سُکومل باگاڻي

سُکومل باگاڻي: سُکو مل 2 سيپٽمبر 1917ع تي ضلعي بدين جي شھر ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. هن هڪ ئي وقت، ڪهاڻي، شاعري، ناٽڪ ۽ مضمون لکندو هو. سندس شايع ٿيل هڪ ڪتاب ‘جوڌپور جي سنڌين جي ڊائريڪٽري’ مشھور ٿيو، جنهن ۾ اتي رهندڙ سنڌين جي نوڪرين ۽ ڌنڌن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. سندس شاعري ۽ مضمون ڪيترين ئي اخبارن ۾ ڇپيا هئا، جن ۾ هندو، ڀارت ڀومي، هندو واسي ۽ سھڻي وغيرہ ۾ شامل آهن. آل انڊيا ريڊيو تان اڏيري لعل بابت وارتائون بہ چوندو هو. ورهاڱي کانپوءِ بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو