سُور (ڏوکو) Pain (Ache): سور هڪ اهڙي احساس (Sentiment) کي چئبو آهي، جيڪو جسم جي ڪنهن خاص هنڌ يا عضوي ۾ عام معمول جي ابتڙ، ڪنهن سبب جي ڪري، خاص قسم جي جوش (Irritability) جي صورت ۾ پيدا ٿيندو آهي. جسم جي متاثر ٿيل هنڌ ۽ عضون جي خابرو تنتي پڇڙين (Sensory nerves endings) ۾ اهنج، تڪليف، ساڙي، درد، ڏوکي ۽ پيڙا (Discomfort) جو احساس اڀري اچي ۽ اهو احساس ماڻهوءَ کي بيمار ڪري وجھي ته ان کي سور چيو ويندو آهي.
سور جا هنڌ ۽ نالا (Names and classification of pain):
جسم جي خاص هنڌن ۽ جدا جدا عضون ۾ جيڪي سور پوندا آهن، تن سورن جا نالا، ميڊيڪل سائنس جي اصطلاح موجب هيٺ ڏجن ٿا. هتي جسم جي عضون جي بيهڪ ’علم بدن‘ (Anatomy) موجب ڏني وئي آهي:
(1) مٿي ۾ سور (Head ache) : هن سور کي ’سفلجيا‘ (Cephalgia) چئبو آهي، پر جيڪڏهن اڌ مٿي ۾ ڪنهن به پاسي سور هجي ته ان کي ’هيمي ڪرينا‘ (Hemicrania) چئبو آهي، جڏهن ته سڄي مٿي ۾، اعصابي رڳن ۾ Neuralgia سُور هجي ته ان کي ’ميگرين پين‘ (Migraine pain) چئبو آهي.
(2) اک ۾ سُور (Eye pain): هن سور کي ’آفٿلملجيا‘ (Ophthalmalgia) چئبو آهي. ساڳئي وقت ميڊيڪل جو هي لفظ اک جي اٿڻ، سوڄ، ساڙي يا سور (Inflammation) لاءِ به ڪتب ايندو آهي.
(3) ڪن ۾ سور (Ear ache): هن سور کي ’اوٽلجيا‘ (Otalgia) چيو ويندو آهي، ساڳئي وقت هن لفظ کي ’اوٽو ڊائنيا‘ (Otodynia) به چيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن ڏندن جي سور جي سبب ڪنن ۾ سُور پوي ته انهيءَ سور کي وري ’اوٽلجيا ڊينٽلس‘ (Otalgia dentalis) چئبو آهي.
(4) منهن ۾ سُور (Face pain): هن سُور کي ’پراسو پليجيا‘ (Prosopalagia) چئبو آهي، جڏهن منهن ۾ اعصابي (منهن جي رڳن ۾) سُور (Neuralgic pain) هوندو آهي ته ان کي ’ٽڪ ڊولو ريوڪس‘ (Tic: douloureux) چئبو آهي.
(5) وات ۾ سُور (Mouth pain): هن سور کي ’بڪاڪيوائرس‘ (Bucca cavioris) چئبو آهي. هن سور ۾ چپن کان وٺي نڙيءَ تائين سور هوندو آهي، پر جيڪڏهن وات ۾ سور رڳو ڳلن جي اندران (Checks) ۾ هوندو آهي ته ان سور لاءِ ’بڪا پين‘ (Bucca pain) لفظ ڪتب ايندو آهي. ائين جيڪڏهن سور ڏندن ۾ (Tooth ache) هجي ته ان لاءِ لفظ ’اوڊون ٽلجيا‘ (Odontalaligia) ڪتب ايندو آهي، پر زبان جي سور (Tongue pain) لاءِ لفظ ’گلو سولجيا‘ (Glossolgia) ڪتب ايندو آهي. نڙيءَ ۾ سور (Throat pain) هجي ته ان کي ’سور ٿروٽ‘ (Sore throat) ۽ ’انجائنا اڪيوٽا‘ (Angina acuta) چئبو آهي. جڏهن ڳيت ڏيڻ (Swallowing) ۾ سور ٿئي ته ان کي ’ڊسفيگيا‘ (Dysphagia) چئبو آهي.
(6) دل ۾ سور (Heart pain): هن سور لاءِ لفظ ’انجائنا پيڪٽورس‘ (Angina Pectoris) ڪتب ايندو آهي.
(7) ڇاتين ۾ سُور (Breast pain): هن سور کي ’مسٽو ڊينيا‘ (Mastodynia) چئبو آهي.
(8) معدي ۾ سور (Stomach pain): هن سور کي ’گيسٽريلجيا‘ (Gastralgia) چئبو آهي، هن لفظ کي ’گيسٽرو ڊاءِ نيا‘ (Gastrodynia) به چئبو آهي. جڏهن هيانوَ ۾ سور هوندو آهي ته ان کي ’ڪارڊلجيا‘ (Cardalgia) چئبو آهي. هيانوُ کاڌي جي ناليءَ Oesophagus) يا (Esophagus جي پڇڙيءَ ۽ معدي جي منهن (ناليءَ) ۾ سوراخ آهي، جنهن کي Cardiac orifice چئبو آهي، اتي هڪ مشڪي ٻنجي (Muscular valve) ٿئي ٿي، تنهن کي هيانو چئبو آهي.
(9) پيٽ ۾ سُور (Abdomen pain): هن سور کي ’ڪولڪ‘ (Colic) چئبو آهي، جيڪڏهن جيري ۾ سور (Liver pain) هجي ته ان سور لاءِ لفظ ’هيپا ٽلجيا‘ (Hepatalgia) ڪتب ايندو آهي. ائين پتي (Billiary colic) يا لفظ ’ڪولس ٽلجيا‘ (Cholcystalgia) چئبو آهي. جيڪڏهن تريءَ (Spleeen) ۾ سور هجي ته ان سور کي ’اسپلينلجيا‘ (Splenalgia) چئبو آهي، جڏهن ته پيٽ جي ٻنهي پاسي، يا ڪنهن هڪ پاسي ڪکين ۾ سور هجي ته ان سور کي ’هائيپو ڪانڊريا‘ (Hypochondria) چئبو آهي.
(10) ڳڀيرڻ (ٻچي دانيءَ) ۾ سُور (Utrus pain): هن سُور کي ’يوٽريلجيا‘ (Uteralgia) چئبو آهي، جڏهن ته ٻيجڻين ۾ سور (Ovaries pain) لاءِ لفظ ’اوورلجيا‘ (Ovarlgia) ڪتب ايندو آهي.
(11) خصين ۾ سُور (Testical scrotum pain): هن سُور کي ’آرڪيلجيا‘(Orchialgia) چئبو آهي.
(12) پيشاب سُور سان اچي (Painful urine) ته اُن سُور لاءِ ’ڊاءِ سوريا‘ (Dysuria) لفظ ڪتب ايندو آهي، جڏهن ته مثاني ۾ سُور (Bladder pain) لاءِ لفظ ’سسٽلجيا‘ (Cystalgia) ڪتب ايندو آهي.
(13) چيلهه ۾ سُور (Back ache): هن سُور کي ’لمبيگو‘ (Lumbago) چئبو آهي. هن سور لاءِ لفظ (Lumbar pain) به ڪتب ايندو آهي.
(14) دمچيءَ جي هڏيءَ ۾ سُور (Coccyx pain): هن سُور لاءِ لفظ ’ڪوڪي ڊينيا‘ (Coccydynia) ڪتب ايندو آهي. تنهن کانسواءِ هن سُور لاءِ ’ڪوڪي گوڊينيا‘ (Coccygodynia) ۽ ’ڪوڪي گلجيا‘ (Coccygalgia) لفظ به ڪتب ايندا آهن.
(15) هڏن ۾ سُور (Bone pain): هن سُور کي ’اوسٽيوڪوپ‘ (Osteocope) چئبو آهي.
(16) چمڙيءَ جو سُور (Skin pain): هن سور کي ’ڊرميٽلجيا‘ (Dermatalgia) به چئبو آهي.
(17) Bearing down pain: هن قسم جو سور حمل واري عورت کي حمل دوران ڳڀيرڻ ’ٻچي داني‘ (Utrus) جي ’ڪوئجڻ‘ (Contraction) ڪري ٿيندو آهي.
(18) Central pain: هن قسم جو سور دماغ جي مرڪز جي عضون ۽ تنتن ۾ پوندو آهي، جنهن جو سبب به دماغ جي مرڪزي عضون ۽ تنتن ۾ طبعي تبديليءَ (Lessions) ڪري هوندو آهي.
(19) Charcots pain: هن قسم جو سور مرد کي خصين (Testis) ۾ پوندو آهي، جنهن جو سبب خصين جي اعصابي تنتن (Nerves) ۾ سور ۽ سوڄ پيدا ٿيڻ آهي.
(20) Dilating pain: هن قسم جا پهريان سور حمل واري عورت کي حمل دوران پوندا آهن، هي سور ڳڀيرڻ جي ڪوئجڻ، ڳهڻ Cervix جي مشڪن جي ڍري ٿيڻ ۽ مادي رستي Vagina جي ويڪري ٿيڻ ڪري قدرتي طرح پوندا آهن. انهن سورن جو پوڻ ڪا بيماري ناهي هوندي.
(21) Dysmenorrhoea: هن قسم جا سور عورت کي حيض (Menses) اچڻ کان ٿورو اڳ ۾ يا دوران ٿيندا آهن، جنهن جو سبب ماهواري يا ڪا زناني بيماري هوندي آهي.
(22) Expulsive pains: هن قسم جا سور حمل واري عورت کي حمل دوران پوندا آهن، تنهنڪري هنن سورن کي ٻئي مرحلي جا سور به چوندا آهن. هنن سورن جي ڪري ٻار اصل مادري رستي جي اچي منهن ۾ بيهندو/ پوندو آهي، هي سور به فطري آهن. ڪا بيماري ڪانه هوندي آهي.
(23) False pains: حمل واري عورت کي حمل جا ڪوڙا به سور پوندا آهن، جيڪي ويم جي سچن/حقيقي سورن ساڻ مشابهت رکندا آهن. هنن سورن جي ڪري عورت جي جنمي عضون ۾ اعصابي تنتي سور پوندو آهي يا ڪڏهن ڪڏهن ٻار جي ڀراءَ/ وزن (Pressure) ڪري سور پوندو آهي. ويم جا ڪوڙا سور، ويم جي سچن/حقيقي سورن جي ابتڙ لاڳيتا پوندا آهن.
(24) Fulgurant pain: هن قسم جا سور اکين ۾ پوندا آهن، جيڪي چمڪندڙ برقي شين جي روشني يا اولڙي (Reflexion) جي ڪري پوندا آهن.
(25) Gas pain: هن قسم جو سور معدي يا پيٽ ۾ پوندو آهي، جنهن جو سبب معدي يا پيٽ ۾ ڀرتي (Distention) ۽ ريح گڏ ٿيڻ آهي. تنهن کانسواءِ هن قسم جو سور دل، دماغ ۽ عورت جي جنمي عضون ۾ ريح گڏ ٿيڻ ڪري پوندو آهي.
(26) Girdle pain: هن قسم جو سور چيلهه وٽ پٺيءَ جي ڪنڊي (Spine) يا پٺيءَ جي ڪنڊي جي مهرن (Vertebrae) ۾ ۽ چيلهه جي هيٺئين حصي ’چترن‘ (Buttocks) ۾ پوندو آهي، جنهن جو سبب رت جي رڳن ۾ رت جي گھٽ رواني (Ishemia) ۽ مشڪن ۾ اعصابي سور (Neuralgic pain) هوندو آهي.
(27) Growing pain: هن قسم جو سور جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مريض جي لڱن (Limbs) ۾ پوندو آهي، جنهن جو سبب جوانيءَ جي تڪڙي واڌ (Rapid growth) هوندي آهي. هن قسم جو سور اعصابي (Neuralgic) هوندو آهي، جيڪو هر هر Recur مريض جي مشڪن (Muscles) ۾ پوندو آهي.
(28) Hetrotopic pain: هن قسم جو سور ڪنهن بيماريءَ ۾ ورتل عضوي ۾ هجي، پر سور جي زور ڪري اوسي پاسي وارا عضوا به سور ۾ وٺجي ويندا آهن. هن قسم جي سور کي ’رجوعاتي سور‘ (Refered pain) به چئبو آهي.
(29) Homotopic pain: هن قسم جو سور ڪنهن به عضوي ۾ ڌڪ لڳڻ جي ڪري يا ڦٽ واري هنڌ ۽ عضوي ۾ سور ٿئي. هن قسم، جي سور کي ڌڪي يا زخمي سور (Traumatic pain) به چئبو آهي.
(30) Hunger pain: هن قسم جو سور بک لڳڻ ڪري يا معدي جي خالي هجڻ ڪري پوندو آهي، جنهن جو سبب معدي جي هاضمي جي خرابي هوندو آهي.
(31) Intermenstrual pain: هن قسم جو سور عورت کي ماهواري/ حيض (Menses) دوران عورت جي جنمي عضون (Reproductive organs) ۾ پوندو آهي.
(32) Jumping pain: هن قسم جو سور هڏن ۽ سنڌ جي جوڙن (Joints) ۾ ۽ خاص ڪري هڏن جي مٿان واري ڪُرٽڻي هڏيءَ جي تهه (Cartilage) ۾ ڌڪ لڳڻ (Traumatic) ڪري ڌڪ وارو هنڌ ڇلجي پوڻ جي نتيجي ۾ پوندو آهي.
(33) Labour pain: هن قسم جو سور ڳورهاري عورت کي هٿ پير لهڻ (Parturition) وقت، ڳڀيرڻ جي ڪوئجڻ (contraction) ڪري ٿيندو آهي.
(34) Neuralgic pain: هن قسم جو سور جسم جي ڪنهن به حصي، عضوي، مشڪن ۽ اعصابن (تنتن) ۾ سوڄ، سور ۽ ساڙي (Inflammation) جي ڪري پوندو آهي.
(35) Phanton limb pain: هن قسم جو سور جسم جي ڪنهن به حصي جي جراحيءَ (Surgary) ڪري ڪپي ڇڏڻ (Amputated) کانپوءِ انهيءَ ڪپيل حصي واري جاءِ تي سور ٿئي ٿو.
(36) Posprandial pain: هن قسم جو سور کاڌي کائڻ کانپوءِ پيٽ ۾ پوي ٿو.
(37) Pre-monitory pain: هن قسم جا سور ڳورهاري عورت کي پير لهڻ (ويم) کان اڳ ۾ سچن سورن جي شروع ٿيڻ سان ڳڀيرڻ (ٻچي دانيءَ) جي هلڪي (Mild) ڪوئجڻ ڪري ٿيندا آهن.
(38) Psychic pain: هن قسم جو سور ذهني پريشانيءَ ڪري، اداسيءَ ڪري يا نفسياتي اثر ڪري مٿي ۾ پوي ٿو.
(39) Rest pain: هن قسم جو سور هيٺين عضون، خاص ڪري پيرن جي پٻن ۾ لاڳيتو باهه وارو سور ٿيندو آهي، جيڪو سور ليٽڻ سان يا آرام ڪرڻ سان ماٺو ٿئي ٿو. هن سور جي ٿيڻ جو سبب هيٺين عضون کي رت گھٽ ملڻ (Ishemia) ڪري ٿيندو آهي.
(40) Psychogenic pain: هن قسم جو سور جسم ۾ نفسياتي اثرن ۽ بيمارين ڪري پوندو آهي.
(41) Rheumatism (p.s): هن قسم جو سور جسم جي ڪنهن نه ڪنهن سنڌ (Joint) ۾ هوندو آهي، جيڪو سنڌن جي اعصابن (تنتن) ۽ مشڪن ۾ سور ۽ سوڄ (Inflammation) جي ڪري پوندو آهي.
(42)Starting pain : هن قسم جو سُور ننڊ ۾ جسم جي مشڪن ۾ رکي رکي سُور پوڻ ڪري (Spasmodic pain) پوندو آهي.
(43) Sunlight pain: هن قسم جو سور مٿي ۾ سج جي روشنيءَ ۽ گرميءَ سان گڏ پوندو آهي. جيئن ئي سج اڀرندو آهي ته مٿي ۾ سور شروع ٿيندو آهي، جنهن ۾ واڌ سج جي روشني ۽ گرمي وڌڻ سان لاڳاپيل هوندي آهي. جيئن سج لهڻ وارو هوندو ته مٿي ۾ سور گھٽ ٿيندو ويندو آهي ۽ سج لهڻ کانپوءِ سور ماٺو ٿي، لهي ۽ ڇڏي ويندو آهي. هن قسم جي سور کي سنڌ ۾ عام لفظن ۾ ’سجاوتيءَ جو سور‘ سڏيو ويندو آهي.
سور جا قسم (Types of pain): هي سورن جا احساس آهن:
(1) Beating pain، ڌڪ لڳڻ، هڻڻ وارو سور، (2) Boring pain، سل يا سوراخ ڪڍڻ وارو سور، هن سور کي Terebrant pain به چئبو آهي.
(3) Bruised pain: رهڙ ڏيڻ يا ڇلڻ وارو سور، (4) Burning pain، باهه وارو يا ساڙي وارو سور، (5)Congestive pain، گھٽ يا ٻوسٽ واروسور، (6) Constructive pain: سيٽ وارو يا سيٽجڻ وارو سور، يعني ڪنهن عضوي يا جسم جي هنڌ جي سيٽجڻ کانپوءِ سور ٿئي. (7)Cramping pain، آڪڙ وارو سور، يعني ڪنهن عضوي جي آڪڙجي وڃڻ کانپوءِ سور ٿئي. (8)Cutting pain، ڪپڻ وارو يا ڪپ ۽ وڍ وجھڻ وارو سور،
(9) Digging pain، ٻَٽَ وارو يا کوٽڻ وارو سور، (10) Distensive pain، ڇڪ وارو يا ڇڪ ڏيڻ وارو سور، يعني ڪنهن عضوي کي يا جسم جي هنڌ کي ڇڪ اچي، ان کانپوءِ سور ٿئي، هن قسم جي سور کي ‘Dragging pain’ به چئبو آهي. (11) Drawing pain، ڊوهه وارو سور،
(12) Darting pain، نيزي يا ڀالي لڳڻ جهڙو سور، هن سور کي ‘Lanciating pain’ به چئبو آهي. (13) Excrucating pain، آزاريندڙ، اذيت ڏيندڙ، عذاب ڏيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ سور، هن قسم جي سورن لاءِ لفظ Violent pain به ڪتب ايندو آهي. (14) Gripping pain،چنبو کتل سور، يعني اهڙو سور جنهن ۾ مريض کي اهو احساس (Sensation) ٿئي ته کيس سورواريءَ جاءِ تي سور جي ڪري چنبو کتل هجي.
(15) Hammering pain، هٿوڙا لڳڻ وارو سور، هن قسم جو سور گھڻي ڀاڱي مٿي ۾ پوندو آهي. (16) Intermittent pain، رکي رکي سور پوي، يا جُلبي سان سور پوي، هن قسم جي سور کي Spasmodic pain به چئبو آهي. (17) Neuralgic pain، عصبي، اعصابي، تنتن يا رڳن ۾ سور پوي، هن قسم جو سور جڏهن اکين ۾ پوندو آهي ته اسان وٽ سنڌ ۾ هن کي ’اکين جو لوطي سور‘ سڏيندا آهن. (18) Piercing pain: چڀڻ وارو يا ڇپڪي وارو سور، (19) Pressing pain، دٻائڻ وارو يا چيڀاٽڻ وارو سور، (20) Pulsating pain، ڌنوڻ وارو سور، (21) Pushing pain، زور ڏيڻ وارو، ڌڪ وارو سور، اڳتي ريڙهيندڙ سور، (22) Rheumatic pain، سنڌن يا جسم جو وائي بادي سور، اسان وٽ سنڌ ۾ هن قسم جي سور کي ’وائي بادي سور‘ سڏيندا آهن. (23) Shifting pain، ڦرندڙ گهرندڙ ۽ جايون مٽائيندڙ سور، هن قسم جي سور کي (Wandering pain) به سڏبو آهي. (24) Shock pain، اوچتو جھٽڪو ڏيندڙ سور، هن قسم جو سور صدمي ۾ پوندو آهي. (25) Shooting pain، گولي لڳڻ يا تير لڳڻ جهڙو تيز سور، (26) Sore pain، ڏوکي وارو يا ڪڙهندڙ ’ڪاڙهي وارو‘ سور، (27) Squezing pain، پيڙا وارو، يعني پيڙيندڙ سور، هن قسم جي سور کي (Squqqze pain) به چئبو آهي. (28) Stabbing pain،
گھاوَ ڏيندڙ، يا چهڪ ڏيندڙ سور، (29) Sticking pain، لٺ يا ڌڪو لڳڻ وارو سور، (30) Stings pain، ڏنگ لڳڻ وارو سور، (31) Tearing pain، ڦاڙڻ يا ٽڪرا ڪرڻ وارو سور، (32) Throbbing pain، ڌهڪي، يا ڌڌڪي وارو سور، (33) Twisting pain، ٻيڻو ڪرڻ، يا موڙڻ وارو سور،
(34) Twitching pain، جھٻي ڏيڻ، ڇڪ ڏيڻ، سٽ ڏيڻ وارو سور وغيره.
سورن جو ذڪر شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي:
مٺ مٺ سُورن سڀ ڪهين، ڪانهي سورن ڌار،
ڏنا جي ڏاتار، سي مون جهوليءَ پائي جهليا.
(ڀ) سُور جو اثر ڪيئن ماٺو ٿي/ ڇڏي وڃي ٿو؟ (Relief of Pain): جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته درد جو احساس خابرو تنتن جي پڇڙين (Sensory Nerve Endings) ۾ اُڀري ٿو ۽ اُهو درد جو احساس انسان (توڙي جانور جي) وڏي دماغ (Cerebrum) جي تنتي سرشتي جي مرڪز (Central nervous system/ CNS) تائين پهچي، انسان کي عليل ڪري وجهي ٿو، ان سور جي احساس کي تڪڙو ماٺو ڪرڻ يا سور مڪمل ڇڏائڻ لاءِ علاج طور مختلف قسمن جون Palliative drugs ۽ Analgesic drugs موجود آهن، جيڪي پنهنجن پنهنجن طريقن ۽ خاصيتن جي آڌار تي سور کي ماٺو به ڪن ٿيون ۽ سور کي لاهين به ٿيون.
انهن خاص طريقن کي هتي بيان ڪجي ٿو:
مالش ڪرڻ (Local application): مالش وارين دوائن ۾ اهڙو اثر هوندو آهي، جو سور واري جاءِ تي هڻڻ/ مالش ڪرڻ ساڻ ڪنهن ڌڪ يا رهڙ (bruised) جي نتيجي ۾ خابرو تنتن جي پڇڙين ۾ پيدا ٿيندڙ سوڄ ۽ سور (inflammation) کي ترت ماٺو ٿي سگهي ٿو ۽ سور ختم به ٿي سگهي ٿو.
سُن (Numb) ڪرڻ (Local anaesthetics): سور واري هنڌ کي وقتي طرح دوائن وسيلي سُن ڪرڻ، جيئن سور جو احساس وڏي دماغ جي تنتي سرشتي جي مرڪز (CNS) تائين نه پهچي. هن قسم جون دوائون گهڻو ڪري رانديگرن کي ڌڪ لڳڻ واريءَ جاءِ تي وقتي طرح سور کان ڇڏائڻ لاءِ اسپري ذريعي هنيون وينديون آهن، جنهن ۾ گهڻو ڪري ايٿر (Ether) ڪتب ايندو آهي. ان کان سواءِ هن قسم جون دوائون ننڍي آپريشن (Minor Operation) لاءِ لاڳاپيل جاءِ کي سُن ڪرڻ لاءِ مٿان هنيون وينديون آهن، جيئن آپريشن واري جاءِ وٽ سور نه ٿئي. اهڙيءَ طرح ڏندسازيءَ (Dentistry) ۾ ڏندن جا ڊاڪٽر، ڏند يا ڏاٺ ڪڍڻ لاءِ Lidocaine انجيڪشن جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جيئن ڏند ڪڍڻ وقت مريض کي سُور نه ٿئي.
بندش واريون دوائون (Preventive Drugs): سور جي احساس کي روڪڻ لاءِ ڪافي اهڙيون به دوائون آهن، جن جي واپرائڻ سان سور جي احساس کي خابرو تنتون وڏي دماغ جي تنتي سرشتي جي مرڪز تائين پهچڻ نه ڏينديون آهن ۽ سور جي احساس/ پيغام کي مستطيل دماغ (Medulla Oblangata) وٽ جهلي/ گهٽ ڪري ڇڏينديون آهن. تنهنڪري سور جو احساس نه ٿيندو آهي.
اوڄن جون دوائون (Tissues Drugs): سور لاهڻ جون ڪجهه اهڙيون دوائون آهن، جيڪي سنئون سڌو وڏي دماغ جي تنتي سرشتي ۾ موجود اوڄن (Tissues) کي بي حس بڻائي سور جو احساس ٿيڻ نه ڏينديون آهن. هن قسم جون دوائون (انجيڪشنون) وڏي آپريشن (Major Operation) ۽ ڌڪ لڳڻ کانپوءِ ۽ گهڻين جسماني بيمارين ۾ ٿيندڙ سور کي ماٺي ڪرڻ يا لاهڻ لاءِ ڪتب اينديون آهن.