سُو اليشو شُو اليشو

سُو اليشو شُو اليشو

سُو اليشو شُو اليشو

سُو- اليشو (يا شُو- اليشو(Su- Ilisu: : مشھور آثار قديمہ جي ماهر گريگري پوسيهل (Gregory L. Possihil) هڪ ڪتاب ’قديم ميسوپوٽيميا- هڪ مردہ تھذيب جي تصوير‘ ۾ هڪ اهڙي گولائين (cylindrical) مھر جو ذڪر ڏٺو، جنهن جو دور (پوئين اڪادي دور: 2200 ق. م کان 2113 ق. م) ۽ اُر III جي دور (2113 کان 2004 ق. م) جي وچ ڌاري ڄاڻايل هو. ان لاءِ لکيل هو تہ اها مُهر ميلوها جي هڪ ترجمان/ مترجم (Melluhan Translator) سُو اِليشو (يا شو اليشو) جي آهي، جيڪو ميسوپوٽيميا ۾ رهندو هو. پوسيهل لکي ٿو تہ ”مون کي ان ماڻهوءَ ۾ دلچسپي پيدا ٿي، ڇو جو ميلوها کي عام طور سڀئي ماهر سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب سمجهن ٿا، جيڪا منهنجي تحقيق جو فوڪس/ مرڪز رهي آهي. ميسوپوٽيميا جي ميخي خط ۾ لکيل دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو تہ اڪاد ۾ هڪ وسندي ’ميلوها وليج‘ نالي هئي، جنهن کي ان وقت جا ماڻهو ’ميلوها جو پُٽ‘ بہ چوندا هئا. ان ڪري هڪ باقاعدي مترجم جو حوالو پڙهي منهنجي دلچسپي پيدا ٿيڻ سڀاويڪ هئي.“
ماهرن جو خيال آهي تہ جنهن هنڌ تان اها مھر لڌي آهي، اتي ڪنهن ٻہ ٻوليائي (bilingual) مھر ملڻ جي صورت ۾، سنڌو لکت جي ڀاڃ ممڪن ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سميري لکت ۽ ميسوپوٽيميا جي ٻين لکتن جي ڀاڃ ٿي چڪي آهي.
ماضيءَ ۾ ميسوپوٽيميا ۾ جي. آر. هنٽر کي سميري مهرن سان گڏ سنڌو لکت واريون 30 مهرون لڌيون هيون، جنهن 1934ع ۾ اهو نتيجو ڪڍيو هو تہ چوڪور مهرون سنڌو لکت جون ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ امڪان آهي تہ ٻولي بہ سنڌوءَ واري خطي جي آهي، جڏهن تہ گول مهرون ساڳيءَ لکت ۾ هئڻ جي باوجود ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جون هجن.
فرانس جي لُوور (Louvre) ميوزيم ۾ رکيل سو اليسو/ شو اليشو (Su-ilisu Seal) نالي اها هڪ گولائين (cylindrical) مھر آهي، جنهن تي ميخي خط (cuneiform) ۾ لکت آهي. انهيءَ مھر جو ذڪر اسيريالاجيءَ جي ماهر اي. ليو اوپنهائم (A. Leo Oppenheim) جي Ancient Mesopotamia: Portrait of a Dead Civilization نالي ڪتاب ۾ موجود آهي، جنهن کي گريگوري ايل. پوسيهل (Gregory L. Possehl) منظر عام تي آندو.
انهن ٻنهي ماهرن جو خيال آهي تہ ان مھر ۾ لکيل آهي تہ اها مھر اُن ماڻهوءَ جي آهي، جنهن جو نالو سو- اليشو (Su-ilishu) هو، جيڪو اڪاد جو رهواسي هو (اٽڪل 2020 ق. م ۾) ۽ ميلوها جي ٻوليءَ جو مترجم يا ترجمان هو. ڪيترن ماهرن موجب ميلوها، سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن يا سندن تھذيب لاءِ ڪتب آيل آهي.
ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ ميلوها ۾ جيڪا بہ ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. سُو اليشو ان جي لکت جو ڄاڻندڙ هو ۽ کيس اڪاد جي يا سمير جي ٻولي پڻ ايندي هوندي. ڊاڪٽر آسڪو پرپولا بہ پنھنجي ڪتاب ‘Deciphering the Indus Script’ ۾ ان مھر جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کي پنھنجي تحقيق جو بنياد بہ بنايو آهي. اڪاد ۾ ان مترجم يا ترجمان جي موجودگيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ ٻنهي تهذيبن جا پاڻ ۾ جيڪي تجارتي، سماجي ۽ ٻيا لاڳاپا هئا، تن ۾ ٻولين جي ڏي وٺ بہ شامل هوندي. هڪ ٻئي ڪتاب Art of the First Cities: (The Third Millennium BC from the Mediterranean to the Indus) جنهن جا ايڊيٽر ’جون اروز‘ ۽ ’رونالڊ والنيفلس‘ (Joan Aruz, Ronald Wallenfels) آهن، انهيءَ ۾ مھر جي تعارف بابت ساڳيو احوال لکيل آهي تہ:
‘Cylinder Seal of Shu- ilushu, interpreter of Melluha’ يعني ’ميلوها جي ترجمان شو اليشو جي مُهر‘، ان تي جيڪا لکت آهي، جنهن سان ٻنهي خطن جو تعلق جڙي ٿو. ان کان اڳ قديم بابلي دور جي هڪ لکت موجب سارغون جي حڪومت ۾، اڪاد ۾ ميلوها جا ٻيڙا ايندا هئا، ڪجهہ ٻين لکتن ۾ آهي تہ ميلوها جا ماڻهو پڻ اوڏانهن تجارتي مال کڻي ويندا هئا. ان دور ۾ مهرون، موتي، (تورڻ جا) وٽَ سنڌو ماٿريءَ مان اتي پهتل هئا. ڪن آثار قديمہ جي ماهرن تہ لکيو آهي تہ هتان ويل ماڻهن اتي پنھنجي وسندي (Indus Colony in Mesopotemia) ٺاهي هئي، جنهن بابت ڪجهہ ليک نيٽ تي پڻ ملن ٿا.
شري نواسن ڪليانارامن جي لکيل ڪتاب Indus Script Cipher: Hieroglyphs of Indian Linguistic Area جي صفحي 225 تي لکيل آهي تہ ’هن مھر ۾ هڪ ميلوها جو واپاري آهي، جنهن کي ميلوها جي ٻوليءَ جو مترجم/ ترجمان گهربل هو، جيڪو اڪادي ٻوليءَ ۾ ان کي ترجمو ڪري سگهي تہ هن کي هڪ ترجمان مليو، جنهن جو نالو شو- اليشو هو، جيڪو ميخي خط ۾ صاف پڙهڻ ۾ اچي ٿو.‘
ڪيترن ئي ٻين ڪتابن ۾ اهڙا حوالا ملن ٿا. مثلاً: Harriet Crawford جي ايڊٽ ڪيل ڪتاب The Sumerian World جي صفحي 336 تي لکيل آهي تہ ”هڪ اهڙي گولائين مھر تي ان جي مالڪ بابت لکيل آهي تہ ”سُو اليشو- ميلوها جو ترجمان“. هن مھر ۾ اهو ترجمان هڪ ديويءَ جي هنج ۾ ويٺل آهي ۽ ڪجهہ لکي يا ترجمو ڪري رهيو آهي، سامهون هڪ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ٻڪري (يا هرڻي) آهي.“
ياد رهي تہ اڪثر ميسوپوٽيميائي لکتن ۾ دلمون (Dilmun)، مگان (Magan) ۽ ميلوها (Melluha) سان واپاري ناتن جو ذڪر اچي ٿو. ڪن عالمن دلمون تہ ڪن ميلوها جي سنڌو ماٿريءَ سان نسبت ڏيکاري آهي. مڪان يا مگان کي مڪران ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. پاڪستاني اسڪالر نعيم طاهر، هن ڏس ۾ پنهنجو ڪتاب Melluhas of the Indus Valley لکيو آهي. سميريالاجيءَ جي ماهر نوح ڪريمر ۽ ان جي حوالي سان سنڌي عالم سراج، دلمون کي سنڌوءَ جو خطو ڄاڻايو آهي. بهرحال هڪ ڀيرو وري شو اليشو ڏانهن اچجي تہ ان نالي جو هڪڙو ٻيو دلچسپ رخ نظر اچي ٿو.
انهيءَ ساڳئي نالي سان هڪ سمير جو بادشاھہ پڻ ٿي گذريو آهي، جنهن کي مختلف لکتن ۾ ’اُر‘ جو بادشاھہ ’قوم جو ديوتا‘، ’اِسين (Isin) جو بادشاھہ‘ وغيرہ لکيو ويو آهي ۽ هن جو دور 1920- 1911 ق. م ڄاڻايو ويو آهي، پر چئي نہ ٿو سگهجي تہ هنن جو پاڻ ۾ ڪو تعلق هو يا نه، ڇاڪاڻ تہ ٻنهي جي دورن ۾ واضح فرق آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو