سُورج مل اُڌيپوري

سُورج مل اُڌيپوري: غلام رسول مھر پنھنجي ڪتاب ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ ڄاڻايو آهي تہ “جڏهن سرائي مقصود فقير جي ناعاقبت انديشيءَ سبب شھزادي محمد معزالدين (اورنگزيب عالمگير جي پوٽي) سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن ميان دين محمد ڪلهوڙي، مغل شھزادي وٽ حاضر ٿي صلح جو عرض ڪيو. مغل شھزادي هڪ لشڪر ميان جي جي عزيزن ۽ رشتيدارن کي گهرائڻ لاءِ موڪليو، جنهن لشڪر جا سپھہ سالار راجا گج سنگهہ ۽ سورج مل اڌيپوري هئا. ميان دين محمد جي وڃڻ کانپوءِ ميان يار محمد سڀني معاملن جو مختيارڪل هو ۽ ميان يار محمد، مغل شھزادي وٽ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ شاهي لشڪر خلاف جنگ جوٽيائين. سورج مل اڌيپوري پڻ جنگ لاءِ هڪدم تيار ٿيو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ گاج نئن جي ڪناري وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان يار محمد خان ڪلهوڙي ۽ سرائين جي لشڪر شاهي فوج کي بريءَ طرح شڪست ڏني. انهيءَ جنگ ۾ شاهي لشڪر جا هزارين سپاهي مارجي ويا ۽ سورج مل اڌيپوري جان بچائي ڀڳو. جڏهن هن سموري قصي جي خبر مغل شھزادي کي وڃي سورج مل اڌيپوريءَ ٻُڌائي، تڏهن مغل شهزادي، ميان دين محمد کي قتل ڪرائي ڇڏيو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو