
سُهڻي رسالو

سُهڻي رسالو
سُھڻي (رسالو): سنڌي ٻوليءَ جو مشھور رسالو سُهڻي، نامياري ڪهاڻيڪار طارق اشرف جي ادارت ۾ نڪرندو هو. ’ادارہ نو ادب‘ پاران مختلف ڪتابن جي اشاعت کانپوءِ هن رسالي جو اجراءُ سنڌي ادب ۾ اهم پيش رفت ثابت ٿيو. 1970ع واري ڏهاڪي کي سھڻي رسالي جو پهريون دؤر ليکيو وڃي ٿو. لڳاتار نوَ سال هي رسالو پڙهندڙن جي پسند سان نڪرندو رهيو. ان وچ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي 80 کن ڪتابن، ڪجهہ رسالن ۽ پريسن تي حڪومت سنڌ پابندي مڙهي، جن ۾ ’سھڻي‘ رسالو بہ شامل هو. طارق اشرف سهڻيءَ ۾ نہ رڳو نڪور ڪهاڻيون، شاعري ۽ ٻيا اهم سلسلا شروع ڪيا، پر ان پرچي جا ڪي خاص نمبر بہ ڪڍيا، جنهن تحت ’شخصيت نمبر‘ جي روايت وڌائين. پهريون ڀيرو سھڻي رسالي پاران ’امر جليل‘ نمبر ۽ ’نسيم کرل‘ نمبر شايع ٿيا. رسالي جي ٻئي دؤر ۾ ’شيخ اياز‘ جي شاعريءَ ۽ شخصيت تي ٻہ شاندار نمبر ڇپايا ويا. سھڻي رسالي جو ٻيو دؤر مارچ 1989ع کان شروع ٿيو ۽ طارق اشرف جي وفات (14 اپريل 1992ع) تائين جاري رهيو. ’سھڻي‘ رسالي جا ٻئي دؤر شاهڪار رهيا آهن. سنڌي ادب ۾ هن رسالي انيڪ نوان ليکڪ پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو. سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي توڙي قومي فڪر کي هٿي ڏيندڙ نج تخليقي مواد هن رسالي جي زينت رهيو. طارق اشرف جا لکيل ايڊيٽوريل هميشہ پڙهندڙن جي ڌيان جو مرڪز ۽ دل کي ڇهندڙ رهيا. اظهار جي آزاديءَ جي حوالي سان بيباڪيءَ سان لکڻ ڪري طارق اشرف ٻہ ڀيرا جيل ۾ پڻ ويو. هن رسالي جو جديد سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي.