سُهائي ٽالپر

سُهائي ٽالپر

سُھائي ٽالپر

سُھائي ٽالپر: سُھائي ٽالپر، نامياري ڊاڪٽر ۽ اديب عزيز ٽالپر جي نياڻي آهي. هن ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ۾، 23 سيپٽمبر 1987ع تي جنم ورتو. هيءَ خاندان جي پهرين عورت آهي، جنهن اعليٰ تعليم حاصل ڪري، 15000 اميدوارن ۾ سڀ کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪري، سي. ايس. سي جو امتحان پاس ڪيو آهي. اِن امتحان ۾، عورتن ۾ ٽيون نمبر اچي، سنڌ ۾ پوليس کاتي ۾ ٽين عورت اي. ايس. پي جو عهدو حاصل ڪيو آهي. هن نياڻيءَ جي ڪاميابيءَ ۾ سندس روشن خيال والد ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ والدہ غلام سڪينه ٽالپر جو وڏو هٿ آهي، جن زندگيءَ جي هر موڙ تي سندس همت افزائي ۽ رهنمائي ڪئي ۽ ڌيءَ کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ وقت غلط ريتن رسمن ۽ سماجي رڪاوٽن جي ڪا بہ پرواھہ نہ ڪئي.
سھائي ٽالپر جو چوڻ آهي تہ کيس ابتدا کان وٺي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ جو گهڻو شوق هو، ان ڪري هن CSS جو امتحان، پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ جي حوالي سان ڏنو. هوءَ سنڌي عورتن ۾ سنڌ جي ٽيون نمبر ۽ لاڙ جي علائقي توڙي ٽالپر خاندان جي پهرين عورت اي. ايس. پي مقرر ٿي آهي. پوليس ڊپارٽمينٽ ۾، عورتن جي اچڻ سان سنڌي سماج ۾ بهتري ايندي.
سھائي عزيز، پري اسڪول تعليم (نرسري) CBS ٽنڊي محمد خان ۾ حاصل ڪئي، پهرئين کان ٽيون درجو شاھہ لطيف اڪيڊمي ٽنڊي محمد خان ۾ پڙهي ۽ چوٿين کان نائين درجي تائين فوجي فائونڊيشن ٽنڊي محمد خان ۾ تعليم حاصل ڪئي، جڏهن تہ مئٽرڪ 2003ع ۾، انٽرميڊئيٽ 2005ع ۾ بحريه فائونڊيشن حيدرآباد مان پاس ڪيائين. بي. ڪام گورنمينٽ زبيدہ گرلس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪرڻ کانپوءِ چارٽرڊ اڪائونٽنسي ماڊيول A ۽ B الحمد اڪيڊمي حيدرآباد مان ۽ ماڊيول C، SKANS اسلام آباد مان ڪيائين. ايم. اي اڪنامڪس 2011ع ۾ زبيدہ گرلس ڪاليج مان ڪيائين. سي. ايس. ايس. جي تياري ڪاميڪس اڪيڊمي حيدرآباد ۾ سيپٽمبر 2011ع ۾ ڪيائين ۽ 2012ع ۾ CSS جو ڪاميابيءَ سان امتحان پاس ڪري پوليس سروس پاڪستان ۾ اي. ايس. پي طور ڪاميابي ماڻيائين.
سھائي ٽالپر اسڪول ۽ ڪاليج دوران بھترين ڊبيٽر ۽ مقرر رهي آهي، ڪاليج جي شاگردياڻين جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي هيڊ گرل پڻ بڻي ۽ هميشہ پوزيشن هولڊر رهي.
سھائي ٽالپر، هاءِ اسڪول جي تعليم دوران ’سنڌي ٻالڪ تنظيم‘ ۾ سرگرم رهي چڪي آهي، جنهن پليٽفارم تان هن مختلف علمي ۽ ادبي تنظيمن جي ڪيترين تقريبن ۾ شرڪت ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.09.23  عيسوي

سُهائي ٽالپر ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ۾، 23 سيپٽمبر 1987ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيري رحمان
ڀوڄراج ڪرمچند ڇاٻڙيا
حسين بخش وڳڻ
نيڪ محمد سومرو
شيخ مومل
عبدالرحيم مگسي
سيد صلاح الدين شاھہ
غلام حيدر صديقي
ٽانوري خالق ڏنو وڪيل
فيض محمد شيدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون