سُـئا پُلاءُ: پلاءُ جو هڪ قسم، جيڪو لاڙ جي مشھور طعامن ۾ شمار ٿئي ٿو. لاڙ جا غريب ماڻهو جيڪي ڪنهن مهانگي کاڌي کائڻ جي سگهہ نہ ساري سگهندا هئا، اهي چانورن ۾ سائي تازي سُئا وجهي، پٽڙو ڀت رڌي کائيندا هئا. هي ڀت تمام پٽڙو رڌيو ويندو آهي، جنهن ۾ مرضيءَ موجب گوشت بہ وجهي سگهجي ٿو. سُئا پلاءَ جو نالو وقت سان گڏ تبديل ٿي ڪيترن علائقن ۾ وري شعلا پلاءُ ۽ رٻڙو ڀت ٿي پيو. ڪراچيءَ ۾ وري هن کي سنڌي برياني چيو وڃي ٿو. پر عام ماڻهن کي خبر ناهي تہ سنڌي برياني ڪيئن رڌبي آهي. هو عام برياني رڌي چوندا آهن تہ اها سنڌي برياني آهي.
هي پلاءُ کائڻ ۾ تمام لذيذ ٿئي ٿو ۽ لاڙ ۾ ماڻهو اڄ بہ شوق سان هي پلاءُ رڌي کائيندا آهن.