گلي اندر 22 تارون آهن، جن کي هندي زبان ۾ ’سرتيون‘ چئبو آهي. انهن 22 سرتين مان هوا جي ذريعي ست سُر نڪرن ٿا، جن کي سرگم ڪري چوندا آهن. انهن سرتين جا مختلف سُر ٿين ٿا، جن لاءِ پنڊتن انهن کي نالا ڏنا آهن ته جيئن اهي سڃاڻپ ۾ اچن:
(1) تيورا، (2) ڪمودتي، (3) مندرا، (4) ڇندوئي، (5) دياوتي،(6) رنجني، (7) رڪتڪا، (8) رودري، (9) ڪُرُوڌي، (10) وجريڪا، (11) پرسارنڙ، (12) پريتي، (13) مارجني، (14) شربتي، (15) رتڪا، (16) سنديپي، (17) الاپني، (18) مدنتي، (19) روهني، (20) رميا، (21) اگرا، (22) کير ڀٽي/ شروڌني.
پهرئين سُر جو نالو پنڊتن کرج رکيو، جيڪو پراڻن گرنٿن ۾ چوٿين شرتي ڇندوتي آهي، جنهن کي ’سا‘ ڪري سڏجي ٿو. ٻي شرتي رڪيتڪا، جيڪا ستون نمبر آهي، ان کي رکب سڏيو ويو. ان جو درست نالو ’ريشبه‘ آهي. سرگم ۾ ان کي ’ري‘ ڪري سڏيو وڃي ٿو. اهڙي طرح نائين شرتي ڪروڌي کي پنڊتن گنڌار سڏيو، جيڪا هاڻي ’گا‘ سڏجي ٿو. تيرهين سرتي مارجني کي پنڊتن مڌم سڏيو، جنهن کي سرگم ۾ ’ما‘ سڏجي ٿو. سترهين شرتي الاپني کي پنڊتن پنچم سڏيو ۽ سرگم ۾ ’پا‘ سڏجي ٿو. اهڙي طرح ويهين شرتي رميا کي ڌيوت جو نالو ڏنائون، جيڪا سرگم ۾ ’ڌا‘ سان سڃاپجي ٿي. اهڙي طرح ٻاويهين شرتي شروڌني کي نکاد سڏيائون، جيڪا سرگم ۾ ’ني‘ سان سڃاپجي ٿي. انهن سرن جو نالو وٺي ڳائڻ کي سرگم چئجي ٿو. انهن ستن سرن کي پراڻن توڙي نون پنڊتن شڌ سڏيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ’خالص/ پاڪ سر‘. انهن ستن سرن کانسواءِ پنج سر ٻيا به آهن، جن کي ’وڪرت سر‘ چون ٿا. جيڪي هي آهن. وڪرت رکب، وڪرت گنڌار، وڪرت مڌم، وڪرت ڌيوت، وڪرت نکاد. وڪرت لفظ جي لغوي معنيٰ آهي، پنهنجي اصل جاءِ تان هٽيل سر. انهن مان چئن سرن کي هاڻي ڪومل ڪري سڏين ٿا. ڪومل لفظ جي لغوي معنى آهي، ملائم يا نرم. اهي آهن، ڪومل رکب، ڪومل گنڌار، ڪومل ڌيوت ۽ ڪومل نکاد. اهي سر پنهنجي جاءِ تان ڪرن ٿا. باقي سر ڌيوت، اهو پنهنجي جاءِ تان ڪرڻ بجاءِ ڪجھه شرتيون مٿي چڙهي ٿو. ان کي تيور مڌم چئبو آهي. اصل لفظ ’تيبر‘ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’تيز يا چڙهيل‘. ڪومل سرن جي حساب سان ڪجھه سر تيور به ٿين، جيئن تيور رکب، تيور گنڌار يا تيور مڌم. اهي وڪرت سر شڌ سرن جي وچ ۾ هوندا آهن. جيئن وڪرت رکب، کرج ۽ شڌ رکب جي درميان هوندو آهي. ائين وڪرت گنڌار رکب ۽ شڌ گنڌار جي درميان هوندو آهي.
کرج ۽ پنچم اچل سر ٿين، اچل جي معنيٰ آهي؛ ’هڪ هنڌ بيٺل سر‘ يا ’نه چرندڙ سر‘. انهن کي اچل سر ان لاءِ چئجي ٿو جو انهن جا وڪرت سر ڪونه ٿين. ائين ڪونه چئبو ته انهن جو وڪرت ٿيڻ ناممڪن آهي، پر مروج سنگيت ۾ وڪرت ڪرڻ ڪو ضروري ڪونهي. هاڻي ڪل ملائي ٻارنهن سر ٿيندا، جيڪي هي آهن: (1) اچل، (2) وڪرت يا ڪومل رکب، (3) شڌ يا تيور رکب، (4) وڪرت يا ڪومل گنڌار، (5) شڌ يا تيور گنڌار، (6) شڌ مڌم، (7) وڪرت يا تيور مڌم (هن کي ڪڙو مڌم به چون)،
(8) اچل يا شڌ مڌم، (9) وڪرت يا ڪومل ڌيوت، (10) شڌ يا تيور ڌيوت، (11) وڪرت يا ڪومل نکاد، (12) شڌ يا تيور نکاد.
هنن ٻارهن سرن کي سپتڪ ڪري سڏيو ويندو آهي، جنهن تي سڄي سنگيت جو دارو مدار آهي.