سُرهين جو محلو

سُرهين جو محلو: ٺٽي جي قديم جاگرافي بيان ڪندي پير حسام الدين راشدي ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”ٺٽي جا سُرهيا جيڪي ريشم ۽ ڀرت خواه زردوزيءَ جو اعليٰ ڪم ڪندا هئا، سي سڀئي سرهين جي محلي ۾ رهندا هئا. سرهيا پنھنجي تجارت سبب نهايت شاهوڪار ۽ خوش پوشاڪ هئا، انهن ۾ ڪو ورلي غريب هوندو هو. ورنه گهڻو ڪري سڀ جا سڀ خوشحال هئا، زردوزيءَ کانسواءِ آچارن ۽ چٽڻين ٺاهڻ ۾ بہ هي قوم مشھور هئي. اڄ تائين بہ شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا سرهيا تمام بھترين آچار ٺاهيندا آهن. سيد محمود، ٺٽي جو ڪامل بزرگ انهي محلي ۾ رهندو هو ۽ دفن بہ سرهين جي محلي ۾ ئي ٿيو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو