سُرا (سَرو): قبل از مسيح زماني جي شراب جو هڪ قسم، جنهن کي سنڌ جا قديم ماڻهو واپرائيندا هئا. هن جي ٺاهڻ بابت رگ ويد ۾ لکيل ڪونهي، پر رگ ويد جي منڊل پهرئين (10، 191) ۾ انهيءَ شراب جي ساک لکيل نه آهي، پر ائين لکيل آهي ته: ”سُرا پيئڻ جي علت اهڙي آهي، جهڙي جوا جي علت“، منڊل (6، 86) ۾ لکيل آهي ته: ”سرا پيئڻ کانپوءِ ماڻهو بڪ ۾ پوندا هئا ۽ وقتي گناهه جا ڪم ڪندا هئا.“ ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي هن کي شراب ڪري مڃيو آهي، جڏهن ته هڪ انگريز محقق وٽني جي خيال ۾ اهو بيئر‘ (Beer) جو قسم هو. ٻئي انگريز محقق گيلڊنر جي مطابق اها ’برانڊي‘ (Brandy) هئي، سندس خيال موجب رگ ويد جي زماني ۾ جَونَ جا فصل ٿيندا هئا ۽ وسڪي يا بيئر ڀُڳل جَونَ مان ٺاهي سگهجن ٿا، اهڙيءَ طرح ائين معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽا سنڌي ماڻهو شراب جَونَ مان ٺاهيندا هئا. ان زماني ۾ شيشي جون بوتلون نه هونديون هيون، تنهنڪري اهو شراب چمڙي جي ساندارين ۾رکندا هئا، جن کي ’درتي‘ (Drti) سڏيو ويندو هو. روايت آهي ته: ”ان زماني ۾ سنڌ ۾ جيترو شراب جو واهپو هو، شايد ايترو گجرات يا ٻين هنڌن تي نه هوندو هو. رگ ويد جو ’سُرا‘ لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين عام هوندو هو، جنهنڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پنهنجي رسالي ۾ هي لفظ ڪيترن ئي بيتن ۾ ڪم آندو آهي. پر سنڌيءَ ۾ اهو اُچار ڦري ’سَرو‘ ٿيو آهي:
سِسيءَ سي گهرن، جي واٽيندڙ وچ ۾،
اوءِ ڪي ٻيو پڇن، ’سرو‘ جن سنباهيو.