سُھندي برهمڻ: سُھندي برهمڻ (عربي اُچار: ’حسنہ‘)، راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي هئي. ’فتحنامه سنڌ‘ عرف چچنامي ۾ علي ڪوفيءَ ڄاڻايو آهي ته، ”راجا ڏاهر جي مارجي وڃڻ کانپوءِ عربن راوڙ ڏانهن رُخ ڪيو، جتي عربن کي فتح حاصل ٿي ۽ انهن راوڙ جو قلعو قبضي ۾ آڻي، ماڻهن تي تشدد شروع ڪيو. قلعو فتح ٿيڻ کانپوءِ ڏاهر جي ڀيڻ مايين ۽ ڀاڻيجي حسنہ (سُھندي) پنھنجي عزت بچائڻ خاطر باھہ جو مچ تيار ڪرائي، سڀني عورتن کي گڏ ڪري، چوڻ لڳيون تہ اسين برهمڻ خاندان جون عورتون آهيون، دشمن ملڪ فتح ڪري چڪو آهي. هاڻي بهتر اهو ئي آهي تہ دشمن جي هَوس جو شڪار ٿيڻ کان پنهنجو پاڻ کي باھہ جي حوالي ڪري امر ٿي وڃون. اهو چئي سڀ کان پهرين مايين پنھنجي عزت بچائڻ خاطر پنھنجي پاڻ کي باھہ جي حوالي ڪيو، ان کانپوءِ هر عورت ان مچ ۾ ٽپو ڏيڻ شروع ڪيو، ان دوران محمد بن قاسم جو لشڪر اچي رسيو ۽ باقي عورتن کي گرفتار ڪري ورتائون. هنن کي قلعي مان گهڻو خزانو ۽ ٽيھہ هزار ٻانھا ۽ ٻانهيون بہ هٿ آيون، جن ۾ ويھہ هزار ڪنواريون ڇوڪريون بہ هيون. انهن ويھہ هزار سنڌ جي نياڻين ۾ ٽيھہ راجائن جون ڌيئرون ۽ هڪ راجا ڏاهر جي ڀاڻيجي ۽ مايين جي ڌيءَ حسنہ (سُھندي) بہ شامل هئي. محمد بن قاسم هٿ آيل خزاني جو وڏو حصو ۽ ٽيهن راجائن جي ڌيئون، مهاراجا ڏاهر جي ڀاڻيجي حُسنه سميت حجاج بن يوسف جهڙي ظالم حاڪم ڏانهن ڏياري موڪليون. حجاج وٽ جڏهن هي عورتون ۽ سامان پهتو تہ ڏاڍو خوش ٿيو.“ (حوالو: چچنامو، ص: 65 کان 70، 72، 76 ۽ 96).